خسرو خان چرڪس
انھيءَ دور جا اسان جا ديسي دوست پنھنجي پيٽ پوڄا گڏ الله جي بي زبان ۽ گونگي مخلوق جي جياپي جو پڻ گھڻو خيال رکندا ھئا. ھي سندن روزمره جي زندگيءَ جو ڪجھه نيم ھيو. جيئن ڪوٺن جي بادگير تي چڙھي ڪانون کي پاروٿي روٽيءَ جا ڳڀا کارائڻ، ڪبوترن، ڳيرن ۽ جھرڪين لاءِ ٻاجھري، جوئر ۽ پاڻي جا پاٽڙا ڀري وڻن ۾ ٽنگڻ. درياه يا واھ ڪناري جي مڇين ۽ کڳن لاءِ ڳوھيل اٽي جون ڳوڻيون اڇلڻ. ماڪوڙين ۽ ڪولين جي ٻرن لڳ مٺائي ۽ مستي جون پڙيون رکڻ وغيره.
ليڪن اھڙي انساني سخا ۽ خدا ترسيءَ جا ڪم ڪندڙ اڪثر تر ھندو، پارسي، ٻوڌي يا جين ڌرم جا پوئلڳ ھوندا ھوا. باقي اسان جي مسلمانن تي ان ڏس ۾شايد ڪا به اخلاقي، انساني يا ديني ذميواري عائد نه آھي.ڇاڪاڻ ته اسين خدا جي خاص معشوق قوم آھيون ۽ اسان کي ٻڌو ليسن مليل ھيو ته اسين نه فقط پنھنجي رزق جي وسيلن گھوڙن، گڏھن ۽ ڏاندن تي لاٺي چارج ڪريون پر تترن، ٻٽيرن، ڪڪڙن ۽ ڪتن جون ويڙھيون ڪرايون يا گليل، گز ڪمان، ڄار ۽ ڪوڙڪين ذريعي پکي ۽ جانور ڦاسايون ۽ ڦٿڪايون. بلڪه پنھنجي وندر ۽ شوق شڪار لاءِ بڙڇين ۽ بندوقن سان گگدامن جو قتل عام به ڪريون.
اسان جي واغظ ڪندڙ مذھبي ٺيڪدارن عام ماڻھن کي قبر جي عذابن، قيامت جي سختين ۽ دوزخ جي دڙڪن ڏيڻ سان ته سندن سمورو خون خشڪ ڪري ڇڏيو آھي. پر کين ھي ٻڌائڻ ھميشه وسري پئي ويو آھي ته الله جي رحمت ۽ بخشش جو سمورو دارومدار انسان جي پنھنجي اعمال ۽ ھلت چلت تي آھي. ته ھو پاڻ ٻين ساھ وارن تي ڪيترو رحم ڪري ٿو، يا ٻين جون خطائون درگذر ڪري ٿو يا ٻي زندگيءَ جو احترام ڪيترو ٿو رکي. جو انسان پنھنجي حياتي ۾ ڪنھن کي به ٽڪو نه ٿو بخشي ۽ الله کان پنھنجي تمام زندگيءَ جي گناھن لاءِ بخشش جي اميد ٿو رکي، ظاھر آھي ته سندس بخشش ڇا ٿيندي؟
اسين مسلمان اڪثر ھن عظيم غلط فھمي جو شڪار آھيون ته جانورن ۽ ساھ وارن تي ترس کائڻ ۽ کين نه ڏکوئڻ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جا ڌرمي اصول آھن. حالانڪه ازروءِ اسلام، جيتري قدر جانورن تي ڪھل کائڻ ۽ ساڻن رحمدليءَ جو سلوڪ ڪرڻ لاءِ ھدايت ڪيل آھي اوترو شايد ئي ڪنھن مذھب ۾ ھجي. جانور ته درڪنار پر فتح مڪه وقت رحمت العالمين جن اعلان ڪيو ته ”مڪه معظمه رحمان الرحيم جي رحمت جو مرڪز آھي. ھن ھنڌ پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ، وڻن کي وڍڻ ۽ ساوڪ کي ڪپڻ حرام ۽ گناه آھي.“ جڏھن حضرت عباس حضور جن جو ڌيان ھڪ گاه ”انضر“ ڏانھن ڇڪايو جو مڪه ۾ باه ٻارڻ لاءِ ڪتب ايندو ھيو. ته فرمايائون ته ”خشڪ ۽ سڪل ٻوٽي کي فقط ھٿ سان اکيڙيو وڃي.“ ان مان ظاھر آھي ته جو مذھب سبز وڻ ۽ سائي گاه لاءِ ايترو احترام رکي ٿو اھو ساھ وارن جي خون خرابي ۽ رتوڇاڻ کي ڪيئن روا رکندو؟ دوران حج ۾ ته حاجين کي مٿي کنھڻ لاءِ به منع ٿيل آھي ته مبادا ڪا جونءِ يا ليک جي ھتيا ٿئي.
بي زبان ۽۽ گگدام جانورن جي پرگھور لھڻ، سندن پرادخت ڪرڻ ۽ ساڻن رحمدلي واري ورتاءُ ڪرڻ سبب لکين ماڻھن تي قدرت جون بيشمار نوازشون عطا ٿيون آھن اھڙن مثالن سان انساني تاريخ ڀرڀور آھي. احسان جو بدلو احسان ضرور آھي. پر جڏھن احسان جو بدلو قدرت طرفان ادا ڪيو وڃي ته پوءِ انعام ۽ اڪرام جو ڪو حساب ئي ڪونه ٿو رھي. سبڪتگين کي فقط ھرڻيءَ جي وڇڙيل ٻچڙيءَ جي واپسي تي پنھنجي ملڪ جو تخت عطا ڪيو ويو. بني اسرائيل جي ھڪ فحاش عورت کي فقط ھن سبب بخش الاھي نصيب ٿي جو ھن ھڪ پياسي ڪتي کي کوھ کان پاڻي ڇڪي سندس اڃ اجھائي ھئي. ھن سلسلي ۾ سنڌ جي تواريخ جو ھڪ واقعو قابل ذڪر آھي، جو نھايت عبرتناڪ آھي.
1967ع ڌاري مغربي پاڪستان جي ڊائريڪٽر ”پريس ۽ پبليڪشن“ جي حيثيث ۾ لاھور مقيم ٿيس. ھڪ ڏينھن گورنر صاحب طرفان سرڪاري سڏ ٿيو ته سنڌ جي تواريخ ۾ خسرو خان چرڪس متعلق جو حال احوال موجود آھي سو ھٿ ڪري لاٽ صاحب جي خدمت حاضر ٿيان. وائڙو ٿي ويس ته آخر ماجرا ڇا آھي. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته آمريڪا جي ھڪ پبلشنگ ڪمپنيءَ طرفان گورنر صاحب کي ھڪ خط موصول ٿيل ھو، جنھن ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر خسرو خان متعلق ھڪ واقعي جي تصديق لاءِ عرضداشت ڪيل ھئي. جو ھڪ ڪتاب ”يقين ڪريو يا نه“ ۽( ک ع ظ ق ع ک س ذ ل ذ س ڻ ذ ) ۾ درج ٿيل ھيو. ان ڪتاب ۾ دنيا جا عجيب و غريب واقعا ذڪر ڪيل ھوا ۽ سنڌ متعلق جو واقعو بيان ڪيل ھو، اھو ھن طرح آھي
”ھڪ دفعي سنڌ جو گورنر خسرو خان چرڪس عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ شام ٽاڻي پنھنجي ڪوٺي جي ڏاڪڻ چڙھي رھيو ھو ته پاريسڙي گھر ڏانھن سندس نظر پئجي ويئي جتي ھڪ عورت غسل ڪري رھي ھئي. ھڪ غير محرم عورت جي اوگھڙ ڏسڻ، خسرو خان جھڙي متقي ۽ پرھيزگار انسان لاءِ، جو محض ھن مقصد لاءِ سدائين ڪنڌ ھيٺ ڪري گھمندو ھيو ته ڪنھن عورت جي شڪل تي اک نه پوي، ھڪ عجيب مسئلو ھو. ھڪدم ھيٺ اچي پنھنجي اکين ۾ آڱريون وجھي پاڻ کي انڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. آخر گھر ڀاتين جي دانھن ڪوڪ ڪرڻ تي پاڻ تي ضبط ڪري علماءِ دين کي گھرائي کانئن شرعي فتوى وٺڻ جي لاءِ فيصلو ڪيائين. علمائن کائونس سوال پڇيا، ھڪ ھي ته ھن ڄاڻي ٻجھي پاڙي واري گھر ڏانھن نظر ڪئي ھئي يا نه؟ ٻيو ھي ته نظر يا ڏسڻ جي مدت ڪيتري ھئي؟ خسرو خان وراڻيو ته کيس اھا به خبر ڪانه ھئي ته سندس گھر لڳ ٻيو ڪو گھر به ھيو، يا نه. ۽ سندس نظر فقط اک ڇنڀ جي عرصي تائين محدود رھي ھئي. ھڪ سيڪنڊ واري اک جي گناه عيوض علمائن پنھنجو ھي شرعي فيصلو صادر ڪيو ته خسرو خان ٽي سؤ سٺ نيڪي جا ڪم سرانجام ڏئي. ان بعد خسرو خان 360 عوامي ڀلائي ۽ بھبودگيءَ جا ڪم ڪيا جھڙوڪ کوھ کوٽائڻ، رستا، پليون، مسافر خانه ۽ مسجدون ٺھرائڻ وغيرھ، جن ۾ گھڻيون عمارتون اڄ ڏينھن سوڌو قائم آھن جيئن ٺٺي واري دبگيري مسجد.
ھن واقعي بيان ڪرڻ جو، مضمون جي اصلي موضوع سان ڪو واسطو نه آھي. حالانڪه ھڪ سنڌ جي حاڪم ھئڻ جي حيثيث ۾ خسرو خان جو ڪردار اسان سنڌين لاءِ باعث جو فخر آھي. خاص طور تڏھن جڏھن اسين سنڌ جي حاڪمن جي اڪثريت سدائين اھڙن سائين جي سنوارين جي ڏسون ٿا جن جا افعال اعمال ڏسي ٻڌي ۽ پڙھي شرم کان گردن جُھڪي ٿي. جيئن ته راءِ جندرٿ، راءِ ڏاھر يا وري دلوراءِ وغيرھ.
خسرو خان چرڪس سان عجيب و غريب واقعو منسوب ڪيو وڃي ٿو ۽ جنھن جو ذڪر سنڌ جي تواريخ ۾ موجود آھي ۽ سنڌي تاريخ نويسن طرفان بيان ڪيو ويو آھي اھو ھن طرح آھي؛
”خسرو خان جي وصال ڪرڻ بعد ٺٺي جي ھڪ بزرگ جنھن سندس زيارت ڪرڻ لاءِ وظيفو ڪيو ھيو تنھن کي خواب ۾ خسرو خان جو ديدار ٿيو. خسرو خان کي نھايت نوراني شڪل شبيھه ۾ خوش خورم ڏسي برزگ کائونس سوال ڪيوته اوھان تي قدرت جون بيشمار نوازشون ڪھڙي سبب عطا ٿيون آھن؟ خسرو خان وراڻيو ته ”مون جي به دنيا ۾ نيڪيءَ جا ڪم ڪيا انھن جو ڪو عيوضو مونکي ڪونه مليو. ڇاڪاڻ ته ماڻھن ۾ نيڪنامي ٿيڻ ڪري منھنجي سڀني چڱن ڪمن کي منسوخ ڪيو ويو. جنھن ڪارڻ مون تي قدرت مھربان ٿي آھي. اھو ھڪ معمولي واقعو آھي جنھن جو يقين ڪرڻ جھڙوئي نه آھي. ھڪ ڏينھن مون خط لکندي ڏٺو. ته ھڪ مک منھنجي قلم جي مس چھڻ لاءِ اچي ڪلڪ جي نوڪ تي ويٺي، مون قلم لکڻ بجاءِ ھٿ کي روڪيو. جيئن ڀل مک پنھنجي اڃ اجھائي وٺي. مک جي اڏامي وڃڻ بعد آءُ خط لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. ھڪ مردار مک سان اکڇنڀ جي ڀلائي جي ڪرڻ عيوض مون تي قدرت نه فقط گناھن جي بخشش ڪئي آھي پر بي حساب ۽ اڻ ڳڻيا احسان پڻ ڪيا آھن.“
ٿي سگھي ٿو سنڌي تاريخ نويسن جي خسرو خان سان انتھائي عقيدت ھئڻ ڪري، سندن اھڙي بيان کي خوش فھمي سمجھيو وڃي. ليڪن جيسن منھنجي عقل ۽ سمجھه جو تعلق آھي ته آءُ ان واقعي کي سورنھن آنا سچي حقيقت سمجھان ٿو. ھي ايمان اٿم ته رحمان کي پنھنجي رحمت لاءِ فقط بھانو گھرجي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته اسين اھڙي خسيس بھاني ڏيڻ کان به گوٿنات ڪندا ٿا رھون.