سنڌڙي جو راءِ ڏياچ ڀائي ڪنور
مون نه ٻيجل کي ٻڌو ۽ نه راءِ ڏياچ ڏٺو. پر مون ھڪ اھڙو لکن جو رانجھو ضرور ڏٺو ۽ ٻڌو جو سريلو به رس ڀريو ھو، سخي به اھڙو جو ڏيئي نه پچاري ۽ پڇاڙيءَ جو سر ڏيئي ان عيوض ابدي حيات ماڻيائين. اھڙو مائي جو لال ۽ سنڌڙيءَ جو راءِ ڏياچ ھيو ڀائي ڪنور ڀڳت.
ڀائي ڪنور، ميرپورماٿيلي تعلقي جي ھڪ واھڻ ”جروار“ جو ڳوٺاڻو ۽ ھڪ مسڪين ۽ فقير منش ھٽ واڻيو ھو. سندس علمي لياقت ته پنجن سنڌي درجن ۽ ھٽڪي اکرن جي سڃاڻ تائين محدود ھئي. پر اندر جو سوجھرو الاھي ھيس، جنھن جو جرڪو سندس پيشانيءَ ۾ پيو بکندو ھيس. ڏيک ويک کان ڪوھين ڏور، ڪپڙي لٽي ۾ ساڌڙو، ڳالھه ٻولھه ۾ سٻاجھڙو نماڻو ۽ قربائتو. ٻڍا جوان ۽ ٻار ته ڇڏ پر اڌ اگھاڙي پينو فقير سان به ڳالھائيندو ته ٻيئي ھٿ ٻڌي! ڄڻ ھٿ جوڙي معافي وٺي رھيو ھو. مون کي ياد نه آھي ته ڪنور، سواءِ ٻانھون ٻڌڻ جي ڪنھن سان به مخاطب ٿيو. معلوم ائين ٿيندو ھيو ڄڻ سندس ٻنھي ڪراين ۾ آزي ۽ عاجزي جو ھٿڪريون پيل ھونديون ھيون.
جي عاجزي سندس عادت ھئي ته راڳ سندس عبادت ھئي. ننڍڙي لاڪر ڳائڻ سان دلي لڳاءُ ھيس جو وڌندي وڻ ويڙھي ٿي، سندس رڳ رڳ کي وڪوڙي منجھنس سمائجي ويو. ڳائڻ ڏات آھي جنھن کي ڏاتر ڏئي، پوءِ ڪي ان کي پيٽ پوڄا جو وسيلو بڻائن، ڪي ان پاڪيزه سوغات کي جسماني خواھش ۽ نمائش سان گاڏڙ ڪري پنھنجي ڪاڪ ڪاري ڪن. ڀائي ڪنور ”آلاپ“ کي سچي سائين جي سوکڙي ڄاڻي کيس ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو. ڀڳت ۾ آئي پنھنجي آلاپ جي ابتدا ”سائين جي ساراه“ سان ڪندو ۽ ھميشه پوئين اسر کان شروع ٿي پره ڦٽيءَ تائين وڄندو ۽ نچندو رھندو ھيو. سر آساوري ۽ پرڀاتي سندس دلپسند سر ھوا. اسر ويل اٿي ”الک اورڻ“ جي لئه ۽ سواد جو پتو انھن کي بخوبي ھوندو جن ڀنڀرڪي جو اٿي پنھنجو رام ريجھايو ھوندو. مون جھڙن گڏھن کي ڪھڙي خبر اھڙي موج ۽ مزي جي، جن پنھنجي عمر ۾ سج کي اڀرنديئي ٻه چار دفعا مس ڏٺو ھوندو.
ڀائي ڪنور جي ڀڳت ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جھڙي ھوندي ھئي. توڙي جو ان لاءِ اوجاڳو ۽ اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو ھيو. ڇاڪاڻ ته جڏھن ھئومئو ٽري، اڌ رات وھامي اسر ٿئي ته پوءِ ڪنور نڪري نروار ٿيندو. جسم تي جامون جلويدار پھريل، مٿي تي پڳڙي ۽ ڳچي ڳل بوڇڻ جو ڳارو ۽ پيرن ۾ گھنگھرو. ڇيم ڇيم ڪندي ايندڙ ڏسبو ته اھوئي ٻيئي ٻانھون ٻڌل، ڪنڌ ۽ ڪياڙي نوڙت ۽ نيازيءَ ۾ جھڪيل، ھر آئي وئي ۽ ھر ويٺل ۽ بيٺل کي نمسڪار ۽ پرنام ڪندي، ميڙ جي وچ ڌاري اچي پنھنجي جاءِ تي بيھندو. جوڙيل ھٿ ٽوڙي ھڪ ڪن تي ۽ ٻيو ھٿ ٻڌندڙن جي سڌ ۾ سڌو ڪندي چپ چوريندو ته پھرين ھڪل اھا ھوندي ته ”شل ڪا ٻاجھه پويئي.“
پوءِ شروع ٿيندو ڪلام عارفاڻو يا فقيراڻو، ڪڏھن ڪبير يا فريد جو، ڪڏھن بيڪس ۽ بيدل. پر عام طور تي ”شاه ڀٽائي.“ ڪنڊڙيءَ جي فقيرن يا گھڻو ڪري ڀٽائي گھوٽ جو ڪلام ڳائيندي ڪنور جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي. آلاپ کي عروج ۽ اوج تي آڻي موج ۾ مست ھاٿيءَ جيان پيو نچندو جھومندو ۽ رڙندو. ”مون کي تن ماروئڙن جي، تن سانگيئڙن، تن ڏوٿيئڙن جي آءُ ڪانگا آءُ ڪانگا، آءُ ڪانگا ڪر ڳالھه مون کي تن پانڌيئڙن جي . . . “ اڀو اوساريندي سندس نماڻي نيڻن جون نير جاري ٿيندو. اکين جو آب ڇلڪيندي ريلا ڏيئي پيو وھندو ۽ نچندي وڏڦڙي جيان پيو ٽمندو. آلاپ جو اھو پتو نه پوندو ته گونج آھي يا گاج. ”ڪين وڻن، ڪين وڻن، . . . ڪيئن وڻن تنھنجا ماڙيون ۽ بنگلا . . . مصرع تي اچي سندس ڪنڌ ڌوڻ به لھر ۾ ايندي. ڪين وڻن . . .سون ڪڙيون ڪٺمال . . . مون کي تن ماروئڙن جي . . . “ پھريون پاڻ اڪيلو تي رنو ۽ رڙيو پوءِ ته ”ڪيئي وڏيرا روئيندي ڏٺم راڄ ۾ .“ ڪنور جو ڪمال اھو جو ھر جيءَ ۾ جادو لائي ڏيندو ۽ محسوس ائين پيو ٿيندو ته ھر ٻڌندڙ جو اندر مالڪ اڳيان پيو ٻاڪاري ته ڪڍ بندياڻي ھن بند کان، آءٌ ٻن ڏيان ھن خاڪي ڪوٽ ۽ سندس سونھري ڪنگرن کي.
ورھاڱي کان اڳ ”ڀڳت“ ھندو سنڌي ثقافت جو اھم حصو ليکي ويندي ھئي. ھر ڳوٺ خواه شھرن ڻ عام ڏڻن، ورسين يا خوشيءَ جي موقعن تي ”ڀڳت“ جو انتظام ڪيو ويندو ھو. اڄ ڪلھه جي قوالن جيان ڀڳتن جون به ڪيئي ٽوليون ھونديون ھيون. ڀڳتين ۾ شھري ۽ ڳوٺاڻا ھر قسم جا ماڻھو شريڪ ٿيندا ھوا ۽ ماڻھن جي ميڙ جو دارومدار ڀڳتين جي ساک تي ھوندو ھيو. ڪنور جي ڀڳت ھڪ عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي ھئي. ماڻھن جي پيھه جو سبب ڪنور جو آلاپ علاوه سندس سخا ھئي. جو ڪجھه معاوضه ملندو ھيس، اھو ٿڏي تي غريبن ۽ فقيرن جي درميان ورھائي ڇڏيندو ھو ۽ کيس ڪافي ڪجھه پلئه پوندو ھيو. ھڙان ۽ وڙان ته ڏيندو ھيو پر جي حاجتمند ۽ محتاجن جي حاج پوري نه ٿيل نه ڏسندو ھيو ته ڀڳت دوران پنھنجي جهولي جھليندو ھو. پھرياڻ جو پاند ھٿن ۾ ڦھلائي ھوڪو ڏيندو ھو ته ”ڀائي ڏھ ھزاري جھولي آھي جو ڀريندو جس کٽندو ته سچو سائين سندس ڀلو ڪندو.“ مون کي ياد نه آھي ته ڪڏھن سندس جھولي خالي ويئي. جھولي واري رقم سفيد پوش محتاجن وچ ۾ ورھائي ويندي. ڪن کي نياڻيون اٿارڻيون ھونديون ھيون ۽ کين ڏاج ڏيوڻ جي پھچ نه ھئي، ڪن مٿان وري قرضن جا انبار چڙھيل ھوا. ڪي وري اھڙا ڦڏن ۾ ڦاٿل ھوا جن جو حل سواءِ ناڻي جي نه ھيو.
ڪنور جي سخا ڪنھن خاص فرد يا طبقي تائين محدود نه ھئي. محتاجن ۾ اڪثريت مسلمانن جي ھوندي ھئي. ھندن ۾ پنڻ جو شوق ۽ شغل البت گھٽ ھوندو ھيو. خير خيرات ۾ ڪنور جي منھن کي ڪڏھن نه ڏٺو. جو آيو سو اگھيو. کيس فقط ھي احساس ھوندو ھيو ته ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي سندس ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سندس فرض ادائي ھئي.
جڏھن ڪنور جي شاديءَ جي ٿٿ ٻڌي ويئي ته ٽن ڏينھن بعد ھڪ شائق، ڪنور کي سندس ڪنوار لاءِ چار جوڙا ڪپڙن جا ڀرت ڀريل ھڪ بوسڪيءَ جو ٿان ساڻ ڪري کيس نذراني طور ڏيئي ويو. ڀائي ڪنور ڪپڙن جي ڳنڍ وٺي گھر رکي ڇڏي. ساڳي ڏينھن شام ٽاڻي ھڪ مسڪين مائي اچي سندس گھر جو ڪڙو کڙڪايو. چي ابا نياڻيءَ جي شادي رچائي اٿم. سڀاڻي گھوٽيتا اچي گھر سڙندا. ماني ته آھي الله جي، پر گھوٽ ڪنوار لاءِ جوڙا پوتا ڪٿان آڻيا؟ آءُ بيواھي رن زال! ڪٿي در در وڃي ھٿ ٽنگيان؟ ڀائي ڪنور اندر وڃي ڳنڍ کڻي اچي ٻڍڙي مائيءَ جي حوالي ڪئي. چي امڙ اچي وٺ پنھنجي امانت. مون صبح کان ويٺي سانڍي. شڪر ٿيو مال اصلي مالڪن کي مليو. ڀائي ڪنور ڀلجي به ڪڏھن پاڻ تي سخاوت جو الزام مڙھجڻ نه ڏنو، ھميشه چوندو ھيو ته ڀائي مون وٽ آھي ڇاجو ڪنھن کي ڏيان؟ ڏيڻ وارو ٿو ڏيئي ۽ وچ ۾ آءُ اچي خوامخوه ڦاٿو آھيان. چٺي لکندڙ ھڪڙو چٺي وٺندڙ ٻيو پر سرنامون ھميشه ھوندو. ”معرفت منھنجي ۽ ڦري ملي فلاڻي کي“ ڏيئي نه پچارڻ جي ڏات جا ڪنور کي حاصل ھيئي ان لاءِ ڪيئي روئندا ڏٺم. جمشيد مھتا جي سوانح حيات پڙھندي جڏُھن سندس ھي دعا پڙھيم ته ”اي جڳ جا ڌڻي مون کي ويساري جي ايتري توفيق عطا ڪر جو جڏھن به تنھنجي نالي تي ڪجھه ڏيان ته اھڙو عمل ھڪدم ڀلجي وڃان ۽ اھو ڪڏھن ياد نه رھيم ته مون ڪجھه الله ڪارڻ ڏنو.“ ته مون کي ڪنور ياد اچي ويو. ڪيترو نه خوشنصيب انسان ھئو جو کيس اھڙي دعا گھرڻ جي لوڙ ئي نه ھئي.
زندگي ۽ موت الله پاڪ جو خاص پورٽ فوليو آھي جنھن ۾ ڪنھن کي ڀائيوار نه بڻايو اٿس. ھا البت سندس دائره اختيار ٻيا به گھڻائي آھن. جھڙو شفا، انصاف ۽ سخا، جن جي نقش قدم تي انسان جيڪڏھن دز برابر به پيروي ڪري ٿو ته قدرت کيس نعمتن سان ايترو مالامال ڪري ٿي جو سندس ھيڻي ھٿ طفيل ھزارھا حاجتمندن جي مشڪل ڪشائي ٿئي ٿي. دراصل پوءِ اھو انسان قدرت جي ڪاروبار جو ھٿيو بڻجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ماڻھن جا جملي مسئلا ۽ معاملا انسانن ذريعي ئي ادا ٿين ٿا. قدرت جو اولين ۽ اڻٽر قانون ھي آھي ته حيلي رزق ۽ بھاني موت. ”الله ڏنو“ ضرور ٻڌندا ٿا اچون، پر ھي ڪڏھن به نه سڻيو ته ڪو ”الله ماريو“ به ڪنھنجو نالو آھي!
جئن جئن وقت گذرندو رھيو ڀائي ڪنور جي وسيلي آلاپ جو پڙلاءُ، سندس سنت ۽ سخي ھئڻ جي ساک چوڏس چوڌار ھڪ کستوريءَ جي خوشبوءَ جيان ڦھلندي رھي. پري پري جا ماڻھو سفر جا جاکوڙا ڪڍي وٽس اچڻ لڳا. پوءِ ڪي سندس راڳ ٻڌڻ، ڪي آسيس ۽ آشيرواد وٺڻ ۽ ڪي فقط درشن پسڻ لاءِ. اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻھن خاص طور غريب ۽ مسڪين عوام جي ڏکئي وقت پرگھور ۽ پرادخت لاءِ ڪي به ادارا وجود ۾ نه آھن. ان باعث اسان جي ديس جا اڪثر ماڻھو ڪنھن سھاري اڀل ۽ آسري جي تلاش ۾ رھن ٿا. اسان وٽ ويچاري ماڻھو جي بيڪسي ۽ بيوسيءَ جو عالم ھي آھي جو جيئرا ماڻھو ”مئن“ وٽ فقط ھن لاءِ حاضري ڀرين ٿا ته جئن سندن روزمره جي ضرورتن جي پورت ٿئي ۽ سندن مشڪلاتون آسان ٿين. ڀائي ڪنور ته جيئرو جاڳندو ديوتا ھيو. سو ماڻھن ۾ سندس مڃتا ۽ مقبوليت ۽ عقيدت ان قدر عام ٿي چڪي جو واڻين آخر کيس ”اوتار“ ڪري پوڄڻ شروع ڪيو جو سلسلو اڳتي ھلي ڀائي ڪنور جي سر ڏيڻ جو ڪارڻ بڻيو.
ماه جولاءِ 1939ع جي ھڪ ڏينھن نڀاڳي سکر جي اناج بازار ۾ ھڪ مسلم نوجوان جو ڪنھن ھندو دوڪاندار سان ”تون ڇا تون ڇا“ ڪندي تڪرار ٿي پيو. انھيءَ دور ۾ بدقسمتيءَ سان ھندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ تي چڙھيل ھئي، ساکرو ھندو تعصبي آگ ۽ فساد ڦھلائڻ جا ڪوڏيا ھوا. مسلمان نوجوان کي اڪيلو ۽ بي ھٿيار ڏسي چند بي خير ھندو دوڪاندارن نه فقط سندس بيعزتي ڪئي ، پر کيس مارڪٽ پڻ ڪئي.
ڀرچونڊيءَ جي مريدن ۾ تاءَ اچڻ ھڪ لازمي امر ھيو ، پر سکر جي ڪليڪٽر مسٽر ڪوٺا والا جي بروقت جوڳا قدم کڻڻ ڪري ھندو مسلم فساد ٽري ويو. ھندو پنجائت طرفان معافي ورتي ويئي ۽ اھو اڻ وڻندڙ واقعو وقتي طور لئه مٽي ٿي ويو. پر ڀرچونڊيءَ جي ڪن شيدائين ۾ شورش بدستور قائم رھي ۽ انتقام وٺڻ جو بھترين طريقو ھي رٿيو ويو ته جملي ھندو جاتيءَ کي اھڙي ڀاري سزا ڏني وڃي جو عمر ڀر ياد رکن. ان فيصلي جو نزلو اچي ڪنور تي ڪريو ڇاڪاڻ ته ھو سنڌ جي ھندن جو مقبول عام، مھاتما ۽ مھاپرش ھيو. ھي ھيو ڪنور جو قصور! ڪنور جي ڪوش جو ڪارڻ!