پائند خان پٺاڻ
پائند خان جو اباڻو ڳوٺ گوسڙجي آھي جو سکر ۽ شڪارپور جي وچ ڌاري آھي. ٽيھارو سال اڳ درياءَ جي ليٽ ۾ گھر لڙھي وڃڻ ڪري لڏي اچي پراڻو سکر ۾ واسو ڪيائين. چوندو آھي ته ليٽ به ٻين آسماني آفتن جيان فقط اھا چڪاس ڪرڻ لاءِ ايندي آھي ته متان ڪو غريب غربو ڀل چوڪ ۾ سکيو ستابو نه ٿيو ھجي. جي ھائو، ته پوءِ ان رخ ۾ وھڪ آڻي سندس اگر تگر ٻوڙي پوءِ مزي سان واپس ماڳ ورندي آھي. پراڻه سکر ۾ ۾ به پنھنجو ڪو گھر گھاٽ ته خير ڪي اٿس. پر سندس پار پتو ڳولڻ سولو آھي. جتي به چار ماڻھو ٽھڪ ڏيندي ڏسو، پڪ ڄاڻو ته اتي پائند خان ضرور موجود آھي. نه ته اڄڪلھه جي مايوسي ۽ مھانگائي واري دور ۾ ڪنھن جي مجال جو مرڪي به سگھي. ٽھڪ ڏيڻ وارو ته اڃان ڪوئي ڄائوئي نه آھي، سواءِ سڃي پائند خان جي. ٻھراڙي جي ڳوٺاڻن ۾ ته اڃان ڪو ٺڙو ٺڪاءُ ٻڌجي به پيو. پر شھرن تي ڪو الله جو ڏمر آھي. ماڻھو ائين ٿا منھن سڄائي ۽ ڀيلو ڪري گھمن ڄڻ سندن ھڙئي ڦرجي ويئي اٿن. بقول پائند جي ته ”ادا دل چوندي اٿم ته پاڻ تي گاسليٽ ھاري باه ڏيئي ڪوٺا ٽپندي شھرن کي آگ ڏيئي ائين رک ڪريان، جيئن ھنومان پنھنجي پڇ کي ڪپھه ويڙھي چوچڙي ڏيئي رانوڻ جي سري لنڪا ساڙي ھئي.
ھونئن ته پائند آدي بنيادي زميندار پڻ آھي ۽ ساڍا پنج ايڪڙ زمين جو اڪيلو مالڪ آھي. اباڻي ورثه ۾ ته يارھن ايڪڙ املاڪ حصي ۾ آئي ھيس. پر ٻوڏ آئي ته اڌ کان گھڻي زمين ريتيءَ ھيٺ اچي لٽجي ويس. چوي ٿو ته قدرت کي شايد مون واري ايڏي اٿاه زمينداريءَ کان خطرو لاحق ھيو ته مبادا آءُ ان ميراث تي بانور ڪري ڦونڊ ۾ ڀرجي فرعون يا شداد جيان خدائي لاءِ دعوا نه ڪريان. انڪري اڳواٽ ئي اڌ زمين وارياسي ڪري ڇڏيائين. جيئن عام ماڻھو عبرت حاصل ڪن. پروڪي سال بصر پوکيائين. فصل ڏاڍو ڀلو ٿيس پر اگھه ڪري پيو. چار ٽرڪون بصر جون ڀري ڪوئيٽا وڪڻڻ ويو ڇاڪاڻ ته اتي بصرن جي بھا چنڱيري ھئي. جيسين قافلو ڪاھي ڪوئيٽا پھچي ته اتي به اگھه سکر کان به ھيٺ لھي ويو. ايترو ڪجھه مليس جو ٽرڪن وارن کي ڀاڙو ڏيئي جند آزاد ڪيائين. پاڻ واچ وڪڻي ريل جو ڪرايو ڪري ”لوٽ ڪي ٻڌو گھر کو پھچي“ ٻج ۽ ڀاڻ ته اڳيئي اوڌر تي ورتو ھوائين. باقي قرض کڻي ڍل ڀرائين.
ڪجھه عرصو اڳ ڀاڻس چيس ته پائند، پنج سؤ روپيا مون وٽ آھن. باقي ڏوڪڙ تون ڏئي ته بابي ڏاڏي جون بُٺيون مرمت ڪرايون. پائند وراڻيو ته ھاڻي ھيئن ڪر،جو اھي پاڻ وارا پنج سؤ روپيا به مون کي ڏي ته ٽريڪٽر ڀاڙي ڪري پوءِ سڀني وڏن جون قبرون ڊھرائي پٽ ڪريان. چي مار پوين قنڌار کان ھليا ھئا ھتي ڳوٺ ٻڌڻ! کين گوسرجيءَ سواءِ ٻيو ڪو ھنڌ ئي نه سجھيو. ھڪ ته درياه آمھون سامھون. جا ليٽ اچي ته اول مھمان اسان وٽ. ٻيو ٻارھوئي دوزخ جي گرمي. يارنھن مھينا سانده تنور جي ڄر ۾ پيا سڙون. اسان جي وڏن کان ته ٺٺي جا مھاڻا سياڻا ھئا. اتي وڃي جڳھيون اڏيائون جتي گھٽ ۾ گھٽ کائڻ لاءِ ھوا ته ھئي. اھا به ٿڌيڙي.
سڄي عمر ڇڙو ڇانڊو رھيو. ٿي سگھي ٿو ننڍپڻ ۾ ڪا شادي ٿي ھجيس ۽ پوءِ گھر واري گذاري ويئي ھجيس. مون ڪڏھن سندس خانگي زندگيءَ ۾ نه جھاتي پاتي ۽ نه سندس شخصي معاملن جي جھڙتي ئي ورتي، نه وري پاڻ ڪو اھڙو قصو ڇيڙيائين. توڙي جو چاليھارو سالن کان گھاٽي دوستي آھي. البت ايترو سو ھڪ ڏينھن ٻڌايائين ته شادي لاءِ ارادو ھيم پر اڄ سڀان ڪندي اڌ عمر گذري ويئي. پوءِ پنھنجي عمر ايترو چڙھي ويئي جو ڪاسائين ڪوس لاءِ وٺڻ کان به انڪار ڪيو. انڪري ”جوءِ واري جنجال“ جي پچڙئي ڦٽي ڪيم. نوڪريون به ڪيئي ڪيائين. گھڻو ڪري سينيئما جي مئينيجري. چوي ٿو ته فلم عوام لاءِ وڏي نعمت آھي. عام ماڻھن جا اڻپورا خواب ”کيل“ ۾ اچي پورا ٿا ٿين. خاص طور عورتن جي روڄ ۽ ٻارن جي سرچائڻ جو فلم بھترين وسيلو آھي. ڪجھه عرصو سردار علي گوھر خان جو اسسٽنٽ مئنيجر ٿي رھيو. سردار مرحوم مٿس ساه ڏيندو ھيو ۽ ادا ڀائو کانسواءِ سڏيندو نه ھيس. جڏھن مرحوم گذاري ويو ته پائند خان خالي ھٿ لوڏيندو موٽي ماڳ آيو. جي چاھي ھا ته گھڻو ڪجھه ٺاھي سگھي ھا. ڇو ته سڄي مال جو عام مختيار ھو. پر بقول پائند جي ته ” جا مايا مالڪ جي نه ٿي ته اھا وري نوڪر وٽ ڪھڙو ٽڪاءُ ڪندي؟“ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ واري زمانه ۾ ملٽري ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ويو. پڇيائيونس ته تيز ڊوڙ ڀري سگھندين؟ چيائين نه. ٻيڙي پيئندڙ آھيان. سڏ پنڌ ڪرڻ تي به سھڪو وٺندو اٿم. پر ڪڍ ”باه“ ٻريل ھجي ته پوءِ گھوڙا ڪڍ لائي ڇڏ!
پائند خان چڱو خاصو پڙھيل ڳڙھيل آھي. يتيمي جي مڪتب ۾ تعليم پرايائين ۽ غربت جي ڪاليج ۾ علم جي تحصيل حاصل ڪيائين. جتي زندگيءَ جي يونيورسٽيءَ جا وڏا امتحان ڏيڻا ٿا پون. پر غربت سان ڪو عشق ڪونه اٿس. سندس خيال موجب مفلسي ھڪ مرض آھي. جنھن عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ھر آدمي ۽ ھر قوم جو منزل مقصود ھئڻ گھرجي. پر اڄڪلھه واري چوري ڌاڙي ۽ ڪپت واري ”پلصراط“ ڏاڍو ڏکيو ۽ اوکو پيچرو آھي. باقي وار کان سنھي ۽ ترار کان تکي ڪا پل ٿوروئي ٿيندي آھي. جي قيامت ۾ ڪا اھڙي بليڊ جھيڙي ٻنڌ آھي ته فقط اھو ئي پار ڪري ٿو سگھي جنھن ٺاھي آھي. باقي اسان جي ته ڪا ڀيڻي ڪانھي. گنگھار ته ڇڏ، پر اسان جا علماءِ دين جي سئين سڌي رستي تي به لٺ جي سھاري ھلندي ٿاٻڙجن ٿا، سي ڪيئن اھل پل پار ڪندا؟ يا وري زڪوات جي پئسن کان ڪو ھيلي ڪاپٽر ھٿ ڪري اڏامي پار پھچن ته اھا ٻي ڳالھه آھي.
سدائين اڇي اجري پوشاڪ تن تي اوڙھيل. جسم جو سنئون سڌو ۽ سڄين لڱين. شڪل جو سھڻو. اھڙو جو پاڻ کي پاڻ خلقي ھا ته به ان کان وڌيڪ موچارو نه ٺاھي سگھي ھا. راڳ جو راڻو. طلبه جي وڄت جو ماھر. ھٿ جو سڌو ۽ ساڄو. بندوق جي نشانه ۾ سندس مٽ مشڪل. مرحوم ايوب خان هي شڪار ۾ جڏھن پائند نه پھتو ته پوءِ يا شڪار ملتوي يا ڊپٽي ڪمشنر جي بدلي. پر پائند جي فن جو ڪمال آھي سندس مذاق ۾. جتي ويٺو ته ڄڻ ناٽڪ شروع. پوءِ ٻڌندڙن جا ڪکين تي ھٿ، ڪي ته ليٿڙين ۾ به ھوندا. ھر اکر موتي جو داڻو. ھر جملو لاجواب. پر مرداڻو مذاق. نقل ڪرڻ به ڏکيو ۽ بيان ڪرڻ اڃا به اوکو. سندن سوچ ۽ فڪر جو اندازو ئي انوکو ۽ اھو به اڻ کٽ. اسان اٺ ڪتابن جا پڙھيا آھن پر پھر پلڪ ڳالھائڻ کان پوءِ اسان جو اندر ”خالي“ ڄڻ ٻڪ ۾ پاڻي ڀريل ھيو جو وٿين کان وھي ويو. پر پائند خان، ھل ھلندن جا ماڳ. پاڇي جيان ھڻ ھڻ ته وڍجي ئي نه!
ڪوٽائي پٺاڻن جي ھڪ شادي جي موقعي تي سلامت علي ۽ نزاڪت علي مشھور گوويا راڳ لاءِ آيل ھوا، جن جي تڙ پاڻي لاءِ پائند نوڪرن کي پارت ٿي ڪئي. اوطاق ۾ ھڪ وڏو زميندار ويٺل ھيو جنھن ٽوڪ ڪندي پائند کي چيو ته ” ميراسين جي تڙ پاڻي جو وڏو اونو اٿيئي .“ پائند وراڻيو ته ”ھائو سائين، ھي ميراسي آھن ان ڪري ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا تڙ ڪندا آھن. ڪو سنڏ جا وڏيرا ته نه آھن جو ٻارھين مھيني نم جو ڏندڻ به يا نصيب! “ وري مزو اھو جو ان وڏيري جا نه فقط اڌ منو انچ ڏند ٻاھر نڪتل ھوا. پر سندن اڌ حصي تي ھئڊو تھه پڻ چڙھيل ھو. مون ڏانھن رجوع ٿي پائند پڇيو ته ”ادا ڪو اھڙو يورپي ملڪ آھي جتي مکين جو ايڪسپورٽ ڪري فارين ايڪسچينچ ڪمائجي“ ڇو ته اسان جي وڏيرن جي ڏندن کي مک لڳي خودڪشي ڪري مري پوندي آھي. فقط ھڪ وڏيري کان ئي ڏھ گاڏا مکين جا روز گڏ ڪري سگھجن ٿا.“
ھڪ دفعي ڪوٽ سلطان ۾ سنڌ جي وزير آغا غلام نبي خان جي مان ۾ دعوت ڪئي ويئي جنھن ۾ پائند ۽ آءُ ٻئي شريڪ ھئاسون. پائند جنھن کي ماٺ ڪري ويھڻ اصل ڪونه اچي تنھن ٻئي ڪنھن موضوع نه ھئڻ ڪري وزير صاحب جي گنجي ٽڪڻ تي ويھي تبصرو ڪيو ته سال اڌ کان پوءِ سندس ٽپر تي ڪو ٻلو به چڙھي نه سگھندو ۽ پير کسڪي ويندس توڙي جو ٻلو بجلي جي کنڀي تي به لس چڙھي ويندو آھي. وزير صاحب اھو ڀڻڪو ٻڌي ورتو ۽ جواب ڏنائين ته پائند اڃان ايترو گنجو نه ٿيو آھيان. پائند چيو ته قبلا مون ته ادب کان گھٽائي ڳالھه ٿي ڪئي. نه ته اوھانجي ٽڪڻ تان ته ڪرڙي به ترڪي ڪري پوندي ، جا ڇت تي به ابتي گھمندي آھي. کيس ٺھه پھه جواب ڏيئي مون سان ڀڻ ڀڻ ڪندي وري پنھنجي ڪامينٽري جاري رکيائين. چي ادا منھنجو اھڙو مڻيا وارو مٿو ھجي ته آءُ جيڪر مٿي کي ”روھي“ ۽ ”سراڻ“ جيان استعمال ڪري ماڻھن جون مڏيون ڇڙيون چاقون ۽ پاڪيون تکيون ڪريان ھا. آءُ فقط بزار ۾ مٿو اگھاڙو ڪري ويھان ۽ جو گراھڪ اچي ته پاڻي جي لپ مٿي تي ھڻي پنھنجو اوزار گھڪا ڪندي تکو ڪري وڃي. ٽڪو في ٽپڙ وٺان، تڏھن به جيڪر سؤ ڏيڊ ڏوڪڙ روز ڪمايان!
دين ڌرم سان پائند جي ڪا پوت ڪانه آھي. چوي ٿو ته ھي جھان آھي ئي جھنم. ماڻھن کي اجائي غلط فھمي آھي ته قيامت اڃان پوءِ اچڻي آھي. جا دراصل ڪڏھوڪو لاڪر اچي ۽ گذري چڪي آھي. اسين سڀ سزاياب ٿي پنھنجا ڪيتا لوڙي رھيا آھيون . پيڙھي به پيڙھي ۽ نسل درنسل. ھر جنم جي پيڙا ۾ چيچلائي پيڙجي مرون ٿا ۽ وري نئون جنم وٺي اچون ٿا ھاويءِ ۾ ھڄڻ لاءِ. نئين سر. دوزخ کي ٻيو وري سڱ ٿوروئي ٿيندا آھن؟ اسين ٻڍا ڇا ٻار، تندرست ۽ بيمار، غريب توڙي شاھوڪار سڀئي آزار ۾ آھيون. اھو دوکو آھي ته اسان ۾ ڪي عيش يا آزار ۾ آھن. فقط ھڪٻئي جي ساڙ کان ائين ٿا چئون. اھا خبر اٿئون ته ڪو مزي ۾ نه آھي. ھر ھڪ سان ڪونه ڪو روڳ لڳل آھي. دوزخ جو طلسم آھي ئي اھو. مسلسل خوف. ننڊ ۽ سپنو. اڃ ۽ رڃ وچ ۾ ڊوڙندي ڄڙه ئي نڪري ويئي آھي. مسيح مھدي ۽ امامن جي اوسيئڙي ۾ ۽ اوتارن جي راه تڪيندي ماڻھن جون اکيون سايون ٿي ويون آھن. ڪي اوٺڪ بيٺڪ ڪندي، ڪي سجدن ۾ نرڙ رڳڙيندي ڪي روڄ راڙو ڪندي انسانن جا لاه نڪري ويا آھن. وري قھر خدا جو. جو آھيون ته سڀ سوريءَ سزاوار. پر تڏھن به پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ڪا ھمدردي ڪانه. اٽلندو پيا ھڪ ٻئي جي زندگي زھر ڪريون. جيئن جيل ۾ ھڪ قيدي ٻين مٿان مقادم ٿي ڏنڊو ڦيڙائي يا جيئن ھڪ جانور ٻئي کي چيريندو ڦاريندو رھي!
ماڻھن جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ پرک لاءِ ڪسوٽي به پائند خان پنھنجي الڳ ٺاھي ٿي ڏسجي. چوي ٿو ته جي ڏوه گناه وارا اڏا آھن اتي نه آھن ڏوھاري ۽ نه ڏوه. اڄ ڪلھه جي دلالي بجا جيءَ ڍنگ ئي بدلجي ويا آھن. جتي ”خلق خدمت“ جي ھاڪ ھجي ته ماڻھن جي لاک ئي اتي ٿي لاٿي وڃي. جي اصلي ۽ نج ڳنڍي ڪپ ۽ راڄ جا رھزن ڏسڻا ھجن ته پوءِ اھي بگھڙ تاڙيو جي رڍن جي لباس ۾ ماڻھن جو ماس رھڙي رھيا آھن. جن کي جسم تي جبا جامان ۽ چوغا چڙھيل ڏسو ته الله کان امان گھرو. جي اوھان وٽ پنج سؤ روپيا ڪونھن ته نه اوھان جي آپريشن ٿئي. نه انصاف ٿئي ۽ نه ڪو فرياد وٺئي. انصاف جو نشان آھي ھٽ واڻئي واري تارازي. ٻيو پڙ آھي فقط نوٽ وجھڻ لاءِ. الاجي آخرت ۾ عمل ڪھڙي تارازيءَ ۾ تُرندا؟ وري جڏھن ڪنھن شاگرد کان سوال ٿو پڇجي ته پڙھي پوءِ ڇا ٿيندين؟ جواب ٿو ملي ته غريبن جي خدمت، خدمت قوم ۽ ملت جي، پر اسان ته ھر وڪيل، انجنئير، ڊاڪٽر ۽ عملدار کي مُڏي يا ابتي ڪاتي سان تڪبير وجھندي ٿا ڏسون. پوءِ يا ته وڏي ھوندي نيت ۾ فتور ٿو اچي. يا وري جنھن کي ھو خدمت ٿا چون اھا شايد حجامت آھي.
پائند خان عجب جھڙو انسان آھي. سندس شخصيت کي ھڪ اڌ جھلڪ ۾ اجاگر ڪرڻ اوکو آھي. ھو نه فقط غم ٽار آھي پر پنھنجي وقت جو ”وتايو“ آھي. کل چرچي ۾ اھو آکيندو آھي جنھن جي ٻاڦ ٻاھر اگر نڪري ته جيڪر ٻڌندڙ به ڦاھي چڙھن. دکي انسانن لاءِ سندس دم غنيمت آھي. ساڻس گڏ ويٺي زندگيءَ جي زخمن جي ملم پٽي ٿئي ٿي. سندس سنگ ۾ جي بنان غم جون گھڙيون گذاريون اٿم انھن جو عيوضو عمر ڀر ادا ڪري نه سگھندس. زندگي گھارڻ جا جي ڳر ۽ ڳٿا کائونس پرايا اٿم ان استاديءَلاءِ جان جيئندس سندس شڪر گذار رھندس. ڇاڪاڻ ته منھنجي ساڻس ملاقات ان وقت ٿي جڏھن آءُ اھا اميد لاھي ويٺو ھيس ته ھن زماني جي ماڻھن کان ڪجھه سبق حاصل به ڪري سگھجي ٿو.
اھا سوچ پائند سيکاري ته ڪتابن جا ورق ورائڻ ڇڏي ماڻھن کي پڙھڻ شروع ڪريان. ڏٺم واقعي ئي ھر ماڻھو نه فقط ڪائنات جو عجيب ڪرشمو ھيو پر پنھنجي سر ھر ھڪ الڳ ”جھان“ ھيو. مون لاءِ اھا نئين ڳالھه ھئي ۽ آئون نئين سر انسان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ سکيس. جي پائندا پارا دوست وقت سر دستگيري نه ڪن ھا ته آءُ ھوند پنھنجو پاڻ کي رڻ ۾ ائين رولي ماريان ھا جيئن درياه ۾ ڪچي گھڙي سھڻي ٻوڙي ھئي. ھاڻ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ڪچ ڪوڏي ھئڻ جي ڄاڻ ته اٿم. مون لاءِ پنھنجي اھا سڃاڻ به ڪافي آھي. جنھن ساڃھه لاءِ سلام لالا پائند کي.