سردار علي گوھر خان مھر
اھڙا جکرا جُنگ جوان جي ڪڏھن ڪاڻيارا نه ٿيا، مون پنھنجي سانڀر ۾ سوين ڏٺا. سنڌ ۾ ته اڻڳڻٺ ھئا. پر پنھنجي ڳوٺائي ضلعي سکر ۾ پڻ اھڙيون ڪئي ھستيون ڏٺم جي پنھنجو مٽ پاڻ ھيون. جن جي جاءِ ڀرڻ وارو اڃان سوڌو ڪو ڄائوئي ڪونه آھي. ھئا به گھڻو ڪري سڀ وڏيرا. پر ”پوءِ ڍاوا“ نه، پر آدي بڻيادي، راڄ مھاڄڻ وارا. اڄڪلھه جي ٺڙڪو ۽ ”لم ٺپ“ تي گذران ڪندڙ يا پلاٽن ۽ پرمٽن ڪڍ ڊوڙندڙ يا بانبڙا ڏيندڙ وڏيرا نه ھئا. ھو راڄوڻا سردار ھئا. وڏيرپ سندن وڏڙن جو ورثو ھئي. جنھن کي ھنن امانت ڄاڻي ايمانداريءَ سان نباھيو. ھي برابر آھي ته انھن ۾ ڪي سردار بھادر ھئا، خانصاحب يا خانبھادر به ھئا، پر لقب ۽ خطابن جو سندن ”شخصيتن“ سان ڪو لڳ لاڳاپو ڪونه ھيو. ھي پنھنجي سر ھڪ قسم جا ”ادارا“ ھئا.
روھڙي ڊويزن جي غيرآباد ۽ وارياسي تعلقه ميرپور ماٿيلي ۾، جتي منھنجي ننڍپڻ گذري، مون اھڙا ٻه عدد داڻا ڏٺا جن جھڙا بلا جا سياڻا، سورھيه ۽ سرويچ مون کي ڪٿي ڪونه سجھن. جي ھوا سردار بھادر قيصر خان بوزدار ۽ دادن خان لنڊ. ٻيئي سنڌي خواندا ۽ سرائيڪي ڳالھائيندڙ زميندار ھوا. سندن زمينداري به ڪا ايڏي وڏي ڪانه ھين. نه وري انھن ڏينھن ڪو اناج جو ايترو اگھه ھيو. پر وڏي دل گڙدي وارا انسان ھئا. سندن دسترخانو ۽ دوستيءَ جو دائرو ڪشادو ھيو. دوستي ۽ دشمني به واھ جو نڀائيندا ھئا. پنھنجي ننگ ناموس تي داغ اچڻ نه ڏيندا، ۽ پوءِ ڀلي لک لٽجي وڃن. ھٿ جا ڇوٽ ۽ سخي مرد ھئا. پوليس توڙي روينيو جو عملو ۽ عملدار، پگھار سرڪاري کڻندا ھئا پر نوڪري سندن ڏيندا ھئا. کين راشن پاڻي، گاھ پٺو، ڪاٺيون ۽ ڪڪڙيون گھر ويٺي پھچايون وينديون ھيون. پڙدي پوشي جو زمانو ھيو. ھر برائي کي برقعو پوءِ ڪتب آڻبو ھيو.
ورھاڱي جي لڳ ڀڳ روھڙي ڊويزن ۾ ھڪ نئين ۽ انوکي شخصيت ساماڻي، جا تر جي مڙني راڄن کي ترت ”پنھنجو“ ڪري ويئي. اھو اڀرندر ستارو ھيو سردار علي گوھر خان مھر. جو منھنجي خيال ۾ نه فقط اپر سنڌ جي قومي سردارن جو نڪ ھيو پر ان ناياب ”نطام“ جو اعلى ۽ آخري نمونو ھيو. جھڙو نالو ھيس اھڙوئي گوھر ھيو. مون قربائتا ماڻھو گھڻا ڏٺا آھن. سنڌ آھي ئي ميٺاج واري ماڻھن جو ملڪ. پر نوڙت، نياز ۽ نھٺائيءَ ۾ سردار مھر جو مٽ مقابل مون ڪونه ڏٺو. ڪنور ڀڳت جيان ٻانھون ٻارھوئي ٻڌل. ڄڻ ھر ھڪ جو زر خريد ڪيل غلام ھيو. سڀ کي سيراندي ويھاري پاڻ پيراندي کان بيٺو رھندو. مرڪندڙ منھن، ٻھڪندڙ چھرو ۽ اٿاھ ڇاتي ڄڻ پوري دنيا کي ٻک ۾ پناھ ڏيڻي ھيس. رعبدار اوراپ. انھن حسين ماڻھن ۾ ھڪ ھيو جن جي ڏسڻ لاءِ ڳوٺاڻيون مائيون پيھر ۽ پلويڙن کان ليئا پائڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ رھنديون آھن.
سردار علي گوھر جي سياست سنگت ھئي. دوستيءَ جو دم نباھڻ سندس زندگي ھئي. وڏي ڳالھه ته سندس دوستيءَ جو بنياد ڪنھن به شخصي مقصد ۽ مطلب تي رکيل ھرگز نه ھوندو ھيو. ان ڪري سندس سنگت جي حلقي ۾ وڏن ماڻھن گڏ ڪيترا مون جھڙا عام مسڪين ماڻھو پڻ داخل ھئا. روھڙي ڊويزن جا اڪثر وڏيرا وڙ سندس ڳچي ۾ ڳھنڊڻين جيان وچڙيل ھوندا ھئا جن کي گلن جا ھار سمجھي اکين تي رکندو ھيو.جڏھن سانگي سان ڪو دوست کائونس ڪاوڙجي ويندو ھيو ته سردار جو ساڻس پرچاءُ ڪرڻ ڏسڻ وٽان ھوندو ھيو. مارڪا ۽ مھانڊا ميڙ ڪري ڳچيءَ ۾ ڳارو وجھي ٻانھون ٻڌي اڳيان اچي بيھندو. ”ادا سائين بخش، خطا وار آھيان.“ اڀي پير بيٺو ھوندو. جيسين وڃي رُٺل يار ريجھي. شايد اھوئي سبب ھيو جو مرندي دم تائين مون کانئس ڪو دوست پاسيرو ٿيندي نه ڏٺو. روھڙي ڊويزن جون جملي قومون ۽ سندن سردار، جيئن ته گھوٽه، ڌاريجا، بلا، چاچڙ ۽ بوزدار سڀ سندس محبت جي ڏوريءَ ۾ عمر ڀر ٻڌل رھيا.
پاڻ روھڙي ڊويزن جو وڏو زميندار ۽ مھرن جو سردار ھيو، جا قوم سنڏ جي ڏاکڻي سرحد تائين پکڙيل آھي. سندس زمينداريءَ جو وڏو حصو وارياسي ۾ ھئڻ ڪري غيرآباد ھوندو ھيو. تڏھن به ٿلھي ليکي يارنھن ھزار بيل گاڏيون ته فقط ڪڙٻ جون سندس حصي ۾ اينديون ھيون. ان ھوندي به پاڻ وٽ بئنڪ بئلينس بڙي ھوندو ھيس. اُٽلندو دائما ڪَنن تائين قرض ۾ ٻڏل ھوندو ھيو. ون يونٽ جي دور ۾ تر جا سمورا ننڍا وڏا زمينداڙ سندس خرچ ڀاڙن تي لاھور جا گشت ڪندا ھئا، کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ ته الڳ، پر سندن ويس وڳا ۽ خريداريون پڻ سندس بلي ڪيون وينديون ھيون. لاھور ۾ ڪجھه سنڌي ميمبرن توڙي سنگتي وزيرن جي ڪوٺين جي کاڌ خوراڪي رسد پڻ سردار صاحب جي موديءَ ذمي ھوندي ھئي. الله نه ڀلائي. گھٽ ۾ گھٽ قاضي فضل الله جو مھمان خانو ۽ اٽالو ته ھلندو ئي سندس خرچ تي ھيو.
مرحوم ايوب خان سان گھاٽي دوستي ھيس. ان زماني کان وٺي جڏھن ايوب خان اڃان نه پورو جرنيل ٿيو ھيو ۽ نه وري ڪا کيس ملڪ گيريءَ جي ھوس ئي پيدا ٿي ھئي. ھر سياري ايوب خان پنھنجي اٽالي سوڌو شڪار سانگي اچي وٽس مھمان ٿيندو ھيو. سردار ھونئن به مھمانوازيءَ جو ڪوڏيو ھوندو ھيو. شڪار جي موسم ۾ ته وٽس مھمانن جا ڪٽڪ اچي گڏ ٿيندا ھئا. جن لاءِ رڻ پٽ ۽ بيابانن ۾ طنبو طولان ۽ شاميانن جا شھر ٻڌجي ويندا ھئا. جنرل ايوب خان جي فيلڊ مارشل ۽ ملڪ جي صدر ٿئي به ٻنھي جي دوستيءَ تي ڪو فرق نه آيو. نه وري سردار مھر ڪو سندس دوستيءَ جو اجايو فائدو ورتو. اٽلندو ايوب خان جي زرعي سڌارن جي ضد ۾ پنھنجي اڌ کان گھڻي زمينداري گنوائي ويٺو. ھي ٻي ڳالھه آھي ته مرحوم ايوب به ساڻس سنگت جو ناتو واه جو ملھايو. جڏھن آخري وقت ۾ سردار مھر اوچتو بيمار ٿي پيو ته ايوب خان کيس کڻائي فوجي اسپتال ۾ پنھنجي خاص ڊاڪٽر جي علاج ھيٺ رکيو. ملڪ جي صدر ھوندي به ايوب خان روزانه ٻه چار ڪلاڪ وقت سيڙائي وٽس اچي ڪچھريون ڪندو رھيو. جڏھن سردار مھر اسپتال ۾ گذاري ويو ته سندس لاش فوجي جھاز ۾ روانو ڪري پاڻ به ڪڍ ٻئي جھاز ۾ اچي خان ڳڙه پھتو.
سردار صاحب کي الله پاڪ سڀ ڪجھه ڏنو ھيو، پر کيس اولاد ڪانه ھئي. پٺ قائم نه ھئڻ جو ملال ھر وقت سندس سر تي سوار رھيو. اھو عجيب اتفاق ھيو يا منھنجو خالي خيال ۽ وھم، ته سندس دلي لڳاءُ به اڪثر اھڙن ماڻھن سان ھيو جي پاڻ به اولاد کان محروم ھئا. جيئن ته سندس پيارو دوست پائند خان پٺاڻ، آغا بدرالدين خان دراني ۽ قاضي فضل الله. ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ واري مايوسي جي زماني ۾ ھڪ ڏينھن شام ٽاڻي، قاضي فضل الله کيس چيو ته سردار صاحب، اسان جو سج به ته ڪڏھن اڀرندو؟ سردار علي گوھر ٽھڪ ڏيئي چيو ته قاضي صاحب نه اولاد توکي ۽ نه مون کي. مون کي ته اڃا به ڪا رن روڳڙي ته آھي. تون ته انھن بلائن جي آزار کان به آزاد. اڌ کان گھڻي عمر جھاڳي اچي اڳڀرا ٿيا آھيون. ڪجھه گذري آھي، ڪجھه گذري ويندي. تو اسان وئي سج اڀري ته ڇا ۽ جي لھي ته ڇا. .
منھنجي سردار صاحب سان ڏيٺ ويٺ ته اٺيتاليھه واري زماني ۾ ٿي جڏھن آءُ آغا بدرالدين درانيءَ جو سياسي سفير ٿي وٽس وارد ٿيندو ھيس. پر مون کي ساڻس قربت تڏھن حاصل ٿي جڏھن آءُ روزانه انقلاب جو ايڊيٽر ٿي اچي سکر ۾ سھڙيس. ضلع لوڪل بورڊ جي صدارتي چونڊ جي موقعي تي، سردار علي گوھر خان مھر، مون تي ۽ رحيم بخش سومري، ٽنھي تي فوجداري ڏوھ جا ڪيس داخل ڪيا ويا. الزام ھي ھيو ته اسان ٽنھي گڏجي گھوٽڪيءَ جي مکيءَ کي سندس گھر کان ڀڄائي سکر ۾ ناحق بند رکيو ھو. ان سلسلي ۾ اسان تي ڌاڙو ناحق بند ۽ ھٿيار کسڻ جا جدا جدا قلم لاڳو ڪيا ويا. اھي سڀ ڏوھ درست ھوا پر ان واردات ۾ سردار علي گوھر مھر اسان سان شامل ڪونه ھيو. پر ھڪ ڀاري ڏوھ ۾ گڏ جوابدار ھئڻ ڪري به اسان کي پاڻ ۾ ويجھو اچڻ جو موقعو مليو جا ويجھڙائي مرندي گھڙيءَ تائين قائم رھي.
ون يونٽ جي نوڪريءَ واري دور ۾ اسان ٻنھي جي لاھور ۾ وقت بوقت ملاقات ٿيندي رھي. ان زماني ۾ گھاٽي سنگت ھوندي به مون ھي ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي سردار صاحب ۽ مون وچ ۾ ”وڇوٽي“ ھئي. اھا ”وٿي“ شايد ھن ڪري ھئي جو عورتن جي حق ۾ ٻنھي جا رايا ۽ رستا الڳ ھئا. غلط يا برابر، عورتن جي آءُ عزت ۽ حرمت جي حق ۾ ھيس. مون لاءِ عورت ھميشه زندگيءَ جي پراسرار پرولي پئي رھي آھي جنھن جو ڪو سر ۽ پاھوئي ڪونه مليو اٿم. منھنجا به انھن حورن سان ڪيئي ٽڪر ضرور ٿيا جي لاھور جي سوڙھين گھٽين ۽ تنگ پاڙن جون زينيت ھيون. پر ھر ڀيري آءُ پنھنجي ضمير جي لعنت ۽ ملامت کان پريشان ٿيندو رھيس. مون ڏٺو ته جسم کي ڌوئي صاف ڪرڻ ته سولو ھيو پر ضمير جا داغ ۽ ڌٻا مٽائڻ اھنجا ھئا. منھنجي اھڙن بي سود واعظن يا ممڪن آھي ته ڪنھن ٻئي سبب، سردار صاحب مون کان ڪجھه عرصي لاءِ پاسيرو ٿي رھيو.
1957ع واري مارشل لا ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻھن تي مڙھيل جدا جدا مصيبتن سنڌ جي سياست ۽ سياسي شخصيتن جي جڙ اکيڙي ڇڏي. زرعي سڌارن جو اصلي مقصد ھيو ته جيئن موروثي مالڪن جوحق ريٽي زمين جي مالڪي جي نئين سر ورڇ ڪئي وڃي. جنھن عمل جو زمين جي سڌاري، پوک يا اپت جي واڌاري سان ڪو واسطو ھيو ئي ڪونه . بنيادي جمھوريت جي جا سوغات آندي ويئي اھا ھر پاڙي اوڙي کي سياسي آکاڙي بڻائڻ جي ترتيب ثابت ٿي. ون يونٽ کان مراد ھئي ٻين جئرن جاڳندن صوبن کي زنده دفن ڪري ھڪ سڪيلڌي صوبي کي ورسائڻ. انھن اوطاقي سازشن سبب سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ بي پناه بي وسي، مونجھارو ۽ مايوسي ڦھلي. اھڙي ٻوسٽ ۽ ھٻس ۾ سنڌ جون ڪيئي املھه شخصيتون دل ھول جي ھاويءَ ۾ ھڄي ويون. سردار علي گوھر مھر به انھن ۾ ھڪ ھيو.
سياست ۽ سنگت سنڌي وڏيرڪي زندگيءَ جون دلچسپ ۽ دل پسند مشغوليون ھيون. خاص طور ان ماڻھوءَ لاءِ جنھن کي نه ھئي آل نه اولاد. ورونھه جي وسيلن وئي پڄاڻان جياپي جي آس ۽ اميد کي لھس لڳڻ ھڪ لازمي امر ھيو. زندگي جي آخري ايام ۾ عشق جو سھارو ورتائين، خودڪشي ڪرڻ جو اثرائتو ۽ ڪامياب طريقو ھيو. وري غضب خداءِ جو. اھو به لاھور ۾! جتي جون ڄؤرون فقط ڌن دولت چوسڻ تي راضي رھن تڏھن به چڱو. پر ھو ته ڏانئڻ جيان ھنياءُ ڪڍي کائڻ تي به ھريل ھيون. مرحوم عزيزالله پيرزادو جو منھنجو ڳوٺائي ۽ سردار جو مخلص دوست ھيو. ھڪ ڏينھن مون وٽ ڪھي آيو ۽ اچي احوال اوريائين ته سردار صاحب ڪنھن فريب ۾ ڦاسي لڏي پلاڻيءَ وڃي مري ۾ ديرو دمايو آھي. سندس گھران به پيغام آيل آھي ته کيس ريھي ريبي بلا جي چنبن کان آجو ڪرائي اچون. جنھن ڪم لاءِ توکان وڌيڪ ڪو ٻيو دوست ڪارائتو ثابت نه ٿيندو.
ٻيئي ڄڻا سنبري جھاز ۾ چڙھي وڃي پنڊي پھتاسين. ٽئڪسي ڀاڙي ڪري مريءَ وڃي سردار صاحب جا سلامي ٿياسين. سانجھيءَ ٽاڻي گھمڻ بھاني کيس ٻاھر وٺي اوٽائتا ٿي ٻنھي واري وٽيءَ تي مٿس خوب ڇوھ ڇنڊيا. کيس سندس حسب نسب ۽ حيثيث جي ياد تازي ڪرائي سون. ۽ ياري دوستيءَ جا واسطا وجھي اخلاق ۽ تھذيب جو ذڪر ڇيڙيوسين. سردار صاحب ماٺ ميٺ ۾ اسان جي بڪواس کي برداشت ڪندو رھيو. فقط ھڪ ڀيري منھنجي چھري کي چتائي ۽ گھوري ڏٺائين جڏھن مون ھڪ غير عورت لاءِ ”ڪسيرڪ ۽ ڪسبڻ“ جو گٿو لفظ اچاريو. جنھن عورت کي فقط مون ھڪ ڀيرو ڏٺو ھيو. جڏھن اسان جي اپٽار پوري ٿي ته پڇي پڪ ڪيائين ته اڃان ڪجھه وڌيڪ چوڻو ته نه ھيو. پوءِ وارو آيو سردار صاحب جو
”چي چڱا مڙس ڳالھه ٻڌو. مارشل لا آيو، اسان جي سياست ويئي جا اسان جي مشغولي ۽ وندر ھئي. لئنڊ رفارمنس آيا ته اسان جي زمينداري ختم ٿئي جنھن دولت جي دم سان اسان جي رھائي رسائي، دوستي ۽ دسترخانو قائم ھيا. آله اولاد، اوھان کي خبر آھي ته مون کي آھي ئي ڪانه، جنھن جي پالنا ۽ پرادخت لاءِ آءُ ويھي مٿا کٿا ڏيان. باقي وڃي رھي ھڪ رن. اھا به اوھان جي اندازي مطابق ھڪ ڪسيرو به ڪونه لھي. ان لاءِ به اوھان پٽڪا ٻڌي آيا آھيو ته کيس ڇڏيان! اڙي اوھان کي ڪو حياءُ ۽ شرم به آھي؟ ڪو خدا جو خوف يا ڏر، يا نه؟ اسان وٽ باقي بچيو ڇا آھي؟ جنھن جي ڌاڙي ھڻڻ لاءِ اوھين سنبري ھت آيا آھيو؟ . . . ھاڻي حڪم اوھان جو“ . . . اسان ٻنھي جا ڪنڌ شرم ۾ ھيٺ ھئا. جيڪر زمين ڦاٽي پوي ھا ته آءُ ته ھوند ٽپو ڏيئي ٻڏي مران ھا . . .
اھو ڏينھن اھو شينھن مون وري ڪڏھين ڪنھن کان ڪجھه کسڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي.