منشي ملنگ فقير
سندس اصلي نالو ڇا ھيو؟ ڪا خبر نه آھي، نه پاڻ ڪنھن کي نالو ڏسيائين ۽ نه وري ڪنھن کائونس اھڙي پڇا ئي ڪئي. عام طور تي کيس منشي ملنگ سڏيو ويندو ھيو. حالانڪه درگاه جي قديمي روايت مطابق، سندس مرشد طرفان رکيل نالو فقير ”نور قادر علي “ ھيو. پاڻ پني عاقل جو ويٺل ھيو. تيرنھن سال جي الھڙ عمر ۾ ڪنھن ڳالھه يا ڪنھن واقعي ڪارڻ ھن دنيا ۽ دنيا وارن کان دل کٽي ٿيس. بيزار ٿي پنھنجو گھر گھاٽ ڇڏي جھنگ منھن ڪيائين. ڪجھه ڏينھن پڄاڻان سيوھڻ اچي درگاگ ڀيڙو ٿيو.
ھن آسڻ تي سندس دل ۽ من کي اھو قرار حاصل ٿيس جنھن جي کيس تلاش ھئي. قلندري فقيرن جي حلقي ۾ داخل ٿي، ھڪ الله ڪري ويھي رھيو ۽ مرندي دم تائين درگاه جو در نه ڇڏيائين.
سيوھڻ ۾ قلندر جي درگاه کان سڏ پنڌ اور تي قلندري فقيرن جو ھڪ قديمي آستانو آھي جنھن کي عام طور ”ڪافي“ يا اڃان به ”پٺاڻن جي ڪافي“ سڏيو ويندو آھي. ھن ھنڌ قلندري طريقي جي ”جلالي“ فقيرن جو مرڪز آھي، جتي قلندر جي ملنگن جي روحاني تعليم۽ ترغيب جو سلسلو گذريل ست سؤ سالن کان جاري آھي. ھن قديمي اداري جي مدار لمھام کي ”مرشد“ چيو ويندو آھي ۽ مريدن کي ملنگ. موجوده وقت ملنگن جو تعداد اڍائي سئو کان مٿي آھن جن جو ڪجھه حصو عبدالله شاه غازي ۽ اھڙين ٻين مختلف درگاھن تي مجاورانه خدمت چاڪريءَ لاءِ مقرر ٿيل آھن. ھن وقت تائين سلسلي وار نو عدد مرشد تي گذريا آھن جن جا مقبرا ڪافيءِ اندر موجود آھن. آخرين گادي نشين مرشد ”نادر علي شاه“ ھيو جو نوانوي سال عمر ۾ 1973ع ڌاري وصال ڪري ويو. موجوده گادي نشين مرشد ”حاجي محمد عارف علي شاه“ آھي جو ھڪ نوجوان اعلي تعليم يافته ھئڻ سان گڏ ايم بي بي ايس سند يافته ڊاڪٽر پڻ آھي. مرشد نادر علي شاه جي وصال کان ٽي ڏينھن اڳ کيس سيوھڻ اچڻ جو اوچتو حڪم مليو جتي وصيعت مطابق کيس گاديءَ جي واڳ حوالي ڪري سندس تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. اوقاف جي وجود کان اڳ ھر گادي نشين جي ھي روزمره جي فرض ادائي ھوندي ھئي ته ھو ھر صبح جو پنھنجي فقيرن جي ٽوله سان اچي درگاه جي ٻھاري ڏئي.
قلندر جي ڪافيءَ اندر اتر طرف ”سخي سرور“ جو آستانو آھي جو پڻ سوين سالن کان قائم دائم آھي. ھن آسڻ تي ”سخي سرور سلطان“ چاليھه ڏينھن چلو بچايو ھيو ۽ بارگاه الاھي ۾ دائمي لنگر سوال ڪيو ھئائين جو قبول پيو ۽ ھتي لنگر سدائين جاري رھي ٿو. ھند خواه سنڌ ۾ ”ڪافي“ ھڪ واحد آستان آھي جتي عام مخلوق، غريب غربي عام و خاص ۽ آئي وئي کي ماني کارائي وڃي ٿي. ميلي دوري ته ھزارن ماڻھن کي پرعام رواجي ڏينھن تي پڻ سون کي ٻه وقت ٻوڙ ماني ۽ ٻه وقت چانھه پياري وڃي ٿي. سياري اونھاري لنگر جو سلسلو چالو رھي ٿو. سيوھڻ جي مالڪ مار گرميءَ ۾ روزانه ويھه ٽيھه مڻ اٽو ڳوھي مانيون کارائڻ اھڙو ڪٺن ڪم آھي جو قلندر جا مست ملنگ ئي سرانجام ڏيئي سگھن ٿا ۽ باقي ٻئي ڪنھن جي مجال نه آھي. ھڪ دفعي ڪنھن گھڻگھري مرشد بادشاه کي صلاح ڏني ته سائين ڪڻڪ مھانگي ٿيڻ واري آھي ۽ پنجاه رپئي مڻ به مشڪل ملندي انڪري اڳواٽ وٺي رکو. مرشد کلي کيس چيو لنگر الله جي نالي ۾ پيو ٿو ھلي ۽ رزق ذمون به سندس آھي. جي ڪڻڪ جو في داڻو به پنجاه روپيا جي قيمت تي مليو تڏھن به انشاءَالله لنگر قيامت تائين جاري رھندو.
منشي ملنگ فقير ڪافيءَ ۽ لنگر جي ٻاھرين انتظام تي مقرر ٿيل ھو ۽ ان سلسلي ۾ اڪثر تر سندس ڪراچيءَ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو ھيو. منھنجي ساڻس واقفيت ته ورھين کان ھئي پر گذريل چئن پنجن سالن کان ان قربت ۾ خاصو اضافو ٿيو ھو. ڇٺي ڇماھيءَ ملاقات پيئي ٿيندي ھئي. ماٺيڻي مزاج ھئڻ سبب ڪلاڪ اڌ ۾ مشڪل سان ڪو جملو اڌ ڳالھائيندو ھيو. ورنه ٿيو ڀلو. ڪڏھن ڪڏھن منھنجي اڏي ابتي سوال ڪرڻ تي سندس اکين ۾ ھڪ عجيب قسم جي چمڪ پيدا ٿيندي ھئي جنھن جي غلبي سبب منھنجي لڱن ۾ ڏڪڻي ۽ اندر ۾ سپاٽو اڀرندو ھيو. ھڪدم ڳالھه بدلائي ٻيو ڪو قصو شروع ڪندو ھيم تڏھن وڃي فقير سانت ۾ اچي پنھنجو دستوري مرڪڻ جاري رکندو ھيو. ٽي سال اڳ احوال ڏنائين ته امتحان ۾ ٽيھه مارڪون حاصل ڪيون ھئائين ۽ چيائين ته اڃان پنڌ پري آھن.
ٽي سال اڳ منشي ملنگ فقير کي سرطان جي بيماري سبب سندس ڄنگھه ۾ ڳڙ پيدا ٿيو جنھن نھايت خوفناڪ صورت اختيار ڪئي. ڊاڪٽر رايو ڏنو ته سندس ڄنگھه گوڏي وٽان ڪاٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو علاج نه ھيو. منشيءَ اھڙي آپريشن ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. ڪنھن ڏس ڏنس ته نانگ جو ڏنگ ھڻاءَ ته فائدو ٿيندو. کلي ويٺو. چيائين ته ”خدا ۽ قلندر“ جا ڪم ڏسين ٿو؟ ھاڻ مون نانگي کي نانگن حوالي ٿو ڪري. ”خداءِ قلندر“ سندس تڪيه ڪلام ھيو ۽ سندس ھر جملو خداءِ قلندر سان شروع ٿيندو. آخر ھڪ ڏينھن ڪافيءَ ۾ ويٺي پاڻ خنجر کڻي ڪئنسر جو ڳڙ ڪپي ڇڏيائين. الله منھنجي قدرت مھيني اندر نؤبنو ٿي پيو. ڏيڊ مھينو اڳ مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ ڏاڍو خوش خورم ۽ باغ بھار ٿي لڳو. چيائين ته امتحان پورو ٿيو ۽ پنجونجاه مارڪون مليون آھن جي منھنجي لحاظ کان ھڪ معراج آھي. مون ڳڙاٽڙي پائي کيس مبارڪون ڏنيون. ڪوپو ۽ قدآور جوان ھيو ۽ آئون سندس سيني تائين مس پھچندو ھيس. پر سندس شڪل شبيھه ننڍڙن ٻارن جيان معصوم ھئي. سندس مرڪڻ اھڙو مٺڙو ۽ من موھيندڙ ھيو جو آءُ پھرن جا پھر ويٺو کيس گھوريندو رھندو ھيس.
عبدالله شاه غازي جي تربت ۽ درگاه، منشي ملنگ جي ھٿن جي ٺاھيل ھئي، ھتي 1923ع کان 1930 ع تائين، مرشد نادر علي شاه جي حڪم ماتحت، درگاه جي تعمير لاءِ پٿر ڍوئيندو ۽ اوساري ڪندو رھيو. ان زماني ۾ موجوده ڏاڪڻ ٺھيل ڪانه ھئي ۽ مٿي اوچائي واري چڙھائي نھايت اوکي ۽ اڻانگي ھوندي ھئي. منشي ملنگ جي پٺيءَ تي وڏا پتر رسيءَ سان ٻڌا ويندا ھئا جي ھو يڪساھيءَ مٿي پھچائيندو ھيو، کيس اڪثر قلندر جو ”پاڏو“ سڏيو ويندو ھيو. صبح جو سويل ”لي“ مارڪيٽ کان ٻڪرين لاءِ گاه ۽ لنگر لاءِ سبزيون ۽ ترڪاري کڻي پيرين پنڌ غازي عبدالله شاه جي درگاه تي رسندو ھيو. نيرن کان ٽپھريءَ تائين پٿر ڍوئيندو ھيو. درگاه جون جملي جايون ۽ ھيٺان وارا رھائش ڪواٽر سڀ سندن ھٿن جا ٺھيل آھن. ساڳيءَ ريت ڪافيءَ جي اڪثر عمارتن ٺاھڻ ۾ پڻ سندس پورھيو شامل ھيو.
منشي ملنگ جي واقفيت کان اڳ مون کي قلندر جي ملنگن لاءِ جو تصور ذھن ۾ ھيو اھو ھي ھيو ته ھو ڏنڊا مشٽنڊا ۽ بيڪار قسم جا ماڻھو ھئا جن چرس جي دگاڙن ھڻڻ، ڳانا ۽ گودڙيون پائي ۽ چمٽا کڻي نچڻ ۾ پنھنجي عمر ٿي گنوائي ۽ سندن شراشريعت ۽ عبادت الاھيءَ سان ڪو تعلق نه ھيو. ڪافيءَ ۾ اڪثر اوقات مھمان ٿيندي جڏھن پنھنجي اکين سان مشاھدو ماڻيم ته منھنجيون وايون بتال ٿي ويون، ۽ ڪپاٽ کلي پيم. ڏٺم ته نشيدار شين جو واھپو ھيو ۽ نه ڪا بدعت عمل ۾ ٿي آئي. پنج وقت نماز ۽ ساري رات ذڪرالاھيءَ سواءِ ملنگن جنھن محنت ۽ مشقت سان ڪافيءَ جو مڪمل انتظام ۽ لنگر جو بندوبست ٿي سنڀاليو اھو عام رواجي انسانن جي وس کان ٻاھر ھيو. مون کي ته اھو گمان به غالب ٿيندو رھيو ته اھي ملنگ واقعي ئي انسان آھن يا غئبات. ھي ٿورڙن ماڻھن کي علم آھي ته انھن ملنگن ۾ ڪيترا اعلى تعليم يافته ۽ وڏن گھراڻن جا فرد آھن. ھي پنھنجي رضا خوشيءَ سان تارڪ الدنيا ٿيا آھن. منشي ملنگ کان علاوه منھنجي جنھن ملنگ سان دوستي آھي اھو سائنس جو گريجوئيٽ پڻ آھي.
قلندر جو ملنگ ٿيڻ اھڙو ئي آھي جھڙو پلصراط کان پار لنگھڻ. دنيا سان قطع تعلقات ته پنھنجي جاءِ پر پنھنجو وجود وڃائڻ، پائڻ لاءِ گودڙي، سمھڻ لاءِ فرش ۽ کائڻ لاءِ ھڪ وقت، اھو به اوبر جي ماني. ۽ ڏينھن جو پورھيو ۽ رات جا اوجاڳا ان کان علحده. اسان جي وت ۽ وس کان ھي ڳالھه ٻاھر آھي. منھنجي نقطه نظر خودڪشي جا ٻيا به بھتر طريقا موجود آھن بجاءِ ان جو ملنگ ٿي پاڻ تي ظلم جبر ۽ ستم ڪجي. منشي ملنگ گھڻا دفعا روحاني موج لاءِ سوال پڇندو رھيس پر ھر دفعي مرڪندو رھيو ۽ چوندو ھيو ته گھيڙ ۾ گھڙي ڏس. موت لاءِ به جواب ساڳيو ڏنائين ته”مري ڏس“. مڃڻ مراد آھي. منھنجي لاءِ مرڻ آسان آھي، پر منشي ملنگ ٿي ھڪ پھر به جيئڻ نه فقط ڏکيو آھي پر ناممڪن پڻ. منشي ملنگ جي مرڻ بعد جڏھن کيس گودڙيءَ۾ سينگاري سندس منھن ڏٺو ٿي ويو ته منھنجي ٻئي ملنگ دوست سندس نزديڪ اچي چيو ته ”منشي جي، ملنگ تو ڪبھي مرتي ھي نھين، آپ تو مرگئي؟“ منشي ملنگ جو ٻوٽيل اکيون ھڪ وار کليون ۽ منھن تي مرڪ نمودار ٿي.سواليءَ کي جواب مليو ۽ منشي ملنگ واپس پنھنجي ماڳ رسيو. منھنجي خيال ۾ ڪنھن امتحان ڏيڻ لاءِ ھت آيو ھيو اھو اڪري پار ٿيو!