سڪندر ثاني
ڏٺو وڃي ته حضرت انسان جي ھر دور جي تواريخ، رت ۾ رنڱيل ھڪ خواني داستان آھي. تواريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ باب آھي ”انسانن جو ناحق خون“. يا جنھن فعل کي تسڪين خاطر ”شھادت“ سڏيو وڃي ٿو. ھونئن ته انساني قتل ڪنھن نه ڪنھن قانون، رواج يا مصلحت جي آڙ ۾ ڪيو ٿو وڃي. جيئن ڪو ٻڪرو قربانيءَ جي نالي ۾ ڪٺو وڃي. پر بي گناه خون ھڪ اھڙو انساني عمل آھي جنھن لاءِ ڪو عقلي اخلاقي يا مذھبي دليل آھي ئي ڪونه، سواءِ ھن سبب جي، تي بني آدم اھو ساڳيو ئي ٻه پيرو حيوان آھي، جھڙو خالق کيس ازل کان خلقيو ھيو. ھن ٻه پيري جانور، انسان ھئڻ جي دعوى ته ضرور ٿي ڪئي، پر منجھنس انسانيت دز برابر به ڪانه ھئي.
قديم زماني کان وٺي ھيل تائين جن انسانن کي بي ڏوھ ۽ بي قصور موت جي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙھيو ويو آھي انھن جو شمار ڳاڻاٽي کان ٻاھر آھي. پر انسان جي سموري تواريخ ۾ جي به خوني واقعا قلمبند ٿيل آھن، تن سڀني ۾، ان معصوم جي قسمت کان وڌيڪ افسوسناڪ مثال ملڻ مشڪل آھي، جنھن ٻار جي عمر تيرنھن ورھيه ھئي ۽ جنھن ٻار جي جوان ٿيڻ لاءِ سموري دنيا جا ماڻھو منتظر ھئا. ھن نينگر ۾ روءِ زمين جي ماڻھن جو اميدون ھيون. ھن جي سار سنڀال ۽ پرگھور لھڻ لاءِ پيءُ ھيو ئي ڪونه. ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ تڏھن ئي فوت ٿي چڪو ھيو جڏھن ھي معصوم اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ ھو. اڃان ٻنڌڻن ۾ ھيو ته سندس رولڙي جي زندگي شروع ٿي. ھڪ جنگي ڪئمپ کان پوءِ ٻي ڇانوڻي جي رخ ۾، ھڪ علائقي کان ٻئي پرڳڻي ڏانھن، لڳاتار ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ گھلبو رھيو. عالمگير حڪومتن جون عقابي اکيون ھن معصوم جي تاڙ ۾ رھيون. ھر ھاڪارو حاڪم کيس حاصل ڪرڻ ۽ سندس ورثه جي ڦٻائڻ لاءِ جدوجھد ۾ رھيو. سموري مشرقي دنيا جي تخت جو حقي والي وارث ھوندي به ھي پھريون نطربند ۽ پوءِ قيد ۾ باندي ٿي رھيو. جڏھن ھن ابھم جي انت آڻڻ لاءِ ترار اڀي ٿي ته اھا به خبر خير ڪي ھيس ته کيس ڪٺو ڇا لاءِ ٿي ويو. اھواڀاڳو ٻار ھيو دنيا جي عظيم فاتح ۽ روءِ زمين جي والي، سڪندر اعظم جو پٽ ۽ وليعھد ”سڪندر ثاني“.
سڪندر اعظم سن 323 قبل مسيح، مان جون جي آخري ڏينھن سانجھيءَ ٽاڻي، بابل شھر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرڻ وقت سندس عمر ٻٽيھه سال اٺ مھينا ھئي. ويھن سالن جي عمر ۾ تخت ماڻيو ھئائين. حڪومت ڪئي ٻارھن سال اٺ مھينا ٿيا ھيس. ڦوه جواني جو موت. اھو به اوچتو. مضبوط دليون به ٿرٿلي ۾ اچي ويون. جوش ۽ جولان واري اٿاه زندگي، جنھن جي اجھامڻ لاءِ ڪي آثار ھئا ھي ڪين. ڪنھن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته اھڙي ھستيءَ جي حياتي به ڪا بي ڀروسي ٿي سگھي ٿي. آخر ڪو رواجي ماڻھو ته نه ھيو. جھڙس عظيم فاتح دنيا اڄ ڏينھن تائين پيدا نه ڪري سگھي آھي. ھڪ غيرمعمولي انسان ۽ جنگي جوڌو. ۽ روءِ زمين جو حاڪم! سندس مئي اھڙي مايوسي ڦھلي ڄڻ سموري دنيا ڇوري ڇني ٿي چڪي ھئي. جڏھن آخري ھڏڪي ڏئي جسم بي جان ٿيو ته سندس ڀاتي ۽ ساٿي موت جي ھئبت ۾ اچي کيس ڇڏي ھليا ويا. سڪندر جو لاش اڪيلو سرد ٿيندو رھيو. سندس عزيزن ۽ رفيقن کي ھي سمجھه ۾ نه ٿي آيو ته ھاڻ ڪيو ڇا وڃي؟ شاھي ڪئمپ جي اڱڻ ۾ البت ڪي ماڻھو ھيڏانھن ھوڏانھن تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي ڏٺا ويا. ڪي ته فقط ھراس ۾ ڊوڙندا ٿي رھيا. شايد ان سوچ ۽ پريشانيءَ ۾ ته سڀاڻي الاجي ڇا ٿيڻو ھو؟ ڪي ھيڪڙ ٻيڪڙ روڄ راڙي جا به آلاب ٻڌڻ ۾ آيا. ماتم سڪندر لاءِ نه ھيو. جي سندس لاءِ ھجي ھا ته ھوند سندس لاش چوگرد چوٻولو ھجي ھا. پر ھتي ته ھر ڪو پنھنجا پٽڻا پٽي رھيو ھيو ته ھاڻ سندس پنھنجو حشر ڪھڙو ٿيڻو ھو!
سڪندر اعظم جي موت ايشيائي ماڻھن کي سخت صدمو رسايو. ڇاڪاڻ ته سڪندر اعظم سندن مھربان ۽ محسن حاڪم ھيو. يوناني توڙي مقدوني سپاھين جي ظلم خلاف ڍال ھو. خود مقدوني سپاھين کي پڻ اھو احساس ضرور ٿيو، ته کين دنيا جي ٻين قومن تي جا فوقيت حاصل ھئي، ان جو بنياد اکڙي چڪو ھيو. وڏي ڏکوئيندڙ ڳالھه ھيءَ ھئي ته سڪندري تخت جو ڪو والي وارث ھيوئي ڪونه. البته سڪندر جي گھر واري ملڪه رخسانه اميد سان ھئي. ان ڪري باقي مٽن مائٽن ۽ تخت جي دعويدارن لاءِ ھن سواءِ ٻيو ڪو چارو ھيو ئي ڪونه، ته ھو رخسانه جي ويم تائين انتظار ڪن. سڪندر اعظم جا جي ويجھا عزيز قريب ھئا، انھن ۾ ھڪ ھيو فلپ آريدس. جو سڪندر جو ماٽيلو ڀاءُ ھئڻ گڏ ھڪ ڪمزور ۽ بزدل انسان پڻ ھيو. سڪندر اعظم جي اڌ مغزي ماءُ اولمپيا ۽ سڳي ڀيڻ ڪلوپيٽراجا ايپيرس جي راڻي ھئي. سندس ٽي زالون ھيون. ھڪ ”برسني“ جنھن کان کيس پٽ ”ھيراڪلس“ جي اولاد ھئي، پر جيئن ته برسنيءَ سان سندس رسمي شادي ٿيل نه ھئي ، ان ڪري غيرقانوني ليکي ٿي وئي. ٻي زال رخسانه ھئي، جا اميد سان ھئي. ٽين ”ستي تارا“ جا ايران جي مرحوم شھنشاه دارا جي ڌيءُ ھئي، جا سڪندر اعظم جي موت کان ٿورو عرصو اڳ سندس نڪاح ۾ آئي ھئي.
سڪندر اعظم جو لاش اڃا ڪفن کان ٻاھر ئي ھيو ته محلاتي سازشون شروع ٿي ويون. گھوڙي سوار فوج جي ڪپتان ”پرديڪاس“ جو رايو ھيو ته ھڪ اميرن جي مجلس قائم ڪئي وڃي جا ان وقت تائين ملڪي انتظام سنڀالي جيسين سڪندر اعظم جي وارث جو مسئلو فيصل ٿئي. پياده فوج جي مھندار ”مالمگير“ وري ”فلپ آريدس“ کي شاھي جاءِ نشين ٿاڦڻ لاءِ پنھنجو فيصلو ڏنو جو سڪندر اعظم جو ماٽيلو ڀاءُ ھيو. آخر نوبت لڙائيءَ تي اچي رسي. ڪافي رتوڇاڻ بعد ٻنھي ڌرين پاڻ ۾ ھن شرط تي ٺاھ ڪيو ته فلپ آريدس، قائم مقام بادشاه ٿي رھي جيسين تخت جو والي وارث پيدا ٿئي ۽ بلوغت کي پھچي. پرديڪاس کي سموري فوج جو مھندار مقرر ڪيو ويو ۽ شاھي خاندان جي حفاظت ۽ نگھباني پڻ کيس سونپي ويئي. سڪندر اعظم جي باقي فوجي مھندارن کي دور دراز علائقن جي حڪومت سنڀالڻ لاءِ ٻاھر اماڻيو ويو ۽ کين مڪمل فوجي طاقت جو اختيار حوالي ڪيو ويو. مقصد ھي ھيو ته جيئن اھي بااثر ۽ طاقتور فوجي مھندار مرڪز کان پري ۽ پاسيرو رھن.
”مقدونيا“ ائنٽي پيٽر جي حصي ۾ آڻي. ھي اڪيلو جرنيل ھيو جنھن آخر وقت تائين شاھي خاندان سان وفا ڪئي. ان حد تائين جو پنھنجي پٽ ”ڪسندر“ کي به ان سبب تخت جي حق کان لا دعوى ڪري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ جو ھو سڪندر اعظم جي خاندان جو جاني دشمن ھيو. سئليوڪس کي پرديڪاس پاڻ وٽ نائب ڪري رکيو ۽ پوءِ کيس بابل جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. ڪرٽيورس ۽ لونيٽس ٻنھي کي ڄاڻي ٻجھي اھڙين جنگين جوٽڻ لاءِ روانو ڪيو ويو جنھن لاءِ خاطري ھئي ته ھو ماريا ويندا. ۽ ٿيو به ائين. کين راه کان شايد ان لاءِ ھٽايو ويو ته ڇاڪاڻ ته ماڻھن ۾ سندن وڏي ساک پت ھئي. ليسيماڪس کي ٿريسا ڏانھن اماڻيو ويو جتي ھو پنھنجي بقايا عمر خانه بدوش قبيلن سان جنگيون جوٽيندو رھيو. ائنٽي گونس کي يومينس جي مدد لاءِ ”ڦاپل گونيه“ روانو ڪيو ويو. ٽوليميءَ کي مصر جي حڪومت ملي جا ھن پاڻ گھري ورتي. سواءِ ھڪ اڌ عملدار جي، جن شاھي خاندان سان وفا ڪئي، باقي جملي مھندارن پنھنجون آزاد رياستون قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انھن ۾ ڪن ته سڪندر اعظم جي سموري سلطنت کي ڦٻائڻ لاءِ به وسان ڪين گھٽايو.
رخسانه، باختر جي ھڪ قبائلي سردار ”اختيار تيز“ جي ڌيءَ ھئي. سندس خوبصورتي جي ملڪان ملڪ ھاڪ ھئي. ”سٿين“ قبيلن سان جنگ جوٽڻ واري زمانيءَ ۾ سڪندر اعظم رخسانه جي سنڱ لاءِ گھر ڪئي. اھو خاطري سان چئي نه ٿو سگھجي ته شادي لاءِ آڇ ۾ رخسانه جي سونھن سوڀيا کي وڌيڪ دخل ھيو يا سڪندر اعظم جي سياسي حڪمت عمليءَ کي. ڪن تواريخن ۾ ھي به ڄاڻيل آھي ته رخسانه، سڪندر اعظم کي ھڪ پھاڙي قلعي جي فتح جي موقعي تي مال غنيمت طور ھٿ آئي ھئي. خير. 325 قبل مسيح ڌاري سڪندر اعظم جي رخسانه سان باختر جي شھر ۾ شادي ٿي گذري، ۽ پورن ٻن سالن بعد سڪندر اعظم جو جڏھن موت ٿيو ته رخسانه کي اميد واري ھئي. پنجن مھينن مدت پڄاڻان رخسانه جي گود سائي ٿي، شھزاده جو نالو سندس پيءَ جي نالي پٺيان ”سڪندر ثاني“ رکيو ويو. رخسانه ۽ سڪندر اعظم جي ماءُ اولمپيا ٻنھي کي ٻار جي پالنا ۽ پرادخت جي ذميواري سونپي ويئي. سڪندر ثاني جو نالو، قائم مقام حاڪم آريدس جي نالي سان گڏ شاھي سڪه تي پڻ آندو ويو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته شھزادو پاڻ ھڪ ”کوٽي سڪه“ جيان ڌرم جا ڌڪا کائيندو ۽ دوبدو رھيو.
سڪندر اعظم جي ماءٌ مھاراڻي ”اولمپيا“ شاھي تخت جي حقي وارث سڪندر ثانيءَ جي حفاظت لاءِ گھڻو ئي پتوڙيو، پر قسمت گھڻي وقت لاءِ سندس ساٿ نه ڏنو. جڏھن ٿوڙي عرصي لاءِ مقدونيا جي حڪومت سندس ھٿ ۾آئي ته شاھي فرمان جاري ڪري، قائم مقام گادي نشين فلپ آريدس ۽ سڪندر جي ٻه سؤ ساٿين کي ٻارين ٻچين قتل ڪرائي ڇڏيائين. سن 316 ۾ ڪسندر مقدونيا تي قبضو ڪري، ۽ پوءِ اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پاس ڪرائي ”اولمپيا“ کي موت جي سزا ڏياري. سڪندر اعظم جي سڳي ڀيڻ راڻي ”ڪلوپيٽرا“ کي جنگي مھندار ”ائنٽي گونس“ ان موقعي تي مارائي ڇڏيو جڏُھن ھو ”ٽولميءَ“ سان شادي رچائڻ خاطر مصر وڃڻ جا سانباھا ڪري رھي ھئي. سڪندر اعظم جي ٻئي پٽ ”ھيراڪس“ کي سترنھن سال جي عمر ۾ ڪسندر جي چرچ تي ھڪ صوبائي گورنر ”پولي سپرڪان“ قتل ڪرائي ڇڏيو. سڪندر اعظم جي ٽين زال ”ستي تارا“ جا ايران جي اڳوڻي شاھ دارا جي ڌيءُ ھئي تنھن کي راڻي رخسانه سازش سٽي ڳجھه ڳوھ ۾ اڪلائي ڇڏيو.
سن 311 ڌاري، گھرو لڙائي ۾ بھرو وٺندڙ سڀئي ڌريون پاڻ ۾ ٺاھ لاءِ رضامند ٿيون. فيصلو ھي ٿيو ته مقدونيا جي حڪومت ڪسندر وٽ بطور امانت جي رھي جيستائين سڪندر ثاني تخت ماڻڻ جي عمر کي رسي. ان مقصد لاءِ راڻي رخسانه ۽ سڪندر ثاني، جي اڳيئي ڪسندر جي قيد ۾ باندي ھئا، تن جي سار سنڀال به ڪسندر کي سونپي ويئي. جو فيصلو نھايت عجيب ھو. ڇاڪاڻ ته ڪسندر شاھي خاندان جو جاني دشمن ھيو ۽ سڪندر جي ماءُ، ڀيڻ ۽ ھڪ پٽ کي اڳيئي مارائي چڪو ھيو. ”ڪسندر“ راڻي رخسانه ۽ سڪندر ثاني کي ” ائفمي پولس“ جي قلعي ۾ سخت پھري ھيٺ قيد ۾ رکيو. جڏھن ڏٺائين ته ماڻھن ۾ سڪندر ثاني لاءِ ھمدرديءَ ۾ روزبروز اضافو ٿي رھيو ھو ۽ اھو چوٻولو چوڏس چوڌار ڦھلندو رھيو ته کيس آخري فيصلي تي پھچڻ ۾ ڪاگھڻي دير نه لڳي. سن 309 ۾ ڪسندر، راڻي رخسانه ۽ سندس تيرنھن ورھيه تاجدار کي ائفمي پولس جي گورنر گلاڪيس ھٿان قتل ڪرائي ڇڏيو. اھڙي طرح سڪندر اعظم جي تخت جي والي وارث ۽ سندس سموري خاندان جو آخرين ڏيئو به اجھامي ويو.
سڪندر اعظم جي مئي پڄاڻان سندس ماءُ، ڀاءُ، ڀينر، زالون ۽ اولاد کي ڪھائي شاھي گھراڻه کي ٻھارڻ، تخت کي تارج ڪرڻ ۽ خانداني نسل کي نابود ڪرڻ ھي سڀ عام رواجي ڳالھيون آھن. جي روائتون اڄ ڏينھن سوڌو ھلنديون ٿيون اچن. افسوس فقط ھن ڳالھه جو آھي ته سموري خوني ڊرامه ۾ جن بھرو ورتو سي سڀ سڪندر اعظم جي ننڍپڻ جا ساٿي، پياله ڀائي ۽ پڳ مٽو دوست، ۽ سندس ھٿن جا پاليل ۽ نپايل ملٽري مھندار ھئا. وڌيڪ ارمان شايد ھن لاءِ به ٿئي، ته سڪندر اعظم ڪو تاتارين جيان ظالم خونخوار يا وحشي حاڪم نه ھيو. پر ھڪ مھربان، بھادر ۽ مدبر. جنھن سڀ کان اول، روءِ زمين جي ”ھڪ مرڪزي حڪومت“ جو تصور پيش ڪيو. جنھن اصول تي عمل کان سواءِ ھن ڌرتيءَ تي امن امان ٿيڻ ئي ناممڪن آھي. ان کانسواءِ سڪندر اعظم اڪيلو ملٽري مھندار ھيو جنھن ھر ھڪ تباه ٿيل شھر جي بدلي ڏھوڻا نوان شھر اڏايا ھئا، شايد تواريخ ۾ پھريون حاڪم ھيو جنھن انساني وھنوار يا ملڪي ڪاروبار ۾ دنيا جي سڀني ماڻھن کي ھڪ اک ڪري ڏٺو ۽ ڪڏھن به ڀلجي قوم، مذھب يا علائقي جي فرق ڦير کي ڪا ھوا يا ھٿي نه ڏني.
سڪندر ثاني اسان لاءِ خالص ھڪ نالو آھي جنھن جي ڪھاڻي نصيب ۽ قسمت جي لحاظ کان عجيب آھي ۽ المناڪ پڻ. جن به انسانن ھيل تائين سور سختيون سھي شھادت جو پيالو پيتو آھي انھن سڀني ۾ سندس نالو سرفھرست نه آھي ته به سڀ کان آڳاٽو ضرور آھي. اسان واري ھاڻوڪي زماني ۾ سڪندر اعظم جھڙي افسوسناڪ ۽ عبرتناڪ ڪھاڻي آھي، طائوسي تخت ۽ تاج جي. ھي قصو ڪالھوڪي ڪھاڻي آھي جا ھنريت آھي ته
ايران جي شھنشاھ آريه مھر پنھنجي راڻي ملڪه سوريا کي طلاق ڏيئي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو. ھن ڪارڻ ته ھوءَ طائوسيءَ تخت لاءِ والي وارث ميسر ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ھئي. ڄڻ اھو ھر عورت جي ھٿ وس ھيو ته جڏھن وڻيس ته ٻار ڄڻي! اھو به نر ٻار!
شاھ پوءِ ھڪ ٻئي وڏي گھراڻي حسين عورت ”فرح ديبا“ (شھربانو) سان شادي رچائي. ساڳئي سبب. ڇاڪاڻ جو کيس ”جاءِ نشين“ جي لوڙ ھئي، جيئن شاھي سلسلو جاري رھي. شھربانو جو پير سدورو ۽ پاڻ بختاور ثابت ٿئي! ولي عھد ڄڻي شاھ جي جھوليءَ ۾ وڌائين. شاھي شادمانا شروع ٿيا. جڏھن تخت جمشيد جي جاءِ نشين جو جشن ملھايو ٿي ويو ته بخت ڀٽارو ٽھڪ ڏيئي کلي رھيو ھو!
وارث اڄ ننڍو سڀان وڏو، جيسين جوان جماڻ ٿي تخت ماڻي. الله جي قدرت. تيسين تخت جو تختو نڪري ويو. جو عجيب ھيو. اڳ تخت ھيو پر لاوارث. ھاڻ وارث موجود ھيو پر تخت غائب! پر ڇڙو تخت اونڌو ٿورو ئي ٿيو ھو. بخت جا به ته بخيا اڊڙي چڪا ھئا.
آخر ايران جي سرزمين ايتري ته اچي سوڙھي ۽ تنگ ٿي، جو شھنشاھ کي دفن ٿيڻ لاءِ ٻه گز زمين به نصيب نه ٿئي. ”جڏھن ايران جي رضا شاھ پھلوي قديم ايران جي مجوسي شھنشاھيت جو ڏھ ھزار ساله جشن ملھائي رھيو ھو، ته قدرت واري اسلامي دور، جنھن بدولت ساسانين جي سلطنت پرزا پرزا ٿي خاڪ ۾ ملي ويئي ھئي، تنھن دور کي وارو ڏيڻ لاءِ ڪنھن مجاھد مڙس کي جنم ڏيئي رھي ھئي. ايران جي شھر ”قم“ جو ھڪ رھاڪو ملان خميني، جنھن خالص اسلامي عمل لاءِ آواز بلند ڪيو، تنھن کي سزا طور ملڪ نيڪالي ڏني ويئي. ھي الله جو نيڪ بنده، فرانس ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گھاريندي به اسلامي تحريڪ جي بدستور تبليغ ڪندو رھيو. آخرڪار ايران جي انقلاب جو باني بڻجي اسريو ۽ اڀريو. جڏھن وطن ورڻ جو سعيو ڪيائين ته رضا شاھ پھلوي تخت تاج ۽ گادي ڇڏي پنھنجي تخت جي والي وارث، راڻي شھربانو، شاھي عملو ۽ اٽالي سوڌو، ھوائي جھاز وسيلي ڏکڻ آمريڪا ڏانھن فرار ٿي ويو.
قدرت منھنجي مالڪ جي! انسان جي سوچ ئي الٽ پلٽ ٿي ويئي. جو جلاوطن ھيو، تنھن اچي قديم سلطنت جي واڳ سنڀالي. جو تاجدار تخت نشين ھيو، سو آمريڪا ۾ پناه وٺڻ لاءِ دربدر ٿيندو رھيو! قدرت جو قھر وري اھڙو جو ھڪ ته ڪو حڪمران، کيس پاڻوٽ پناه ڏيڻ لاءِ تيار نه ھيو ۽ ٻيو وري، ڪئنسر جي موذي مرض اچي منجھنس واسو ڪيو. پوءِ ته ٻانھو ۽ ڌڻي! ناڻي جا دڳ کڻي ھر ھڪ کي آڇ ڪندو رھيو. پر ڪا ڇوٽڪاري جي راھ ھٿ نه آئي. ٻاھر يا اندر، سڀئي واٽون بند ٿي چڪيون ھيون . آخر ڪيھون ۽ ڪوڪون ڪندي شاھ پساھ پورا ڪيا. رضا شاھ ته رضا ڪري ويو، جا رب جي رضا! پر سندس جنازه کي ڪا زمين پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، گھڻي رولڙي پڄاڻان تابوت کي مصر جي ھڪ قديمي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. قدرت جي اھا به شايد اھڙي مرضي ھئي. مصر جي سرزمين ھونئن به ايامن کان فرعونن کي پنھنجي آغوش ۾ آرامي پئي ڪندي رھي آھي!