ڊاڪٽر ڊرئگو
اھڙن انسان دوست، خدا جي بندن ۾ ھڪ آھي ڊاڪٽر ڊرئگو، جو ڪافي زماني کان سنڌ جي عام ٿري ماڻھن جي سماجي ڀلائي ۽ صحت سنوار ۾ رڌل آھن. ايندڙ سال جڏھن ڊاڪٽر ڊرئگو پنھنجي پنجھتر سال عمر ۾ پير پائيندو ته لاڙ ۾، سندس لڳاتار انسان خدمت جا پنجاه سال پورا ٿيندا. مرڻ کان پوءِ ته اسين پنھنجي ھر مھربان مٿان سندس خدمتن بدلي جو تاج محل اڏيندا آھيون اھو ته ظاھر آھي. پوءِ ڇو نه، اھڙي موقعي تي، اسين پنھنجي ھن محسن مسيح جي جيئري، سندس ”سونھري جشن“ ملھائڻ جو فخر حاصل ڪريون ۽ اھڙي مانائتي ريت پنھنجي دلي شڪر گذاريءَ جي ھڪ روايت قائم ڪريون؟
ڊاڪٽر ڊرئگو، گوئا (ڀارت) جي خوبصورت شھر ”انجيرا“ جو رھاڪو ۽ ڪئٿولڪ ڪرستان آھي. ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪرڻ کان پوءِ ”دين ڌرم“ جي تنگ تپن ۽ تعلقن کان ٻاھر رڙھي اچي عالمي انسانيت جي اٿاه حلقي ۾ داخل ٿيو. اڄ کان اڻونجاھ سال اڳ، 1933ع ۾ ڊاڪٽري پاس ڪري، ميرپورخاص ۾ پنھنجي مامي، ”سرجن راڊرڪس“ وٽ روزگار سانگي سان اچي سھڙيو. سندس مامو، 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئي کان الڳ صوبي ٿيڻ ڪري، پٺيان قرض ڇڏي، واپس لڏي پلاڻي وطن روانو ٿي ويو. ڊاڪٽر ڊرئگو، جنھن ان وچ ۾ اسپتال ۾ نوڪري شروع ڪئي ھئي. سو ھڪ الله ڪري ۽ ھن ساڻيھه کي وطن بڻائي ميرپورخاص ۾ ويھي رھيو. کيس ھڪ سٺي ۽ ھڏ ڏوکي ڊاڪٽر ھئڻ ڪري، ڪيترن ھنڌان سڻڀين نوڪرين جي آڇ ٿي، پر ڊاڪٽر کي پئسي جي لالچ ڪڏھن ڪڏھن به نه گھيتاري سگھي ۽ نه ڌتاري. ھو چند سڪن جي چمڪي تي انھن ماروئڙن کان الڳ ٿيڻ لاءِ ھرگز تيار نه ٿيو، جن کيس پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ھيون. شھري ماڻھن جي شناسائي ته ھونئن به ڪنھن مطلب ۽ مقصد خاطر ھوندي آھي، پر ٿر ۽ برجا واھڻائي، ڪولھي، ڀيل ۽ واگھري، جي سچي دل سان سندس شيدائي ھئا، تن کي ڊاڪٽر ڪئن ٿي ڇڏي سگھيو؟
سندس اڻٿڪ ۽ لڳاتار ڪوششن جي نتيجي ۾ ھن وقت ميرپورخاص ۾ درجن جي لڳ ڀڳ اسپتالون قائم ٿيل آھن. انھن ادارن ۾ عام اسپتالن کان الڳ ٻيا ڪيترا صحت گھر شامل آھن جئن ته ٻارن لاءِ ”پوليو“ مرڪز، ڪوڙه لاءِ مرڪز، ”موٿاج“ ٻارن لاءِ تربيتي مرڪز، مائن ۽ ٻارن جي پرگھور لاءِ سينٽر، ۽ سلھه گھر. سماجي ۽ ثقافتي مرڪز انھن کان جدا آھن، جئن ته يتيم خانه، پاڙيسرين لاءِ صحت گھر، لوڪ ادب ۽ لئبرريون. چونڊ شھرين کي ”سماجي ڀلائي“ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ”روٽري ڪلب“ قائم ٿيل آھي، جتي تجارت ۽ ٻين ڌنڌن وارا ماڻھو پاڻ ۾ گڏجي انسانيءَ بھبودگيءَ بابت سوچ ويچار ۽ عمل ڪن ٿا. روٽري ڪلب جون ڪافي شاخون ڦھليل آھن،تنھنجو گورنر پاڻ آھي جو ”عالمي سطح“ تي مقرر ڪيو ويندو آھي. ھن ڪلب سھاري، گلن ۽ ڦلن جي نمائش ۽ انساني سھائتا لاءِ چنده گڏ ڪرڻ ۽ غريب مسڪينن کي مدد ڪرڻ وارا ادارا قائم ڪرڻ سرفھرست آھن. جڏھن ڊاڪٽر ڊرئگو جي خدمتن جو پڙاڏو ٿرپارڪر ۽ سنڌ صوبي جي سرحدن کان پرڀرو ٻڌڻ ۾ آيو ته پاپائي روم کيس اٽليءِ ۾ گھرائي ”سر“ جو خطاب ڏنو. ”سر“ جو ھي خطاب انھن ٺڙڪو لقبن کان گھڻو مختلف ۽ مٿڀرو آھي جي اسان جي وڏيرن کي سندن چاپلوسي ۽ خوشامد ۽ پنھنجي ملڪ سان دغا دولاب بدلي ۾ عطا ڪيا ويندا ھئا. ڪجھه سال اڳ ڊاڪٽر ڊرئگو کي آمريڪا گھرائي، اتي جي سياسي جماعتن پاران سندس آڌرڀاءُ ۽ آجيان ڪئي ويئي ۽ سندس انسان دوستيءَ کي ھڪ مثالي خدمت سڏيو ويو.
انساني دک درد ھلڪو ڪرڻ لاءِ دائمي ڪوٺا قائم ڪرڻ کان سواءِ ڊاڪٽر ڊرئگو جي وڏي ۾ وڏي خدمت آھي ”پاڻ جھڙا ھڏڏوکي ورڪر تيار ڪرڻ“ . ادارا ۽ جماعتون ته پلڪ پھر ۾ اڀري سگھن ٿيون. پر جيستائين انسانيت جو درد ۽ درد جي دور ڪرڻ واري صلاحيت رکندڙ ماڻھو موجود نه آھن ته پوءِ سموري ڪوشش ۽ سيڙپ بيسود ٿابت ٿئي ٿي . ھڪڙا اھڙا به انسان ھوندا آھن جي برپٽن ۾ باغ باغيچا ۽ محل ماڙيون اڏي جڏھن پاڻ لڏي ويندا آھن ته وري سندن تڏي اھائي سڃ ۽ ويراني وڪوڙي ويندي آھي جھڙي اڳ ھئي. سنڌ ۾ اھڙا ڪيئي ”دودو ڌور ۽ چنيسر ڇائي“ ٿي گذريا آھن. جن آئي رتوڇاڻ ٿي ۽ وئي خاڪ اڏاڻي. اھي ماڻھو ٿر واري برسات جي وسڪارن جيان آھن جي وسن ته ٿر نه ته بر ئي بر. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيئي حاذق حڪيم ھئا. جن وٽ نادر نسخه ھئا، ڪيترا استاد ڪاريگر ھئاجن جي فن جي ملڪان ملڪ ھاڪ ھئي. پر اھي سڀ سامان ساڻ ڪڇ ۾ کڻي وڃي قبر ۾ آرامي ٿيا پر فيض ڪنھن کي نه به ڏنائون. جنھن وٽ نانگ جي ڏنگ جو لاثاني علاج ھيو ۽ فقط دوا پھچڻ جي دير ھئي ته ان سائينءَ جي سنورائي پنھنجي پٽ کي به ان حڪمت عمليءَ کان نراس ڪري مري ويو. ڊاڪٽر ڊرئگو اسان جي اھڙين روايتن جي ابتڙ، ڪيئي ماڻھو پنھنجي ھمراھيءَ ۾ آڻي کين تربيت ڏيئي اھڙي لائين تي لڳايو آھي جو نه کين لالچ جي لھس لڳڻ جو ڪو انديشو آھي ۽ نه سندن اخلاقي پٽڙيءَ تان ٿڙڪڻ جو ڪو خطرو.
ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته دنيا ۾ سڀ کان اتم پورھيو آھي کيتي. ڇاڪاڻ ته ھاري راتيان ڏينھن نانگ لتاڙي پوک پچائي انسانيت جي تباخ پيٽ جي پالنا ۽ سندس اوگھڙ کي ڍڪائي ٿو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي اسان اھڙي پورھيت کي انگ اگھاڙي ۽ بکئي پيٽ رکي پنھنجي آبائي ڦرمار واري روايت کي زنده رکندا ٿا رھون. پر خدمت خلق جي سطح تي سڀ کان اول ۽ افضل پيشو آھي ڊاڪٽر جو. ھي برابر آھي ته ڊاڪٽر ڪنھن کي نه زندگي بخشي سگھي ٿو ۽ نه عمر وڌائي ٿو ڏئي. پر انسان جي درد کي دفعي ضرور ڪري ٿو سگھي. جنھن ڏس ۾ ھڪ رواجي ڏند جي سور لاھڻ واري احسان جو عيوضو به ڪو انسان چڪائي نه ٿو سگھي. جڏھن وري اھو ڊاڪٽر پنھنجي لوڀ لالچ ۽ شخصي آسائش کي ترڪ ڪري ايمانداري سان ”انساني خدمت“ کي پنھنجو مول مقصد بڻائي ٿو ته پوءِ سندس درجو وڃيو ولين ۽ قطبن جي قطار ۾ بيھي. ھونئن ته زندگيءَ ۽ موت جي پورٽ فولئي ۾ الله ڪنھن کي به شريڪ ۽ شامل نه ٿو ڪري، سواءِ شفا جي. شفا پڻ الله جي ڏات آھي ۽ جو به ان ڏات کي ڏوڪڙن تي وڪرو ڪندو ته پوءِ نه اھو ان ڏات جي مالڪ ٿيڻ جي لائق آھي ۽ نه ڪڏھن ٿي رھندو. پر اھي ڊاڪٽر جي وڏيون رقمون اڳاڙڻ ۾ پنھنجا ھٿ ميرا نه ٿا ڪن ته سندن ھٿ ۾ ”ھٿ شفا“ سونپي وڃي ٿي ۽ ستين ڦڪين کي فرق ڪرڻ جو امر الاھي جاري ٿئي ٿو. اھا رعايت ھر ان ويڄ طبيب ۽ ڊاڪٽر لاءِ عام جام کليل آھي جو مريض جي نبض کي ڏسي ۽ چڪاسي ٿو ۽ نه سندس کيسي کي.
ڊاڪٽر ڊرئگو جي اسپتالون، سماجي ۽ ثقافتي مرڪز قائم ڪيا، اھي نه راتو رات جادوءَ جي زور تي ٺھيا ۽ نه وري سندن تعمير ڪنھن الادين واري ڏيئي جي جنن طرفان ڪئي ويندي. ڪيتري ڏسڻن وائسڻن کي غلط فھميءَ به پيدا ٿي. خاص ڪري سرڪاري ڪامورن ته سندس رٿن ۾ روڙا اٽڪائڻ جي ڪافي ڪوشش به ڪئي. ھونئن به ھر ضلع خواه ڊويزن جو حاڪم ھر ان ڪارج جي مخالفت ڪندو آھي جنھن ۾ سندن بجاءِ ٻين جي نيڪ نامي ٿئي. اھڙا عملدار مينھن وساڙن ۽ موسمي تڏن جيان ايندا ۽ گمناميءَ ۾ غرق ٿيندا رھيا. ڊاڪٽر ڊرئگو ڪڏھن ڀلجي به ناموس ۽ ناماچار جي پٺ نه ورتي ۽ نه ڪڏھن پنھنجي پذيرائي لاءِ لاف ھنئي. ھن پنھنجو رت ست، جسم ۽ روح بيمارن جي صحت ۽ سنوار ۾ سيڙايو. ماڻھن کي اھا ڄاڻ نه ھئي ته کيس ائين ڪندي ڪيتري نه دلي راحت ۽ روحاني آسيس حاصل ٿي ھئي. مريضن وٽ ڊاڪٽر کي ڏيڻ لاءِ فقط ٻه چيزون ھيون؛ ھڪ پئسا ۽ ٻيو شڪرانو بجا آڻڻ. ڊاڪٽر ٻئي نمبر واري عيوضي کي اکيون ٻوٽي قبول ٿي ڪيو. گذريل ھفتي جڏھن شام ڌاريءَ آءُ سندس قدمن چمڻ لاءِ ميرپور پھتس ته حسب دستور ھو پنھنجي رفيقن گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻھن جي دک ونڊڻ ۽ دوا درمل ڪرڻ ۾ مشغول ھيو ۽ رات جي ڏھين بجي تائين اسپتال ۾ رھيو. 75 سالن عمر جو ماڻھو، اڀي پير ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ لڳاتار مريضن جي چڪاس ۽ علاج ۾ بيٺو رھي اھا پڻ ھڪ عبادت آھي ۽ نه ڌندو. ڊاڪٽر ڊرئگو جي ھڪ ٻئي رفيق ڊاڪٽر گفتگو ڪندي ڄاڻايو ته ڪجھه ڏينھن اڳ اڌ رات ڌاري ھڪ مريض سندس گھر جو ڪڙو کڙڪايو. ٻاھر اچي ڊاڪٽر کيس ميار ڏني ته ڀائو دوا وٺڻ جو ڪو وقت ٿيندو آھي ۽ ھي مھل آرام جي آھي. مريض چيو ته ”سائين اوھان جو وات گلاب. پر اوھان ڇتن ڪتن کي ڪجھه سمجھائي ڇڏيو ته بيگاه وقت واٽھڙن کي نه ڏاڙھين ۽ نه چڪ پائن، ڇاڪاڻ جو ان وقت ڊاڪٽر آرام ۾ ھوندا آھن.“
اسپتالون ۽ صحت مرڪز ته ھر شھر ۾ موجود آھن پر فرق آھي فقط مريض جي سنڀال، صحيح علاج ۽ ڊاڪٽر جي في جو. ننڍن شھرن ۾ اسپتالون آھن پر دوا ندارد. ڊاڪٽرن جي ڀائيچاري ۾ دوائن جا دڪان شھر ۾ کليل آھن. اھي اسپتالون سرڪار تي بدنما داغ آھن ۽ خزاني جي ڏيواله ھئڻ جو ثبوت. سول اسپتال ۾ غريب مريضن کي دوا بجاءِ پاڻي پڙھي پياريو ٿو وڃي. وڏيون اسپتالون آھن وڏن ماڻھن جي مرڻ جا ٺڪاڻه. جتي سندن ناڻي جي حصه رسيءَ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ٿو وڃي ۽ وارثن جون به داڪٽر جيان فوتي جي بئنڪ بيلينس ۾ اکيون کتل ھونديون آھن. اڳ مرڻ وقت مُلو اچي ”ياسين“ پڙھندو ھيو. ھاڻي ڊاڪٽر ”يا ڦٻان“ جو وظيفو ڪندا ٿا رھن. پنج ئي آڱريون برابر نه آھن پر ڳالھه آھي اڪثريت جي. ڊاڪٽر ڊرئگو کان پڇيم ته آخر اسان جي ديسي ڊاڪٽرن تي به ڪڏھن انسانيت جو پاڻي چڙھندو يا سندن سنوار لاءِ ڪو مھدي يا ھادي الڳ پيدا ٿيندو؟ ڊاڪٽر کلي چيو ته اسان جو ذھني صلاحيتون ھر وقت اسان کي پنھنجن بدنصيب ڀائرن، محنتي مزدورن ۽ غريبن جي مدد لاءِ للڪاري رھيون آھن. پر شرط ھي آھي ته اسان جو ضمير بيدار به آھي يا نه؟ ٻي حالت ۾ اندر جو آواز ٻڌي نه سگھنداسون. اسين پنھنجي زندگيءَ فقط پنھنجي ذھن ۽ ضمير مطابق سڦلي بسر ڪري ٿا سگھون. اوھين دعا ڪريو ته اسان جي ڊاڪٽرن جي اندر وارو ”سول سرجن“ شل سجاڳ ٿئي!
”مون کي ته پنھنجي چوگرد مفلسي ۽ مرض جي شڪار ٿيل ٿرين کي ڏسي ھڪ قسم جو دل ۾ ڏک ۽ سور اڀرندو آھي. مون کي جسماني ۽ روحاني صدمو پڻ رسندو آھي. آءُ سدائين سوچيندو آھيان ته مون کي جڳ جو مالڪ ايتري توفيق ۽ وصيعت بخشي ته آءُ انھن فاقه ڪش مرد ۽ عورتن جي سنوار ڪري سندن حياتين کي بھتر بڻايان. خاص طور بيڪس ۽ بيواه مائن ۽ ڀينرن کي ڏسي روزمره مون کي پنھنجو واعدو نئين سر سان دل تي تري ايندو آھي ته آءُ پنھنجي سموري حياتي پنھنجو دماغ، رت ۽ وت ٻئي ڪنھن رخ ۾ ضايع ڪرڻ بجاءِ، الله جي ڏتڙيل ۽ ڏکويل مخلوق جي ڏک ۽ ڏھاڳ ڏور ڪرڻ ۾ صرف ڪندس.“
الله جي مھربانيءَ سان اسان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڊاڪٽر ڊرئگو جھڙا رحمت جا فرشتا ٿورا يا گھڻا آھن ضرور. پوءِ آھن اٽي ۾ لوڻ جي برابر، جي ماٺ ميٺ ۾، سواءِ ڪنھن شھرت ۽ شور غل ڪرڻ جي، اسان جي ديس جي دکي ماڻھن لاءِ اھو ڪجھه ڪندا ٿا رھن جو نه ڪا فوج، نه ڪا سياسي پارٽي، نه ڪو ملڪ جو گورنر يا ڪو صدر ڪري سگھي ٿو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ سوڌو اسان جو ستايل ۽ ڏکويل ماڻھو پيو پساه کڻي ۽ جيئي. اھي الله جا نيڪ ٻانھا پنھنجن جاکوڙن ڪڍڻ ۽ ڏاکڙن سھڻ سان انسانيت جي زخمن ۽ دکن جو، دارون ۽ ملم پٽي ٿي انسان ۽ الله اوڏو اچي سندن خوشنودي حاصل ڪن ٿا.
ڊاڪٽر ڊرئگو پنھنجي پنجاه سال زندگي مرض ۽ موت جي مقابلي ۾ وس ڪندي گذاري آھي. ان سان گڏ سماجي ڀلائيءَ جي دائري ۾ ڪم ڪرڻ جو ڳوڙھو تجربو به پرايو اٿس. خاص طور ٻھڙارين ۾ ڳوٺاڻن سان لھه وچڙ ۾ رکڻ جو. سندس آزمودي کان فائدو وٺڻ خاطر ساڻس سنڌ جي ڳوٺن جي سنوار ۽ سڌار جو ذڪر ڪندي ھي سوال ور ور ڪري پڇندو رھيس ته جيڪڏھن ڪي دلي درد رکندڙ ماڻھو ان ڏس ۾ ڪجھه ڪرڻ چاھين ته کين ڇا ڪرڻ جڳائي؟ ڊاڪٽر ڄاڻايو ته اسان جي مان شان ۽ عزت ڀري زندگي تڏھن سڏبي جڏھن اسين پنھنجن لکھا ڳوٺاڻن جي ”حياتي بھتر“ بڻائينداسين. ان ڪارڻ اسان کي بھڙارين ۾ سماجي ڀلائي وارو تحرڪ ھلائڻ بلڪل ضروري آھي. شروعات ۾ اسان کي ھر واھڻ ۽ ھر ڳوٺ خواه شھر ۾ سماجي ڀلائي جي تحريڪ لاءِ چئن يا پنجن ورڪرن جا جٿا ”سنگت“ جي بنياد تي قائم ڪرڻا پوندا. اھڙي سنگت جو پايو طبع يا ڌندي جي ھڪ جھڙائي تي نه پر ھن اصول تي رکڻو پوندو ته اسان کي گڏجي ڳوٺ يا شھر جي سڌار ۽ سنوار لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. ان سنگت لاءِ ھي شرط ضروري آھي ته ھڪ ٻئي سان حسد يا ضد بجاءِ ڀائپي ۽ ڀائيچاري وارو ورتاءُ ھلڻو آھي. مول مقصد ٿيندو عام ماڻھوءَ جي زندگي بھتر بڻائڻ لاءِ جنگ جوٽڻ، پوءِ ڪيتري به قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي. اھڙا جٿا ھر ھنڌ ترتيب ڏيئي پھريون پنھنجي شخصي سنوار ڪرڻي پوندي جيئن ھر ورڪر پنھنجي اوڻاين ۽ ڪمزرين کي دور ڪري پاڻ کي ثقافت ۽ تھذيب جي اوچي منزل جي لائق ثابت ڪري. پوءِ ٻين جي ڀلائي لاءِ ھٿ پير ھڻڻ گھرجن.
انھن جٿن لاءِ پھريون قدم ٿيندو صفائيءَ لاءِ ٻھڙاريءَ ۾ تحريڪ ھلائڻ. ننڍن ٻارن کان وٺي وڏن تائين کين ھي احساس ڏيارڻو آھي ته ”سنڌين جو بدترين دشمن آھي گندگي.“ مرض ڄمي وڌي ۽ رھي ٿو گند ۾ . عزت ۽ آزادي ٻيئي صفائيءَ جون سڳيون ڀينرون آھن. چڱي حڪومت اھا جا ماڻھن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ اونده تڙڻ لاءِ روشني پھچائي. ڳوٺاڻن جا اصلي دشمن آھن ئي غربت ۽ مرض. ڳوٺن جي گھرن ۽ گھٽين کي چتائي ته ڏسو. کين ھي ٻڌائڻو پوندو ته ھو گند کي ڏسڻ لاءِ اکيون ۽ بدبوءَ لاءِ نڪ کي استعمال ڪن. ھر گھٽي 24 ڪلاڪن ۾ھڪ دفعو ضرور صاف رکڻي پوندي. ھر ھڪ کي ھٿ ۾ ٻھارو کڻڻو آھي. مٽيءَ تي ڇڻڪار ڪرڻو پوندو. گند کي ساڙڻو پوندو. اھڙي طرح ڳوٺاڻن کي صفائي جو مذھب سيکارڻو آھي جنھن لاءِ رقم جي نه پر عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته صحت صفائي يا تعليم جا وسيلا سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ اھڙائي ڪمزور قدم آھن جئن ڪنھن ستل ھاٿيءَ کي مور جي کنڀن (مورڇل) سان جاڳائڻ. ڇاڪاڻ ته جي ماڻھو پنھنجي جياپي لاءِ پيٽ پوڄا کان پل واندا نه آھن انھن جو ترقي، تھذيب ۽ آزادي سان ڪھڙو واسطو؟ سماجي انصاف ۽ اقتصادي عروج ته حاصل ٿيندو رت ولوڙڻ سان ۽ نه ڏڌ جھڳڻ سان. صفائي، صحت ۽ تعليم آھي پھرين وک. پر ھزار ميل جي مسافري به ته پھرين قدم سان شروع ٿيندي آھي. گھٽ ۾ گھٽ اھو ڏاڪو ته طئه ڪريون!