آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  خان صاحب خان محمد خان

گار ڪا دعا يا بددعا ناھي پر انسان جي ڌڪار يا ڪاوڙ جو اظھار آھي، پوءِ غلط اظھار ئي سھي. گار جي اثر جو دارومدار ان ماڻھوءَ جي ردعمل تي آھي جنھن کي گار ڏني وڃي ٿي، پر جي ٻڌندڙ ٻوڙو آھي ته پوءِ گار وارو ڇٽو. ڏسڻو ھي به ضروري آھي ته گار ڏيندڙ ڪير آھي. جي پيءُ پنھنجي پٽ کي گار ٿو ڏيئي ته پوءِ گار جي حيثيث ھڪ ھدايت ۾ بدلجي وڃي ٿي. ڪي ماڻھو پاڻ ۾ بيحد گستاخ ھئڻ ڪري ھڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالھائن، ليڪن اھڙي حالت ۾ گار حجائتي ھئڻ جي علامت آھي. پر جي گار ڪنھن کي ھنڌائتي لڳي ته پوءِ ممڻ مچي پوندو ۽ ٿي سگھي ٿو نوبت مرڻ مارائڻ تائين اچي بيھي. اھڙي نتيجي آھر گھڻا ڊڄڻا ۽ ڊرپوڪ ماڻھو سر بچاءَ خاطر روبرو گار ڏيڻ بجاءِ پر پٺ گار ڏيڻ کي وڌيڪ پسند ڪن. ڪي وري ٿڌي رت ۽ ٿلھي کل وارا ڀريا مٽ، جي گار ٻڌي ڪن لاٽار ڪيو لنوايو ڇڏين. فقير ھلندو رھي ۽ ڪتو ڀلي ڀؤنڪندو رھي.
گار جي جواب ۾ عام ماڻھن جو ردعمل پنھنجو پنھنجو آھي. ڪنھن کي وانڱڻ وائي ڪنھن کي بصر بادي. ڪنھن کي شينھن جو پٽ سڏيو ته پيو ٽڙندو ۽ ڦونڊجي بود ۾ اچي ويندو. پر جي ساڳي ماڻھو کي ”گڏه جو پٽ“ چئو ته گرم ٿي محشر مچائي ڇڏيندو. حالانڪ ڳالھه مڙوئي ساڳي آھي. شينھن خواه گڏه ٻيئي جانور آھن ۽ اڃان به شير جھنگلي جناور ۽ گڏه پالتو ۽ محنت ڪش جانور آھي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ماڻھو گار سلسلي ۾ پنھنجي تصور کان متاثر زياده ٿا ٿين. امڙ چوڻ تي ھر عورت پيئي ٺرندي پر ”ابي جي جوءِ“ سڏي ڏسوس ته پوءِ پادر لاھي پٺيان پوندي. توڙي جو سڳي ۽ اصلي امڙ چئبو ئي ”ابي جي جوءِ“ کي آھي. فقط سمجھه جو فرق ۽ ڦير آھي. ڪنھن ايمان واري اڻپڙھيل کي عربي ۾ گاريون ڏيوس ته مرحبا ڪندي ڳڙاٽريون پائيندو.
دراصل گار ڏيڻ ھڪ وڏو ھنر آھي ۽ ان فن جا ماھر مون گھڻا ڏٺا. مري ويندا پر ڪچي ڦڪي، ٻاڙي يا اگھاڙي گار مور نه ڏيندا. گار ڏيندا ته سرائتي ۽ سريلي ، جنھن ۾ ٻڌندڙ کي پيو سرور ايندو. اسان جي ڳوٺ جو مرحوم خان محمد خان پنھنجي وقت جو سٺو گاريل ھيو. ھواءِ ڀرڪل ٿڙيل ھيس ۽ شايد ان ڪري شاعر به چڱو چوکو ھيو. وري سون تي سھاڳو جو ڳائڻو به ڀلو ھيو. ھارمونيم تي سو گاريون نه ڏيندو ھيو پر گارين ڏيڻ مھل ڪن تي ھٿ رکندو ھيو ڄڻ ڏوھيڙو ٿو ڏئي. مھل موسوم ۽ ماڻھو ڏسي گار ڪڍندو ھيو. بدقسمتيءَ سان پاڙي وارا بدذوق ھيس، جن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري کيس مار ڪڍي. ان حادثه بعد گھڻو ڪري پنھنجي اوطاق جا دروازا بند ڪري ويٺو رياض ڪندو ھيو. ماڻھو سڀ ”بي سرا“. کائن اھو به سٺو نه ٿيو ۽ ڇوڪرن کان بڇ ڪرايائونس جن کيس چنڱيڙي ڦيه ڪڍي. ان بعد خان محمد خان مايوس ٿي فقط سمھڻ وقت سوڙ پائي پوءِ گاريون ڏيندو ھيو، انڪري سندس ورونھه صرف سياري جي موسم تائين محدود رھجي ويئي.
سائين جئندل شاه ”ڌنڌو“ جو ليٽ کان پوءِ لڏي ڳڙھيءَ اچي ويٺو. چنڱيرڙي گار ڏيندو ھيو. ”ڌنڌو“ سندس تڪيه ڪلام ھوندو ھيو. کيڪر ڪندي يا حال احوال ڏيندي ھر جملي بعد ”ڌنڌو“ ضرور چوندو. ”توھان کي الله آندو،“ اھو ڌنڌو. رب ملايو، اھو ڌنڌو. ٻيو مڙيئي خير، اھو ڌنڌو. انھيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي ”ڌنڌو شاه“ ھئا. صوم صلوات جو پاپند ھو. ھڪ ھٿ ۾ ھاسو ۽ ٻئي ۾ ھزار داڻن جي ھيرا ڦيريءَ وچ ۾ ڪو موقعو يا موضوع ملي ويس ته پنھنجي وندر به وظيفي سان گڏ جاري رکندو ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ته سندس ذڪر ۽ گارين جي وندر پاڻ ۾ ايتري قدر وچڙي ۽ ڳنڍجي پوندي ھئي جو ماڻھن کي صلواتون ۽ الله سان گارين جو وھنوار شروع ٿي ويندو ھيس. پر پوءِ اھا ڀاڳ بخت جي ڳالھه آھي ۽ ڪنھن جي نصيب سان ريس ٿوروئي آھي.
اھڙا نيڪ ٻانھا الله جا اسان جي ملڪ ۾ ڪيئي ٿي گذريا آھن جي نھايت معزز ھئڻ گڏ وڏن عھدن تي پڻ ممتاز پئي رھيا آھن پر سندن گار جي تنوار ۾ ڪو تفاوت نه آيو. مرحوم غلام محمد جو بيمار قوم جوبيمار گورنر جنرل ھيو. سو پنھنجي زماني جو عظيم گاريل ھيو. البت جڏھن کيس اڌ رنگي جو عارضو ٿيو ته پوءِ سندس زبان ٿڙڪندي ۽ ٿابڙبي ھئي ۽ سندس چچريل گاريون ترجمو ڪري ملاقاتين کي ٻڌايون وينديون ھيون. خود مرحوم سڪندر مرزا جڏھن ھڪ دفعي سندس گفتگو سمجھي نه ٿي سگھيو ۽ ھر دفعي ”حضور ني کيا فرمايا“ ٿي چيائين، ته ملٽري سيڪريٽري سندس رھنمائي ڪندي ۽ گارين جو تفسير ڪري کيس ٻڌايو ته ”صاحب فرما رھي ھين که آپ بڙي حرامزادي ھين.“ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مرحوم دين محمد کي البت ماھرن جي ڳاڻاٽي ۾ شمار نه ٿو ڪري سگھجي ڇاڪاڻ ته ھو غليظ قسم جو گاريل ھيو ۽ سندس گارگند ٻڌندڙ کي اڪثر الٽي اچي ويندي ھئي. مون ھڪ سنڌي ڪليڪٽر کي گورنر جي ميٽنگ ۾ نڪھير وھائيندي ڏٺو جا گورنر جي گار واري نتيجي ۾ جار ٿي ھئي. آخر سڀ ڪليڪٽر ھڪ جھڙا ٿوروئي آھن. ڪي نڪ وارا به آھن!
اسان جي سنڌي ٻولي دنيا جي ٻين قديمي ٻولين جيان نھايت ڳر واري ۽ وزندار ٻولي آھي جا نجي نموني فقط ٻھراڙيءَ ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. باقي شھرن ۾ ٻوليءَ جي اڌ کان گھڻن اکرن ۽ اصطلاحن کي گاريون سمجھي خارج ڪيو ٿو وڃي يا وري اگھاڙن الفاظن کي برقعو پارائي پوءِ استعمال ڪيو ٿو وڃي. زبان تي اھڙي سخت ضابطي رکڻ سبب ڳالھائيندڙ جي رت جو داٻ وڌي وڃي بلڊ پريشر جي بيماريءَ جي صورت اختيار ڪري ٿو. آخر ڪيستائين انسان ٻوٿ ٻڌي ويھي ۽ دل جي غبار ۽ بخار کي ٻاھر نه ڪڍي؟ ان ڪري اڪثر شھري ماڻھو اھڙي مرض ۾ مبتلا نظر اچن ٿا جن جو علاج گاريون ڪڍڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه آھي. اسان جي ڳوٺ جو شمون خان ، حيڪم جي اھڙي نسخي ڏسڻ تي، ڏينھن ۾ ٻه چار دفعا گاريون ڏيندو ھيو پر پوءِ پشيمان ٿي انھن ماڻھن کي گارين جو حساب ڪري في گار اٺين آني سان عيوضو ڏيندو ھو. انھي ڪري سندس ڪچھري ۾ اڪثر اھڙا ماڻھو اچي ويھندا ھوا جن کي پئسن جي ضرورت پوندي ھئي. اسان جو مائٽ عارب ٻروچ جنھن کي ڏند نه ھئڻ ڪري ”ٽغو“ چوندا ھئا، ان جو جڏھن به آفيم کٽندو ھو ته مرحوم خان صاحب جي ڪچھريءَ ۾ اچي ويھي سندس ڳالھه کي خوامخواه رد ڪد ڏيندو ھو. ۽ ظاھر آھي ته گاريون گھري وٺندو ھيو ۽ اٿڻ مھل حساب ڪري پنج ست روپيا ڪمائي گھر موٽندو ھيو. آخر ۾ خان صاحب قصي کي سمجھي ويو ۽ پئسن بچائڻ خاطر گاريون گھٽائي ڇڏيائين ۽ فقط زبان جي ذائقي بدلائڻ خاطر رپئي ڏيڊ جيتريون گاريون مس ڏيندو ھو.
اسان جو پاڙي جو سائين صوفن شاه نانگو ھڪ مست سيد سڳورو ھيو ۽ ڏاڍي ذوم ۾ گار کي اڇليندو ھيو ۽ جنھن کي لڳندي ھئي ته کرڙيون پيون ھڻندو ڄڻ ته سروٽو لڳس. گارين ڏيڻ جو سليقو ضرور ھيس پر سندس زبان ۾ اھو سواد ۽ رس ڪونه ھوندو ھيو جو ھڪ سادات جي ڇٻ ۾ ھئڻ گھرجي. ڪورين جي پاڙي جي اوستي پنڃيل وري گارين ڏيڻ جو نرالو طريقو ايجاد ڪيو ھو. ھو بزار ۾ بيھي ماڻھن کي چپن ۾ ڀڻڪندي گاريون ڏيندو ھيو. سندس اھڙي عادت کان ھر ڪو آگاه ھوندو ھيو پر سندس گاريون بي آواز ھئڻ ڪري اثرائتيون ثابت نه ٿينديون ھيون.
سنڌ ۾ سھڻي ۽ سوادي گار فقط ڪوٽ سلطان جا خان ڏيئي ڄاڻن. ڪچي ڦڪي يا اگھاڙي گار ڪڏھن به نه ڪڍندا. ٻاھران ڪو ٻڌندو ته ائين سمجھندو ڄڻ اندر اوطاق ۾ ڪا بيت بازي ٿي رھي آھي يا ڪو سگھڙ ڏٺ جي ڳجھارت ويٺو ڳولي. ٻڌندڙ جي دل ھميشه ائين پئي چوندي ته سندن ست سريون جاري رھن ته چڱو. سندن گاريون اسان جي سنڌي زبان جو بي بھا سرمايو آھي ۽ سراپا علم و ادب پڻ آھي.