پير ۽ مير مرحوم (پير حسام الدين راشدي ۽ مير رسول بخش ٽالپر)
ڪالھه رات به ويھي اکين تي ڏنم. مڪليءَ واري مقام پھچڻ جي شوق ۾ نيڻن ننڊ نه آئي. پھچڻو ته ھيو ڪچڙي منجھند ڌاريءَ. پر پوءِ حشام ماڻھن جا اچي مڙندا. مون کي اڪيلو مقام ڀيٽڻ جو موقعو ڪٿان ملندو؟ ڇو نه اڳواٽ وڃي مڪلي ماڻيان؟ اھو سوچي، آڌي رات اٿي،گاڏي ڪاھي ٺٺه روانه ٿيس. پوئيس اسر جو اچي مڪليءَ ڀيرو ٿيس. موٽر پاسي ڀر بيھاري ڪاھي پيس مقام اندر. ھتي ڪا جھل پل ٿوروئي ھئي. سڀ رسمون رواج ھوا جيئرن سان لاڳو. ھتي ته آزادي ھئي ڇڙواڳ. قبرن جي ھڪ جھڳٽي اندر وڃي تربت کي ٽيڪ ڏئي ويھي رھيس. واه جو مزو اچي ويم. سوا لک ولين وچ ۾. آءُ ھڪ عاجز اٻوجھو. ھڪ رات ڀر جو اوجاڳو. ٻي پنڌ جي ٿڪاوٽ. وري مٿان ڀنڀرڪي جي ٿڌڙي ھير. ھوا وارين لھرن جي وري موج مستي آھي ئي انوکي. ڄڻ ڪنھن کنڀ کڻي ڪياڙي تي ڪتڪتايون ڪيون .
ننڊ جا گھيرٽ به ڏاڍا ٿي آيا. ننڊ نڀاڳي ته آھي اڳيئي اٻھري. ھونءَ به مرڻ کان پوءِ سمھڻ لاءِ سوين صديون. ماڻھو نويڪلو ٿي لت ڏيئي سمھي پوي. پر ننڊ چنڊي چوندي ته اھو عرصو به حياتيءَ کون ڪاٽ ڪيان ته چڱو. منھنجي دل ته ھئي اداس ۽ اٻاڻڪي. روئڻ لاءِ اُڌمان ٿي آيا. ويجھڙائي ۾ ڪي حادثا ٿي چڪا ھئا. جن دل کي ڌڌڪو رسايو ھو. ڪي مٺڙا ماڻھو ھي وٿاڻ ڇڏي وڻڪارا ويا ھئا. اھي به ھڪ ٻئي ڪڍ. ڪنھن لاچاري کين لڏايو ھو. اوڏانھن جتان ڪوئي موٽيو ئي ڪونه ھيو. ويا به ھئا ھيڪلا، اکڇنڀ ۾ ۽ اھو به اوچتو. موت ھونئن به نه ڏسي مھل نه موقعو. پر ھن ڀيري الاجي ڇو؟ ڊائري ۽ ڪئلينڊر ڏسي وارو ڪيو ھئائين، ھڪ ته پھرين اپريل جو مارو وڌائين. ٻئي کي پھرين مئي تي لامارو ڏنائين. پھرين جون تي الاجي ڪنھن کي کنڀي کڻندو؟ يا الائي ڪٿي لابارو وجھندو؟ خدا خير ڪري! موت جا شل ڪن ٻوڙا ٿين.
انسان ته آھي ھن ڌرتيءَ تي ”گاه“ مثل. سُڪو به پٽجي ۽ سائو به ڪپجي. موت ته آھي فقط ڏاٽو. اھا مرضي مالھي جي ته گاه ڪچو پٽي يا پڪو. پوکي به پاڻ لڻي پاڻ. پر ھن ڀيري چونڊ سٺي ڪيائين. ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي. اسان وٽ اڳيئي اڻاٽ ۽ اڻھوند. اسين پاڻ سڃيا ۽ ڀينگيا. پڙ ۾ ٻوٽو ٻارڻ وارا ھئا گھڻا؟ ڏيڊ اڍائي ۽ ساڍا ٽي. انھن ۾ به ٻه مھانڊا ٻن مھينن ۾ چٽ. اھڙي چٽ گھٽ شل ڪنھن دشمن سان به نه ٿئي. اسان جو ته ارڪو ترڪو ئي ٻھارجي ويو. نه ملڪ ۾ جنگ لڳي نه زلزلو آيو. کلندي کائيندي ٻه مڙس ھڙپ. ھُئا به ٻيئي ٺاھوڪا جنگ جوان. کاکاڙ ٻوٿار وارا. سھڻا شڪيل ۽ مڻيا وارا. لاکيڻا، لڄ پال، ھڪ علم ادب جي کاڻ ۽ قلم جو ڌڻي. ٻيو مجلس جو مور ۽ خلق خدمت جو ڪوڏيو. اڃان به ٽھليو. ٻئي سنڌ جي قديمي خاندانن جا روشن چراغ. پنھنجي سنگت ساٿ ۽ ساڻيھه ٿي سر ڏيڻ وارا، نيت، پت ۽ ساک وارا. سندن ويل وڃڻ جي ته نه ھئي. پر شايد ھن ڪري ھليا ويا جو. ”ھت جني جي لوڙ ھُت پڻ آھي تن جي.“
سندن ساک جو ايترو اندازو ڪنھن کي به ڪونه ھئو، جيترو سندن وئي پڄاڻان پتو پيو. اديب ۽ سياستدان پيا اچن وڃن. اھي ٻيئي جنسون ھونئن به اسان وٽ اڻتوريون اگھايون وينديون آھن. پوءِ توڙي جو ڪو ڪسو ھجي يا ڪانڊو. پر ھي ته ٻيئي ھئا تاڃي پيٽيءَ پٽ. تڏھن ته ھاءِ دوس متل ھئي. جيڏي ڪونه ڏٺي سون ڪڏھين. مٽن مائٽن ڀائرن ڀائيٽين ۽ سنگت ساٿ جو ماتم ته سمجھه ۾ آيو ٿي. ڪجھه رت جي ڇڪ ڪجھه وڇوڙي جو داغ. پر عجب اھو جو ھجوم ۾ ھر ”اک“ آلي ھئي. آخر ڪو جھٻو ته ھر جيءَ کي آيل ھيو. جو ساري راڄ ۾ روڄ ھيون. ھونئن ته اسان جا اديب ڇڙ وڇڙ گابا. سڀني وچ ۾ ويڇا، وٿيون ۽ وريون. پر ھن صدمي ۾ سڀ ھئا برابر جا ڀاڱي ڀائيوار. اوري توڙي پري جا، ديسي ۽ پرديسي، اچي ڪلھي ڪانڌي ٿياس. ڪي سيراندي کان ڪي پيرانديءَ، ڪلھا تن ڏناس. واه سيد تنھنجي سواري. سکھي ري ڏولي مين ھو جا سوار. اھا سيد جي رھائي ھئي يا الله جي مٿس رحمت ھئي. علماءُ، عالم، اديب ۽ شاعر. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته جيئن ويندي وقت به سڀني کي پاڻ ۾ پرچاءُ ۽ پريت جو پيغام ڏيندو ويو.
اڃان مھينو مس گذريو ته ٻيو تڙڪاٽ ٿيو. ھن ڀيري به واڍي واه جو وڻ ليٽايو ھيو. اوچو ڳر وارو ۽ ڦلدار، جنھن جي گھاٽي ڇانو گھڻن لاءِ ڇپر ھئي. بيواھن ۽ بي وسيلن لاءِ وڏي وسئن ھئي. ڪو غلغلو ٿيو گرنار ۾ سنڌ جو شير شھيد ٿيو. پوءِ خلق ۾ ريھٽ مچي ويو. پنھنجي پراون جي پيھه ٿيندي رھي. ڪي ڀائپي برادريءَ جو پير ڏيڻ لاءِ آيا ھئا. ڪي دوستي جو دم نباھڻ خاطر. ملڪ جو صدر وزارت سميت اچي سھڙيو. اھا سندس رڄ شرافت ھئي، ماڻھن جو ڳاھٺ ٿيندو رھيو. ڪنھنجي جذبه ۽ جوش جو ڏيکاءُ حڪمت عملي به ٿي سگھي ٿي. پر ڪنھن جي وئي پڄاڻان ھنجون ھارڻ؟ ھرگز نه. مون ته سپر ھاءِ وي جي اڌ واٽ تي ويٺل ڄامڙي کي به روئندو ڏٺو. ”اڙي وزير لاءِ ٿو ڳوڙھا ڳاڙين؟“ ”نه سائين نه، مون لاءِ ته سڀ آھن مسافر ۽ واٽھڙو. پنڌ جا پانڌيئڙا. ھڪڙن کي ايندڙ ڏسان ٻين کي ويندڙ. آءُ ته آھيان وچ واٽ تي ويٺل سڀ جو سلامي. پو ڪي ترس کائي ڪجھه وٽائي وڃن. ڪي ڀاڳوند مون سان پٽ تي ويھي روح رھاڻ ڪن. مير صاحب ته مون سان ڪچھريون ڪندو ھيو، سائين ھو وزير ته نه ھيو، مون جيان قلندر جو فقير ھيو.“
قبرون وچ ۾ لٽيندي، سچل جون ٻه سٽون ياد آيم. ”مين ڀي اڪ خيال ھان اور لڀ سان نال خيال دي.“ خيال جي اڏام به عجيب آھي. ٻنھي جا نقش آڏو اچي اڀريا. اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. اچرج ۾ اچي ويس. ستن سالن ۾ ھي پھريون دفعو ھيو جو اکيون آليون ٿيون ھيم. مون ته سمجھيو ھيو ته اھي نئن ۽ ناليون ھميشه لاءِ خشڪ ٿي چڪيون ھيون. پر نه ٻيلي. اڄ اکين کي ڪو مرم پيو ھو. ڪي حياءُ جا ڳاڙھا پاڇي بچل ھئا. شايد اويل سويل ڪنھن ڪم اچڻ لاءِ. شڪرانو ڪيم ته اڄ پلڪن جي پياس ته ٻجھي. ٿڌڪار ٿيندي اکين ۾ آرس آيو. اجھاپي جي آس اڀري. ائين اک لڳي وئي. ڪنھن سرٻاٽ تي سجاڳي ٿي. سامھون واري قبر پٺيان ڪو اکين جو معصوم جوڙو مون کي چتائي ڏسي رھيو ھو. آءُ اک ٽيٽ ڪري ڏسندو رھيس. ڇانھر ڪري ڇپ ھنيم. ڄڻ ڪنھن اگھور ننڊ ۾ ھيم.
ڏٺم ته ھڪ معصوم ٻارڙو ھيو. جو پير پير ۾ کڻندي اڳتي سرندي ٿي آيو. ويجھو اچي منھنجي ٻانھن ۾ ٻڌل گھڙيءَ کي گھوري ڏسندو رھيو. ائين اوچتو منھنجي اڌ کليل اک تي نظر پئجي ويس. گھٻرائجي کسڪڻ جي تياري ٿي ڪيائين. مون مرڪي کيس پيار سان چيو ته ”ڊڄ نه. فقط آءُ آھيان. ڀڄ نه – بيھه بيھه ته توکي اھا سوني دٻلي کولي ڏيکاريان جنھن سان تنھنجي دلچسپي آھي ان ۾ گھنٽي به وڄندي آھي.“ ٻار بيھي رھيو، نھايت سنھي ۽ سٻاجھڙي آواز ۾ چيائين، ”مون کي سمجھه ۾ نٿي اچي، مون کي ته ڪنھن ٻار جي بوءِ آئي، تڏھن ته ھتي آيس،پر تون ته وڏو ڪو ماڻھو ٿو لڳين. مان توکي اڳ به قبرستانن ۾ ڏٺو آھي. شايد تو ۾ ڪي ٻاراڻيون ڳالھيون آھن. نه ته ماڻھو اسان ڄامڙن کي ڏسي نه سگھندا آھن. آءُ ٻار نه آھيان، پر ڄامڙو آھيان جن کي اوھان جن ڀوت سمجھي ڊڄندا آھيو. منھنجي عمر ڇھه سؤ سال آھي. ھيءَ مڪلي پڻ منھنجي سانڀر ۾ ڪيئي دفعا آباد ۽ برباد ٿي. ڪجھه عرصو اڳ ھتي مھا ڪاليءَ جو مندر ھو. انساني ٻليدان جو مرڪز ھيو. پر تون اھو ته ٻڌاءِ تنھنجي سوني دٻلي ۾ ڇا آھي؟ ان ۾ ضرور ڪو جانور يا جيت بند ٿيل آھي. مون کي سندس دل جي ڌڙڪڻ ٻڌڻ ۾ آئي.“
”جو آواز تو کي ٻڌڻ ۾ آيو اھا وقت جي ڌڙڪڻ ھئي.“ ”وقت ڇا آھي؟ اھا نه مونکي خبر آھي ۽ نه وري ڪو ٻيو توکي ٻڌائي سگھندو، ته وقت ڇا آھي؟ چون ٿا ته ٽن شين جو ٺھيل آھي. حال، ماضي ۽ مستقبل. وقت سدائين پيو ھلي. نه اٿس ننڊ نه آرام. سدائين ڪن ۾ ساڳيو اکر پيو اچاري.“ ”توکي خبر آھي ته وقت ڇا ٿو ٻولي؟“ ”افسوس . . . ھائو. ھر پل ۽ ھر گھڙي ياد پيو ڏياري ته تنھنجي وھي وھندي ٿي وڃي. ڄاڻ تون جھور پوڙھو ٿي مرندين.“ پر ڄامڙا وڃڻ کان اڳ اھو ته ٻڌاءِ. توکي موت جو ڊپ ٿيندو آھي؟“ خوف! موت کان؟ پر اھو موت آھي ڪھڙي بلا؟ ”موت آھي اھا گھڙي جڏھن تنھنجي دل جي ڌڪ ڌڪ بند ٿي ويندي. تنھنجي جسم جي مشين بيڪار ٿي بيھي ويندي. تنھنجا خيال ۽ خواب ختم ٿي ويندا. تنھنجي جياپي جي جوت، ڏيئي يا موم بتيءَ جي لاٽ جيان آخرين ھڏڪي ڏيئي ۽ سڏڪو ڀري گل ٿي ويندين.“
ڄامڙو کليو ۽ چيائين ته” اھا سموري بڪواس تنھنجي دماغ ۾ ڪنھن ڀري آھي. ان سوني دٻلي کي ڪن نه ڏئي. حال ماضي مستقبل، اھي سڀ ٺڳي جا ٺاه آھن. ڏسين ڪونه ٿو ته سڀ ساڳي ڳالھه آھي. جو رستو پٺتي ڇڏي آيو آھين اھو آھي ماضي. جتي ويٺل آھين اھو آھي حال. اڳين وڪڙ کان پوءَ جو موڙ ايندو اھو آھي مستقبل. پڪ ڄاڻ ته دٻليءَ وارو توسان چرچا ڪري پيو توکي ڊيڄاڙي. ان دٻليءَ کي درياه داخل ڪر ته اھو شيطاني روح به غرق ٿئي، جو منجھنس واڙيل آھي. خبردار جو ڪڏھن ان جي چوڻ تي ڀروسو ڪيو اٿئي. جھٽ کن تون سمھي پئو. جڏھن توکي جاڳ ٿيندي ته نئون سج اڀرندو.تون پوءِ صاف ڏسي سگھندين. پر ھتي اڄ ڇا لاءِ آيو ھئين؟“
مون ساڻس احوال اوريو. کيس ٻڌايم ته اسان جي ديس جا ٻه املھه ماڻڪ لاڏاڻو ڪري ويل ھئا، جن ۾ ھڪ ھتي دفن ٿيل ھيو، اڄ سندس چاليھو ھو. ٻيا ماڻھو به اچي ھتي مڙندا. آءُ انھن گڏ فاتحه پڙھڻ ۽ ڪلمي جو ثواب بخشڻ آيو آھيان. ”اھي ماڻھو اوھان جو ڪجھه کڻي ويا آھن؟ يا ڪو اھڙو ڏوه گناه ڪري ويا آھن جو نوبت بخشڻ ۽ بخشائڻ تي اچي پھتي آھي؟“ ڄامڙي پڇيو. ”ھرگز نه.“ مون رڙ ڪري چيو. ”بلڪل نه. ويندي به سندن ٻيئي ھٿين خالي ھئا. نه وري ڪو ھنن ڪو قصور ڪيو. ھو ته ٻيئي معصوم ۽ مسڪين ماڻھو ھئا، ھنن لاءِ ڪنھن جي دل ڏکوئڻ به ناممڪن ھئي، ھڪ نفيس ۽ نازڪ دل اديب ھيو ۽ ٻيو فقير تن قلندر. توڙي جو ڄائي ڄم کان مير ۽ امير ھيو.“ ”پوءِ تون کين ڇا ڏيڻ يا بخشڻ آيو آھين؟ تو وٽ آھي ڇا؟ تو وٽ تگ ڇڳل گل به ڀيٽا لاءِ ڪونه آھن. ڇا پنھنجي مايوسي ۽ نراسائي مٿن مڙھڻ آيو آھين؟“
آءُ لاجواب ٿي ماٺ ۾ رھيس. وري جھٽ رکي ڪوڙ ڳالھايم ته آءُ سندن دعا ۽ آسيس وٺڻ آيو ھيس. ”سندن جئري به ڪڏھن تون وٽن وئين؟“ ”نه. منھنجي ساڻن ڏيٺ ويٺ ضرور ھئي. پر ياري جي حجت ڪانه ھئي. البت ٻنھي جي وڏن مربي ڀائرن سان منھنجي نيازمندي ۽ گستاخي ھئي. پر سانگي سان جڏھن به ساڻن ملاقات ٿيندي ھئي ته آءُ کين جھڪي ادب ۽ اخلاق سان ملندو ھيم.“ ڄامڙو حيراني سان مونکي ڏسندو رھيو. ڄڻڪ آءُ چريو ھئس. ڪجھه پرڀرو ٿي پٺڀرو پوئتي ڀرڪندو رھيو. وري ڄڻ ڪجھه اوچتو ياد پيس. پيٽ کي ھٿن سان جھلي زور سان ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ”موت! ايڏو ڪوڙ! حضرت سليمان جو قسم. اوھان، لنگور ۽ باندر اسان ڄامڙن جي ڀيٽ ۾ ڪيترا نه احمق آھيو.“ کلڻ بند ڪري ڳنڀير ٿي چوڻ لڳو. توھان واري دنيا ۾ آھي مانڌاڻ متل. اوھان وٽ نه آھي صلح نه سانت. وتو ٿا مک جيان سدائين مُنھن پٽيندا. او ڍڳا ڪن کولي ٻُڌ. جنھن کي اوھين چئو موت. اھو ته آھي ھڪ پردو. رڳو چولو مٽائڻو. ھڪ پلڪ اک ٻوٽي وري اک پٽڻي آھي. جئن رات کان ڏينھن ۽ اونده کان سوجھرو ٿيندو آھي. جن ٻنھي ڄڻن جي تو ڳالھه ڪئي آھي ته ھو ھميشه ٻار ٿي رھندا. تو جيان ڀڀ ڪراڙا نه ٿيندا. ھو گلن جيان سدا بھار ۽ ٽڙندا رھندا. تون وڃي پنھنجو فڪر ڪر، اوھين سڀ آھيو انڌا ۽ ٻوڙا. اوھان کين ڏسي نه سگھندا. جي کين پسڻو آھي اٿو ته پنھنجي دل کي کير پياڪ ٻار جيان معصوم رکو، چڱو. ھاڻي خدا حاظ. مون کي گھڻو پري پھچڻو آھي. تون به اک پٽ. ڪانو سج مٿي چڙھي چڪو آھي. خواب لھندڙ. خدا حافظ.
اک کليم ته واقعي سج ڳپل مٿي چڙھي چڪو ھيو. تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي ريسٽ ھائوس ڏانھن وک وڌايم. جتي مخلوق اڳيئي گڏ ٿيل ھئي. سڀ سرگس جي صورت ۾ روانو ٿياسون. ھڪ وزير صاحب جلوس جي اڳواڻي ڪئي. مخدوم محمد ھاشم ٺٺويءَ جي مقام ۾ پھڇي سڀني دم پٽيو. مزار تي گلن جون چادرون چاڙھيون ويون. ڪن فوٽو ڪڍرايا. ڪن چادرون چاڙھيندي پنھنجو نالو ڳڻايو. جيئن وھانوَ ۾ عورتون جوڙا پوتا جتائينديون آھن. قاسمي صاحب مغفرت لاءِ دعا جا ھٿ کنيا. آءُ ھجوم کان ڇڄي مقام جي ڪنڊ ۾ وڃي پرڀرو بيٺم. پنھنجي ليکي مرڪندو ۽ مشڪندو رھيس. پنھنجي ڪلھي تي ڪجھه محسوس ڪري ڪنڌ ورايم. ڏٺم ته سھڻي سائين ۽ سفيد لباس ۾ پنھنجي دستوري مرڪ سان مشڪي رھيو ھو، منھن جي ڪن جي پاپڙيءَ کان جھلي چيائين ته”ڏاڍو لچو آھين. تون ڪڏھن به نه سڌرندين. تون آھين لنگھو. متان ھاڻي وتين ھوڪا ڏيندو ته تو مون کي ڏٺو. ماڻھو آھن ئي پنڃري جا پوڄاري. توڙي جو پکي وڃي اڏامي. ھي تو جيان مٿي ٿوروئي ڏسندا. ھي وتندا ڌرتي تي ڳوليندا. ڄڻ ڪا شئي وڃائي اٿئون.“
خواب ھيو يا ساڀيان؟ اھا خبر خدا کي. پر ٻنھي ۾ فرق ڪھڙو؟.