آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  آغا بدرالدين احمد دوراني

وياسي وينجھار

اڄ جيڪڏھن سنڌ جي انھن سڀني سڃن شھرن درميان چٽاڀيٽي ڪرائي ويندي جي زماني جي گردش ۾ اچي ڏتڙجي ڀينگ ٿي ويا آھن، ته موھن جي دڙي جي مقابلي ۾ ڪو واحد ۽ زوردار ڪئڊيڊيٽ وڃي باقي رھندو، اھو ڳڙھي ياسين جو شھر ھوندو. وري جي اليڪشن به فيئر ٿئي ۽ لاڙڪاڻه وارا دٻڙ دونس نه ڪن، ته پوءِ انشاءالله ڳڙھي موھن جي جي دڙي کي ڪوھين ماري ويندي. حالانڪه موھن جي دڙي کي اجڙئي پنج ھزار سال ٿي چڪا آھن ۽ ڳڙھيءَ جي بربادي ڪالھوڪو قصو آھي.
ڪو زمانو ھيو ڳڙھي بلي بلي ھئي ۽ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. سندس ھنداڻا، گھاڻان۽ واڻيا ملڪان ملڪ مشھور ھئا. پر پوءِ وقت جا وارا نيارا آھن. 1931ع ۾ براج آئي ته ھنداڻا ويا. 1941ع ۾ سم سيڪ ۽ ڪلر منھن ڪڍيو ته سرنھن ڄانڀي جي جاءِ وڃي چڻي مٽر ورتي. ويچارا گھاڻائي پاڻ تيل ٿي ويا. 1947ع ۾ پاڪستان ٿيو، ته واڻين ۾ اچي ٽاٻڙڪو پيو. ڪو ڪڻو داڻو وڃي رھيو نه ته ويڙھن جا ويڙھا اباڻا ڪک ڇڏي ھندستان لڏي ويا. تڏھن به ڳڙھي جي اوج ۽ موج ۾ ڪو فرق ڦير ڪي آيو. شايد ھن ڪري جو سندس والي وارث زنده ھيو. جڏھن اھو به ھليو ويو، ته پوءِ ڳڙھي حال کان بيحال ٿي ڍرڪي پئي. سچ چوندا آھن ته ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.“
اھو مرد مجاھد آغا بدرالدين احمد دوراني جو اڄ کان پورا ڏھ سال اڄوڪي ڏينھن تي راه رباني وٺي رمندو رھيو. ”انا الله وانا اليه وراجعون“. بختاور پاڻ ته ويو پر ڏسجي ائين ٿو ڄڻ ڳڙھي ياسين جو ڀاڳ بخت به سندس ڪڍ ھليو ويو. ھي برابر آھي ته جوڳيءَ وئي جوءِ خالي ۽ مھنت وئي مڙھي ضرور سڃي ٿيندي آھي. پر ھڪ مڙھيءَ ۽ ڳڙھيءَ جي سڃي ٿيڻ درميان وڏو فرق آھي. سج ھر ھنڌ لھندو آھي پر سج لٿي به سنجھا جا ڏيئا ضرور پيا ٽمڪندا آھن . جيستائين وري ڪو صبح جو سائين ڪني ڪڍي. پر آغا وئي اھڙي اونده ٿي آھي، ڄڻ ڳڙھيءَ ۾ ڪنھن سج اڀرڻ کان ئي قسم کڻي ڇڏيو آھي.
ڪجھه ڏينھن ٿيا، سانگي سان، ڳڙھيءَ وڃن ٿيو. عادت انوسار ٽپڙ گھر رکي آغا جي آشياني ڏانھن پنڌ پيس. در بند ڏسي وائڙو ٿي ويس. سالن کان اھو لنگھه پئي لتاڙيم. پر مونکي ته انھن دروازن جو تصور ذھن ۾ ئي نه ھو، جي اڄ اکين پسيم. تعجب اھو، جو در بند ڏٺم. پھرين ته سڏ ڪيم، پوءِ سمڪ آيم ته ڪڙو کڙڪايم. پلڪه پھر جي اوسيئڙي بعد ڪنھن جي اچڻ جي آھٽ ٻڌم. ڪو سڌ سماءُ ئي لھڻ آيو ھيو. شايد چوڪيدار ھوندو! ڏٺم ته ڪنھن در جي ٻيڪڙ ۾ اک اٽڪائي منھنجو جائزو ٿي ورتو. ٿي سگھي ٿو ته آءُ عبدالرحمان ڌاڙيل ھجان ۽ پنھنجي پيشي جي حاجت ضروريءَ لاءِ ھت آيو ھجان؟
واءُ سواءُ وٺي ھاتقي رڙ ڪري پڇيائين ته ”ڪنھن سان ملندين؟“ آءُ ھڪ ٻڪو ٿي ويس. سوال پنھنجي جاءِ تي صحيح ھو، ليڪن مون وٽ ڪو جواب ڪونه ھو. مونکي ڪنھن سان ملڻو ھو؟ جنھن سان ملڻ ايندو ھيم اھو ته ھتي خير ڪي ھو. پوءِ آءُ ڪنھن سان ملڻ لاءِ ڪھي آيو ھيس؟ پشيمان ٿي پٺين پير واپس وريس. تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي قبرستان ڏانھن وک وڌايم.
سندس پيرانديءَ کان وڃي بيٺم. جڏھن بيھي ٿڪس ته پلٿي ماري ويھي رھيس. محسوس ائين ٿيو ڄڻ آغا اوجاڳي باعث گھري ننڊ ۾ ھيو ۽ آءُ سندس سجاڳيءَ جي اوسيئڙي ۾ ھيس. سندس اڄوڪي ننڊ ڪجھه انوکي ٿي لڳي. آغا ۽ خاموشي! کوڙو ئي نٿي لڳو. جي سندس جاڳڻ گجگوڙ ھو ته ننڊ به گھٽ گونج واري نه ھيس. ھو ته ھر حال ۾ زندگيءَ جي ڀرڀور وھڪري سان ڇلڪندو رھندو ھيو.
آغا جو خير صلح وارو ڳالھائڻ به نغارن جي نوبت ۽ ڌمال جي غوغاءُ کان رتي ڀر به گھٽ نه ھوندو ھيو. ھو محترم مير علي احمد ٽالپر ۽ محمود علي قصوريءَ جيان پاڪستان جي انھن ٽن ھستين ۾ ھڪ ھو، جن سموري عمر ھوريان ڳالھائڻ جي ڪڏھن ڪوشش ئي ڪانه ڪئي ھئي. کين خبر ھئي ته سندن اھڙي ڪوشش بيسود ثابت ٿيندي.
وري سندس کلڻ جي اسٽائيل ۽ انداز ئي پنھنجي نوعيت جو ھو، جو ھڪ رعد جي راڙ کان گھڻو مختلف نه ھو. مونکي ڪيترن ئي ماڻھن قسم کڻي ٻڌايو ھيو ته جن سندن پھرين بار ٽھڪ ٻڌا ھا، ته آغا جا ڪڙاڪيدار ۽ فلڪ شگاف ٽھڪڙا سالن تائين سانده سندن ڪنن ۾ گونجندا ٿي رھيا.
مون اھڙو رلڻو ملڻو مڙس پنھنجي اڌ صديءَ جي عمر ۾ ورلي ڏٺو. مذاق سندس جولانيءَ طبع جو ھڪ بادواڻ ھو. زنده دلي سندس لاءِ به بسر خود زندگيءَ ھئي. ھو زندگي ۽ موت جي منجھيل مسئلن ۾ ڪڏھن به متلا نه رھيو. ھن لاءِ ھي وسھڻ ڪافي ھيو ته زندگي ھڪ خوش فھمي ھئي ۽ موت ھڪ غلط فھمي! ھو بخوبي ڄاڻندو ھو ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين زندگي جي تمام مدت ھڪ مسلسل روئڻ جي پرئڪٽس ھئي. پوءِ ڪنھن مھانگائي لاءِ ٿي ماتم ڪيو ته ڪنھن وقت جي بي وفائي يا قسمت جي ناسازيءَ تي ڳوڙھا ٿي ڳاڙھيا. يا ڪنھن جي ڪا مومل مري وئي ھئي يا وري ڪنھن جو راڻو رسي ويو ھو!
مطلب ته انسان ڪنھن نه ڪنھن بھاني مک جيان مٿو پٽيندو ٿي رھيو. جڏھن سڄي زندگي جي حيثيث ۽ مدت ھڪ سئنيما جي انٽرويل کان وڌيڪ نه ھئي، ته پوءِ ڇو نه انسان اھا گھڙي کلي گذاري. شايد اھو ئي سبب ھيو جو آغا مرحوم کي ڇٺي ڇمھاھي ڪاوڙ ۾ ضرور ڏٺو، پر مايوس يا غمگين؟ ھرگز نه!
آغا مرحوم جي گفتار، تقرير يا تحرير ۾ سندس فطري خوش طبعي ۽ خوش مزاجيءَ کي وڏو دخل ھيو. ھو ھر رواجي ڳالھه جو توڙ وڃي ان موڙ تي ادا ڪندو ھو جو ٻڌندڙ بي اختيار ٿي کلڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو ھيو. سندس تقرير فصيح ۽ بليخ ھئڻ کان علاوه سلوڻي ۽ نمڪين ھوندي ھئي. البت اسيمبليءَ ۾ بحيثيث ھڪ ذميوار نمائنده جي، خواه اسپيڪر جي، سندس انداز بيان گنڀير ۽ رعب دار ھوندو ھو. ليڪن زياده وقت سانيتڪو رھڻ ڪري مون اڪثر ڏٺو ته سندس طبع تي خاصو بار ٿي پوندو ھو.
پاڪستان ٿيڻ کان ڪجھه وقت اڳ جڏھن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس درميان پاڻيپت جون سياسي لڙايون جاري ھيون، اھڙي سمي، ھڪ موقعي تي عام جلسي ۾ تقرير ڪندي آغا محسوس ڪيو، ته پبلڪ ۾ دستوري جوش و خروش بجاءِ خاموشي طاري ھئي. ھڪدم کيس احساس ٿيو ته ٻڌندڙ آھن ٺيڙھيءَ جا وڏيرا ۽ ڳوٺاڻا ڪمي ڪاسبي، جنجي سمجھه کان، سندس ليگ جي پاليسيءَ متعلق تقرير، ڪجھه مٿڀرو ھئي. يڪدم پلٽو کائي سندن ٻوليءَ ۾ اظھار بيان شروع ڪيائين.
”ڀائرو! ھاڻ مسلم ليگ اھڙو پروگرام رٿيو آھي، جو اسان جلد ڪٽر ڪانگريسين ۽ مھاسڀائين کي ٽوٽا چٻائينداسون، کين پاڻي ڏيئي مارينداسون ۽ کين ”واٽون ٻاون“ ڏينداسون“. . . . . . .مسلمان ڀائرو ”واٽو ٻاون“ ٻڌندا ويا ۽ مسلم ليگ زنده باد ۽ نعره تڪبير بلند ٿيندو رھيو . . . . . . .
آغا مرحوم جي ان تقرير جو تصور ايندي ئي آءُ بي اختيار کلڻ لڳس. قبرستان اندر کلڻ مونکي ڪجھه عجيب ٿي محسوس ٿيو. آءُ خيالات جي ٽرئفڪ ۾ مصروف رھيس. ڏٺم ائين ٿي، ڄڻ ته آءُ ڪا فلم ڏسي رھيو ھيس. آغا مرحوم جي ڀرڀور زندگيءَ جا چھچٽا منھن جي اکين اڳيان پردي تي يڪي بعد ديگر نقش ٿيندا ۽ ڦرندا ٿي رھيا.
سندس اوائلي عمر جو دور ذرا ارڏائيءَ جو ھو. علي ڳڙھ ۾ پڙھائي پوري ڪرڻ بعد جڏھن ڳڙھيءَ ۾ وارد ٿيو ته سندس شوق ۽ شغل ھڪ عام وڏيرڪي ٻار کان ڪو گھڻو مختلف نه ھو. سندس آڏا ابتا پير ڏسي، ڪن چغل خورن وڃي سندس والد مرحوم جا ڪن ڀريا. مرحوم شمس الدين خان نھايت بردبار ۽ جھانديده انسان ھو. ھن ٻئي ڏينھن تي عريضي نويس کي گھرائي سموري جائداد ۽ زمين آغا بدرالدين جي نالي لکائي دستاويز سندس حوالي ڪري ڇڏيائين. ڪنھن پڇس ته قبلا! توھان ھي ڪھڙو قھر ڪري ڇڏيو؟ اوھان جو نور چشم ته سمورو ارڪو ترڪو ترت تين وال ڪري ڇڏيندو. چيائين ته ”جو ڪجھه مون وٽ آھي، اھو ته اڳي پوءِ ان جي ھٿ اچڻو آھي. ھاڻي جي منھنجي مڏي منھنجي مئي پڄاڻان لئه مٽي ڪري، تنھن کان بھتر آھي ته اھا لٽ ڦر ھو منھنجي جيئري ڪري. گھٽ ۾ گھٽ آءُ پنھنجي پٽ جا پرڪار پنھنجي جيئري ته ڏسي سگھان!“
ليڪن زمانو شاھد آھي ته، آغا نه فقط پنھنجا پير سنڀاليا ۽ پنھنجو اباڻو ورثو سنڀاليو، پر پنھنجي ڳوٺ تعلقي ضلع ۽ صوبي سنڌ جي اھڙي بي لوث خدمت ڪئي جا سنڌ جي جديد تاريخ ۾ ھڪ سونھري باب جي حيثيث رکندڙ آھي.
پنھنجي شھر جي ماڻھن کي منظم ڪرڻ لاءِ سماجي انجمنون وجود ۾ آندائين. ھر انجمن پنھنجي حلقي جي ماڻھن جي شادين غمين جو انتظام ۽ جھيڙن جھڳڙن جي نبيري ڪرڻ وغيره سڀني دردن جون دارون ھئي. ھر انجمن کي پنھنجو دفتر، اسٽاف، ديڳيون ۽ تنبو طولان حوالي ھئا. سڀني انجمن مٿان وري ھڪ مرڪزي انجمن قائم ڪيائين.
صوبي سنڌ ۾ آغا اولين انسان ھيو، جنھن سکر ضلع لوڪل بورڊ جي صدر جي حيثيث ۾، ھر ھاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين مفت تعليم رائج ڪئي. ضلع جي ھر تعلقه ھيڊڪواٽر ۾ لوڪل بورڊ طرفان ھاءِ اسڪول جون نيون عمارتون تعمير ڪرايائين. ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيون ۽ زمينداري بئنڪ جون شاخون قائم ڪيائين.
سکر ۾ لا ڪاليج سندس اڪيلي سر ڪوشش جو نتيجو آھي. ضلعي ۽ صوبي سنڌ جي نوجوانن جون ڪانفرنسون ڪري منجھن سياسي بيداري ۽ سياسي شعور بيدار ڪيائين. غرض ته سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر خواه اسپيڪر يا وري ضلع لوڪل بورڊ سکر جي صدر جي حيثيث ۾، ھن عظيم انسان سنڌين جي علمي ۽ معاشي برتري ۽ ترقي لاءِ پنھنجي ھڙان ۽ وڙان ھميشه پاڻ پتوڙيو.
مسلم ليگ سان سندس دلي لڳاءُ ھيو. ان کي سنڌ اندر عوامي تحريڪ بڻائڻ ۾ آغا مرحوم جو وڏو ھٿ ھو. سندس سياست جي ابتدا ۽ انتھا مسلم ليگ سان وابسته ھئي. زماني گھڻا ويس بدلايا. سنڌوءَ پنھنجا ڪيئي پيٽ ڦيڙايا، پر آغا آخري وقت تائين ليگ جي گھٽ گھير کان ٻاھر نه نڪتو. عمر جي آخري مرحلي ۾ صدارتي چونڊن ۾ مرحوم ايوب خان جي کلي مخالفت ڪيائين ۽ محترم فاطمه جناح جي حمايت ۾ جھنڊو کڻي بيھي رھيو. کيس ھر کائڻ لاءِ ڪافي لالچون ڏنيون ويون، پر انھن چمڪن تي به آغا پنھنجي اصول ترڪ ڪرڻ جي رغبت نه ڏيکاري.
سرڪاري دشمني کيس ڪافي مھانگي پئي. کيس گرفتاري جي ڌمڪي ڏني ويئي، پر ھي يار پنھنجي فيصلي کان تر جيترو به پاسي ڀر نه ھٽيو. ليڪن جڏھن سندس ڪن دلي دوستن سياسي قلابازي کائي ”ليٽ ڪبوتر“ شروع ڪئي ته پوءِ دلگير ٿي پيو. شايد سندس ذھن پنھنجي دوستن کان وفا جي بدلي دغا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو.
اليڪشن جو نتيجو سندن خواھشن جي خلاف ويو، پر آغا جو نتيجي سان ڪھڙو واسطو؟ ھو ته ھڪ کيڏاڙي ھو۽ سندس مقصد ۽ مطلب ھيو راند ڪرڻ. ھار ۽ جيت ھر راند جا ٻه لازمي رخ آھن. انھن سان آغا جي ڪھڙي نسبت؟
منجھنس خاميون ھيون. ھڪ ٻه نه بلڪه بي حساب ۽ بيشمار. آءُ ڪڏھن ٿو چوان ته ملائڪ ھيو. پر جي ملائڪ ھجي ھا ته منھنجو ساڻس ڪھڙو واسطو؟ پر انھن خامين جو سندس اخلاق ۽ ڪردار سان ڪو دور جو به رشتو نه ھو.
نه فقط مرحوم آغا بدرالدين، پر سندس سمورو دوراني خاندان زماني قديم کان اجتماعي دور اھا قديمي روايت بدستو برقرار رکندو آيو اھي ته ھر قسم جي بداخلاقيءَ کان پرھيز ڪئي وڃي. اھا ڪسر ھاڻ اچي سندن پويان پوري ڪن ته اھا الله کي خبر. پر اڄ سوڌو ته الله پاڪ کين امان ۾ رکيو آھي.
آغا مرحوم جون اھي اوڻايون سياسي ڏي وٺ تائين محدود ھيون. جڏھن ڪو داءَ ڪري ويندو ھيس ته ڌڪ پچائي پوءِ گڏيل وياج سميت سمورو حساب ڪتاب چڪتو ڪري ڇڏيندو ھو.
ھڪ ڀيري ڳڙھيءَ جي خالصن مٿس نالي وار ڦر ڪرائڻ جي ڪوڙي فرياد داخل ڪرائي. ته سندن ھٿياربند پھري ھيٺ، واري ڪوٽ جي ٽڪاڻي کان گرو گرنٿ صندليءَ سوڌو، کڻائي ڇڏيائين. جڏھن پوري پنچائت گيسيون ڪري معافي ورتي تڏھن وڃي پوٿي واپس ٿي ۽ واه گرو جي فتح ٿئي.
ھڪ اليڪشن جي موقعه تي ڪَرنَ ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن تي ھڪ ڪٽر فرقه پرست ھندو عملدار پرزائيدنگ آفيسر مقرر ٿي آھيو، جنھن علي الاعلان آغا جي مخالفت لاءِ ڪمرڪشي. آغا مرحوم راتو رات سندس رسوئي معرفت کيس کير ۾ جمال گھوٽي جو جلاب ڏياري ڇڏيو. اليڪشن ڏينھن صبح جو مھاشيه پولنگ اسٽيشن تي براجمان ٿي پائخاني ۾ ويو. جھٽ گھڙي رکي ٻاھر آيو. وري ترت باٿ روم ڏانھن ويو ۽ پوءِ وري ٻاھر نه نڪتو. اتان ئي کيس کٽ تي کڻائي شڪارپور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ان پولنگ تي آغا نوانوي سيڪڙو ووٽ کنيا!
ھڪ ٻي اليڪشن ۾ گھوٽڪيءَ جي پولنگ اسٽيشن تي مخالف اميدوار جو نمائندو ھڪ رٽائرڊ پوليس علمدار ھيو. جنھن ھر منٽ منٽ ۾ ووٽرن تي اعتراض واري ڪونه ڪو ڦڏو شروع ٿي ڪيو. سندس مقصد ھي ھيوته وقت اھڙي نمون گنوائي ڇڏجي جيئن آغا جا ووٽ داخل ٿي نه سگھن. آغا مرحوم، جو اليڪشن جي واءُ سواءُ لھڻ لاءِ گشت تي ھو، اتي اچي وارد ٿيو. تنھن اھا روئداد ڏسي، ان پوليس پينشنر جي عينڪ ميز تان کڻائي ڇڏي، جا ھن گھڙي گھڙي تي پاتي، وري اعتراض وارڻ وقت لاھي ٽيبل تي رکي ڇڏي. ھاڻ جوويچارو چشمي بنان ڏھن قدمن تي ھاٿي ڏسڻ کان به محروم ھو، سو ووٽرن جي لسٽ ڪيئن ڏسي! لاچار ٿي ھو پنھنجو ڳاڙھو رومال ۽ ناس جي دٻلي کڻي واپس گھر وڃڻ لاءِ آتو بيٺو رھيو. آخر ڪنھن کي سندس حال تي رحم آيو جو کيس ھٿ کان وٺي گھر ڇڏي آيس.
ڳڙھيءَ جي ميونسپل واري اليڪشن ۾ جڏھن شھر جي ھندو ۽ خالصه ليڊرن ڪنھن فيصلي ته سمجھوتو ڪرڻ کان بائڪاٽ ڪيو، ته شھر جي ڪمي ڪاري ۽ ڀنگين کي ميونسپل ميمبر چونڊائي ڇڏيائين. صدارت لاءِ وري ھڪ ٽانگي واري اميدوار بيھاري ڪامياب ڪرايائين. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته اھو ميونسپل جو دور نھايت شاندار ثابت ٿيو. ان ميونسپل جي صدر جو نالو ”سڪندر“ ھو. پوءِ ٿي سگھيو ٿي ته مٿس سندس نالي جي برڪت ھجي!
عمر جي آخري حصي ۾ آغا کي پنھنجي چند دوستن جي روش خلاف شڪوه شڪايت ڪندي ٻڌوويو. ٿي سگھي ٿو، ته سندس دوستن جي اراڏين ۾ اضافو ٿيو ھجي، يا وري عمر جي تقاضا باعث آغا مرحوم جي قوت برداشت ۾ ڪمي آئي ھجي. يا وري ھي به ممڪن آھي ته نئين زماني جي نرالي چال ۽ نئون رنگ ڍنگ سندس ڏانو تي نه چڙھيو ھجي! مارشل لا آئي، ھو ذرا دلشڪستو ٿي پيو. سياست سندس وندر ھئي ۽ اھا ورونھه ھاڻ نه رھي. راند رس ۾ ڇڏڻ مناسب سمجھي، سياست کان عملي طور رٽائر ڪيائين.
انفرادي طور آغا مرحوم ھڪ غير معمولي شخصيت جومالڪ ھو. سندس صبر، سمجھه ۽ قوت برداشت عام انساني صلاحيتن کان گھڻو بلند ھئي. عموماَ کيس ”ڀريو مٽ“ چوندا ھئا. ھٿ جو سخي ھو ۽ سندس دسترخوان نھايت وسيع ۽ ڪشاده ھو. مھمانن جون ھڪڙيون بھيرون اينديون ھيون ۽ ٻيون اسھنديون ھيون. جي سندس سنگتي ساٿي ھئا انھن کي ڀلي ڀت ڄاڻ ھوندي ھئي ته ڪافي سفيد پوش گھراڻن کي پئسي پنجڙ جي امداد جو ھٿ ڊگھيڙيندو ھو. جن سان جيءَ ريڌل ھوندو ھيس تن سان ليکو ئي نه ڪندو ھو. مھل جو مڙس ماڻھو ھو. ڪڏھن ڪنھن سان ويل نه وڃايائين. جتي به کيس ”آءُ“ ڪئي ويندي ھئي اتي دل وجان سان ”جيءُ“ چئي ڪڏ ڪري مچ ۾ ڪاھي پوندو ھو. پنھنجي ڳوٺ خواه تعلقي جي ماڻھن ۾ ساه ھوندو ھيس ۽ مٿن آيل ڪا به آپدا سھي نه سگھندو ھو. ھر مصيبت جي مقابلي وقت پنھنجي سر جو سانگو ڪرڻ سندس لاءِ مھڻي برابر ھيو. پاڙي ۾ ھڪ ڀيري باه لڳي ته مون کيس پنھنجي اکين سان ٻه ٻه گھڙا ھٿن ۾ کڻي آڙاه ۾ ڌوڪيندو ڏٺو.
خبر پيس ته امروٽ شريف ۾ سندس دوست ھدايت الله دل زميندار جي گھر کي ڌاڙيل گھيرو ڪري ويٺا آھن ته اتي پھچي مشين گن کڻي ڪوٽ مٿان نشانو وٺي ويھي رھيو. تيستائين اتان نه ھٽيو، جيستائين سکر جي پوليس اتي پھچي ڌاڙيلن کي ختم ڪيو.
جي ٻوڏ اچڻ جا ھواڻان ٿيا، ته پوءِ سندس ننڊ آرام ۽ کاڌو پيتو زھر ٿي ويندو، ويٺو انجنيئرن سان مھاڏا ڏيندو ۽ ڇيڙون گڏ ڪندو. بندن تي سندس ڦير پيا پوندا. جي ڪٿي کنڊ پيو يا ڪنھن بند تي پاڻيءَ جو زور پيو ته آغا وڃي آکاڙو وجھندو. ديڳيون پيون چڙھنديون، ٻڪريون پيون ڪسنديون ۽ آغا مٽيءَ تي پلٿي ماري رھندو. ڪم ڪندڙن کي سندس ”گھوري گھوري ۽ شابي شابي“ پئي پوندس. ان وقت تائين سک نه سمھندو جيستائين ٻوڏ کي ڪنھن ٻئي موڙ نه پھچائي.
علم و ادب سان عشق ھوندو ھيس. پاڻ پارکو ۽ قدردان ھئڻ سان گڏ ھميشه اھا ڪوشش ھوندي ھيس ته سندس اڪثر وقت عملي رھاڻ ۾ گذري. سندس علمي دوستيءَ جو دائره حسام الدين راشديءَ کان ويندي جوش مليحه آباديءَ تائين وسيع ھوندو ھيس. پنھنجي زماني ۾ آغا اولين سنڌي زميندار ھو جنھن لکين روپيا خرچ ڪري ڳڙھيءَ ۾ اعلى پيماني جي لائبريري ”آشيانه ادب“ قائم ڪئي، جنھن نادر خزانه جي پرگھور اڄ ڪلھه اڏوھيءَ حوالي آھي. 1937ع ڌاري ڳڙھيءَ کان ھڪ ھفت روزه اخبار ”پيغام صلح“ جاري ڪيائين. بعد ۾ سکر کان روزانه اخبار ”انقلاب“ جو پايو وڌائين جا اڄ ڏينھن سوڌو باقاعدي نڪرندي رھي ٿي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ھاڻ منجھنس اھا چس ۽ سواد نه رھيو آھي. اخباري دنيا سان ناتو نباھڻ لاءِ آغا مرحوم پنھنجي قلمي ڪاوش جو سلسلو به جاري رکيو. سندس ڪجھه مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيا. سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ڪجھه نادر نسخا سندس ھٿ آيا، جن جي اصلاح ڪرڻ بعد اھي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپايا ويا. حج کان واپسيءَ بعد پنھنجون سفرنامون ”مسافر حجاز“ ۾ شايع ڪرايائين.
سندس دوستي جو دائره انتھائي وسيع ھو. ھو سنگت رکي به ڄاڻندو ھو ۽ نباھي به سگھندو ھو.دوستن جي انتخاب ۾ ھو ڪنھن به خاص سطح يا درجي جو قائل نه ھو. سندس رفقين ۾ ڪافي انداز انھن ماڻھن جو ھو، جي غريب مسڪين ۽ لاوارث ھوندا ھئا. جنجي وقت بوقت مشڪل ڪشائي ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندو ھو. جن ماڻھن سان دوستي جو دم ڀريندو ھو ته ساٿ نباھڻ لاءِ سندن ڪاڻ ڪڍڻ، ڪَس کائڻ ۽ سندن سڀ انگل سھڻ ۾ به خوشي محسوس ڪندو ھو. وري جن لاءِ جاکوڙ ڪڍيائين انھن به پنھنجي وسعت آھر ساڻس واه جو نباھيو.
مون آغا مرحوم جا ڪي اھڙا به غريب پر جان نثار دوست ڏٺا آھن جي جي سندس صحيح معنى ۾ عاشق ھئا. حالانڪه مرحوم جي لاڏاڻي کي ڏھ سال گذري چڪا آھن پر اڄ به انھن اڳيان آغا جو نالو کڻندا ته سندن اکين کان بي اختيار ڳوڙھا ڳڙي پوندا. جي يقين نه اچيو ته ڳڙھي ياسين ۾ وڃي اھو مشاھدو ماڻيو. جي ٻيو ڪو نه مليو ته علي نواز ڀٽي جي پڇا ڪيو. سندس اھي دوست جي ”وڏا ماڻھو“ ھئا يا آھن تن لاءِ آءُ ڪا گارنٽي نٿو ڏيئي سگھان، ڇاڪاڻ ته انھن جي دوستي ۽ برادري قادر جي ڪمن جيان بغير مقصد ۽ مطلب جي ھرگز نه ٿيندي آھي. ليڪن وڌيڪ الله کي خبر! ڇاڪاڻ ته دلين جو مالڪ اھو ئي آھي. ٿي سگھي ٿو آءُ غلطيءَ تي ھجان.