آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  غلام رسول ملڪ : درياھي گھوڙو

اوھان ضرور اھڙا ماڻھو ڏٺا ھوندا جي اڪثر اوقات پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندا رھندا آھن. ڪي وري پالتو جانورن سان، پھرن جا پھر ائين پيا گفتگو ڪندا رھندا، ڄڻ ته ورھين جا وڇڙيا مليا آھن. مانو خانو بگيءَ وارو، مون پنھنجي اکين ڏٺو ته پنھنجي گھوڙي سان، مالش ڪندي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھريون ڪندو رھندو ھيو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته مامو رب بخش آفيم ذرڙو واپرائيندو ھيو. پر مون ته اھڙا به الله جا بندا ڏٺا ۽ ٻڌا جي درياه سان ڳالھائيندا آھن ۽ وري جواب لاءِ ائين ڪن ڏيئي ٻڌندا آھن، ڄڻ کين سندن سوال جو جواب ملي رھيو آھي. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن ۾ اڄ ڪلھه ڪو جيئرو جاڳندو نه ھجي ھا ته شايد پڙھندڙ ائين وسھن ھا ته لکندڙ کنڊ ٿو کائي. شڪر آھي جو اھڙن انسانن ۾ ھڪ عدد داڻو ڪڻو اڃان سوڌو حال حيات آھي، حالانڪه ھو جھور ڪراڙو ٿي چڪو آھي ۽ سندس ھٿ پير ۽ ڪنڌ مسلسل ڏڪندا رھن ٿا. پر سندس درياه سان دوستي ۽ برادري اڃان سوڌو قائم آھي. ٻنھي جا دوستانه ۽ برادرانه تعلقات اڄ ڏينھن تائين اھي ئي آھن، جي اڄ کان سٺ سال اڳ ھئا.
نالو غلام رسول ذات جو ملڪ، ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڪشمور جي ھڪ ننڍڙي وانڍ جو رھاڪو آھي،جا بستي درياه جي ڪچي ۾ آباد آھي. درياه جي وانڍ سان ايتري ويجھڙائي آھي، جو اڪثر چيو ويندو آھي ته درياه جو پاڻي وانڍ وارن جي چائنٺ چمندو ٿو رھي. شڪر الحمدالله جو اھو معاملو چَمَ چَٽَ تائين محدود آھي، ورنه جيڪڏھن درياه ڀاڪر پائڻ لاءِ اڳڀرو ٿئي ته پوءِ خدانخواسته وانڍ جي وجود لاءِ ئي خطره پيدا ٿي پوي. غلام رسول جو درياه سان رشتو ۽ ناتو، ٻال جتيءَ جي زماني کان شروع ٿيو. جڏھن سندس مٺڙي امڙ درياه ڪناري ڪپڙا ڌوئيندي ھئي ۽ پاڻ ڪنڌيءُ تي لڌڙي جيان پيو منجھنس تڙڳندو رھندو ھيو. ڪجھه وڏڙو ٿيو، ته وانڍ جي ٻين ھم عمر ڇوڪرن سان گڏ سندس راندو روند ۽ ورونھه پڻ درياه جي اوسي پاسي وارن سرن ۽ ڪانھن جي ٻوڙن سان ٿيندي رھندي ھئي. جڏھن اڪيلو يا دلگير ٿيندو ھو ته پھرن جا پھر ڪنڌيءَ ڪناري ويھي، درياه جي وھڪري کي گھوري ڏسندو رھندو ھيو. پاڻيءَ سان سندس والھانه محبت ھئي ۽ ھو درياه جي موج مستي کي ڏسي ائين پيو خوش کان ٽڙندو رھندو ھيو، جيئن ڪا پھريائت ماءُ پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ٽپاٺينگ ڏيندو ڏسي ٺرندي آھي ۽ سندس ھر انگ جي حرڪت تان وار وار صدقي ويندي آھي. ھيءَ خبر غلام رسول کي به ڪانه ھئي ته درياه سان سندس ڳوڙھي نسبت ڪھڙي سبب ھئي؟ آخر ھو ڪو فيلسوف ٿوروئي ھو، جو ويٺو قدرت ۽ قسمت جا ڦورا لھي. ھو سادو سودو مسلمان ماڻھو ھو ۽کيس ڪھڙي خبر ته درياه جي وھڪري، وقت ۽ زندگيءَ جي گذر درميان چوليءَ دامن جو ابدي رشتو ھيو ۽ ٿلھي ليکي ٽيئي ھڪ ھوا.
آخرڪار غلام رسول اڄ ننڍو سڀان وڏو تان جو اچي جواڻ جماڻ ٿيو. وقت گذرندو رھيو ۽ درياه بنسبت جي کيس ڊپ ڊاءُ ڏنا ويا ھئا ۽ جي وچ وارن غلط فھميون پيدا ڪيون ھيون، سي ختم ٿينديون رھيون. آخر پيار جو اھڙو مرحلو به آيو، جو غلام رسول جو اڪثر واندو وقت درياه جي قربت ۾ گذرڻ لڳو. ھي اھو زمانو ھيو جو غلام رسول پنھنجي اندر جا راز درياه سان وڏي واڪي سلڻ لڳو. ٿورڙي ئي عرصي اندر درياه به پنھنجي دستوري حضوري شرمي ڇڏي. ساڻس سور سلڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ھاڻ ٻنھي درميان حجاب ختم ٿي چڪو ھيو ۽ غلام رسول جيئن گونگي جي ٻولي گونگي جي ماءُ سمجھندي آھي، تيئن درياه جي ھر رمز ۽ راز کي پروڙڻ لڳو.
ھونئن به ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ ۽ سڌين جو سنڌو درياه سان رت جو رشتو آھي ۽ ھئڻ به گھرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو جدامجد ۽ معمار آھي ئي سنڌو. سنڌوءَ ڪروڙھا ٽن لَٽَ جا دور دراز مفاصلن کان آڻي، ھن ملڪ کي بڻايو ۽ ھر سال ڌڪا ڏيئي سمنڊ کي اڳڀرو ڀڄايو. نه فقط سموري سنڌ جي تعمير ڪيائين پر سنڌ وارن جي گذر سفر جو ذمون به پاڻ تي کنيائين. آمريڪن ايڊ ته آئي ڪالھه، ھيتريون صديون سنڌ کي ڪنھن ٿي پاليو؟ شايد اھو ئي سبب ھيو جو سنڌين جو اوائلي ۽ اولين ڌرم ھيو ”پاڻي جي پوڄا“ ۽ پوڄارين کي ”درياه پنٿي“ سڏيو ويندو ھيو.
اڄ ڏينھن سوڌو ”درياه پنٿين“ جا آثار موجود آھن، لال بکر، زنده پير ۽ ساڌ ٻيلو ان دور جا امر يادگار آھن. ھاڻ به اڳوڻي زماني جيان سنڌوءَ کي ”درياه شاھ“ يا خواجه خضر جا لقب القاب ڏنا ويندا آھن. انھن پاڻيءَ جي پوڄارين وارن مندرن ۽ مڙھين جو سينگار ڪو بت يا مجسمو نه ھوندو ھيو. خالي ڏيورو پر پاڻيءَ وچ ۾. ليس ٻيلي ۾ اڃا سوڌو اھڙا ڏيورا موجود آھن جن ۾ ديوار تي فقط ھڪ بزرگ انسان جي تصوير چٽيل آھي جو مڇيءَ تي سوار آھي.
خود منھنجي سانڀر ۾، مون کي ياد آھي ته ڪيترن ماڻھن جا نالا درياه خان ۽ دريانومل تائين محدود ھوندا ھئا، اسان جي ڳوٺ ۾ فقط ھڪڙي ماڻھو جو نالو سمندر خان ھيو. اھو به ھن ڪري جو سندس پيءُ جي پنھنجي پاريسڙي دريا خان سان دشمني ھئي ۽ ان کي نيچو نوائڻ لاءِ پنھنجي پٽ تي سمنڊ جو نالو رکيو ھئائين. اھي زمانا ته پنھنجي جاءِ، پر اڄ ڪوبه سنڌي مھيني ماسي جڏھن ڪنھن خوشي جو اظھار ڪندو آھي ته اھو به ”وھواه“ چوڻ سان يعني وه واه.
پر وقت جا وارا نيارا آھن. ڪا شيءِ ھڪ برج تي نه رھي ٿي. وقت سدائين پيو سانڊي جيان رنگ روپ مٽائي. زماني جي ڦيرين گھيرين سبب اھي درياه پنٿي ڪجھه مري کپي ويا ۽ بقايا ڪجھه وري لڏي ويا. درياه ۾ اٽي جا ڏيئا ٺاھي تيل ۽ وٽ وجھي کين روشن ڪري پاڻي ۾ تاريندا ھئا. شورا تڙين تي درياه خواه سندس واه ۽ واھين تي ميلا لڳندا ھئا. رات جو سنڌو درياه جي آسمان سان چٽاڀيٽي ٿيندي ھئي ته ستارن جون لاٽون مٿي گھڻيون يا ڏيئن جون لاٽون ھيٺ گھڻيون. نه فقط پاڻي جي خالي پوڄا ٿيندي ھئي، پر درياه جي مخلوق جي پڻ خاصي خاطر تواضع ڪئي ويندي ھئي، کڳن ۽ گندڻن کي اٽو ڳوھي ڳوڙھيون ٺاھي کين روزانه راشن سپلاءِ ڪيو ويندو ھيو. واڳن ۽ سيسرن کي ٻڪرا ڪھي کارايا ويندا ھئا. دعوتن جي ڌوم ھن حد تائين ھوندي ھئي، جو پلو سمنڊ کان ھلي درياه داخل ٿي سڌو زنده پير تائين سکر ۾ سلام لاءِ وارد ٿيندو ھيو. بابي مرحوم ٻڌايو ھيم ته سندس ڏينھن ۾ سنڌ جا رھاڪو درياه جي ليٽ کي به دھلن دمامن ۽ شرنائين سان آجيان ڪري اڳڀرو سوريندا ھئا. توڻي جو درياه پنٿي لڏي ويا پر اتان به ھاڻي سندن غوغاءُ ھي ٿو ٻڌڻ ۾ اچي ته
گنگا جمنا امرت امرت
پر ٿنڃ ته پنھنجي سنڌو آھي
(شيام)
اڄ قصو اور آھي. درياه آھي، پر دريانو مل لڏي ھليو ويو جو درياه جو پوڄاري ھيو، باقي رھيو درياه خان. اھو پاڻ خان، ھاڻ ان جي درياه سان دوستي ڪيئن ٿي؟ ان ڪري جڏھن تنڃائي ھليا ويا ته ھاڻ گھٽا ڪير ڏئي؟ اسان کان درياه دلي ئي ختم ٿي ويئي. کڳا ته درڪنار پر ڪو پاڙي وارن کي ئي ٽڪر ڳڀو ڪونه ٿو ڏئي، حالانڪه اسان جي سھڻي سائين جي حديث آھي ته جيڪڏھن اوھان جي پاڙي اوڙي ۾ ڪو بکايل موجود آھي ته اوھان تي ماني حرام ٿي وڃي ٿي. خير، مقصد ھي ھيو چوڻ، ته رفته رفته درياه ۽ سنڌين درميان شڪر رنجي پيدا ٿي. ٿي سگھي ٿو ڪن چغلخورن ابتيون سبتيون ڳالھيون ڪري ڌرين درميان غلط فھمي پيدا ڪئي ھجي. يا وري درياه کي برغلايو ويو ھجي. ڪن جو ھي چوڻ آھي ته ”سھڻيءَ“ جي پاراتي وڃي ھڻي ھنڌ ڪيو ۽ درياه کي جي ڌمڪيون ڏنيو ھئائين ته ”درياه توئي دانھن ڏيندس قيام جي.“ ان بعد ٻنھي جا تعلقات اھي نه رھيا جي اصل کان ھئا. ھاڻ ته سنڌين به درياه سان بائڪاٽ ڪري ڇڏي آھي ۽ سندن درياه سان واسطو فقط محرم جي تابوتن ٺارڻ تائين محدود آھي.
پر غلام رسول تي سنڌو ۽ سنڌين جي گھرو لڙاين جو ڪو اثر ڪونه پيو. ھو درياه سان ”تومن شدم ۽ تومن شديءَ“ واري اصول تي ھميشه کير کنڊ رھيو. جوانيءَ ۾ جڏھن غلام رسول کي ھيءَ ضرورت پيش آئي ته پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪونه ڪو زريعه معاش تلاش ڪري، ته ھن درياه کان دور رھڻ جو وڇوڙو برداشت ڪرڻ کان ھي بھتر ڄاتو ته اھڙو ڪاروبار ڪيو وڃي جو پريت به رھجي اچي ۽ پيٽ گذران لاءِ پورھيو به ٿيندو رھي. ان آچار آبپاشي جي کاتي ۾ بطور بيلدار جي وڃي ڀرتي ٿيو ۽ کيس مقامي طور درياه جي ڪنڌي ڪنڌي ڪنارن وارن بندن جي سار سنڀال تي مقرر ڪيوويو.
ملازمت دوران جڏھن غلام رسول کاتي جي عملدارن سان لھه وچڙ ۾آيو ته تڏھن کيس خبر پئي ته اھي سڀ انجير حقيقت ۾ درياه جي خلاف ھئا ۽ سندن درياه ۾ ڪا خاصي دلچسپي يا ساڻس ھمدردي ڪانه ھئي. ھميشه درياه کي خطرناڪ ۽ خوفناڪ اڙدھا جيان ٿي تصور ڪيو ۽ سدائين کيس نيچو نوائڻ لاءِ سازشون ٿي ڪيائون. ڪن درياه کي بندن جي قيد ۾ چوکنڀو جڪڙي بي بس بڻائڻ ٿي گھريو، ته ڪن وري سندس پاسا چيري سندس سيني ۾ پٿر سيمينٽ ۽ لوھي سيخون ھڻي کيس لولو لنگڙو ڪرڻ ٿي چاھيو. غلام رسول ھر موقعي تي وجھه وٺي انھن درياه جي بدخواھ ۽ بي خبر عملدارن کي درياه سان دوستي رکڻ ۽ کيس پيار ذريعي گھتيارڻ لاءِ مشورا ڏيندو رھيو. پھريون ته کيس ٻڌو اڻٻڌو ڪيو ويو، ليڪن بعد ۾ جڏھن سندس صلاح مصلحت موزون ۽ مناسب سمجھي ويئي ۽ سندس ڪيل اڳڪٿيون سو فيصد صحيح ثابت نڪتيون ته پوءِ سندس راءِ کي وزن ڏيڻ لڳا. ھو حيران پريشان ھئا ۽ ھي سمجھڻ کان قاصر ھئا ته ھي ڄٽ ماڻھو درياه جي راز ۽ رمزن کي ڪيئن ٿو سمجھي؟ کين اھا ٻاٻوڙ ئي نه ھئي ته غلام رسول روزانه درياه سان مجلسون ڪندو ھيو ۽ درياه کيس پنھنجي اوڻاين ۽ پوڻاين ۽ پروگرام کان آگاه ڪندو رھيو. غلام رسول اھي خبرون چارون انجنيرن اڳيان عيان ڪندو رھيو جي اڳواٽ جوڳا قدم کڻي بندوبست رکندا ھئا، جنھن ڪري درياه مجبور ٿي پوندو ھيو ۽ سندن مرضيءَ مطابق سندن رٿيل راه تي ھلڻ شروع ڪندو ھيو. حالانڪه درياه اھڙو مٿ جو موڙھو ڪونه ھيو، جوکيس خبر نه پوي. کيس اھا کڙڪ اڳيئي پئجي چڪي ھئي ته سندس راز ڪير ٿو افشان ڪري. پر ياري جي لڄ رکڻ خاطر ڪڏھن به ساڻس ڦورو نه ڦوليائين ۽ نه وري ڪڏھن ڀلجي به غلام رسول کي ڪا ميار يا مھڻو ڏنائين. آخر يارن سان ڪھڙا ليکا ھئا.
مرحوم محمد موسى سنڌ جو ناميارو چيف انجنير غلام رسول کي نه فقط سڃاڻندو ھو، پر سندس اھليت ۽ کيس درياھي علم ھئڻ واري صلاحيت کان بخوبي آگاه ھيو. مرحوم، غلام رسول جي خدمتن جو قدر ڪندي کيس اضافو ڏيئي کيس بيلدار کان اوورسيئر مقرر ڪيو.
غلام رسول گھڻو ئي دانھون ڪوڪون ڪيون ته سائين آءُ اڻ پڙھيل ۽ ڪورو ڄٽ آھيان، پر محمد موسى مرحوم کي خاطري ھئي ته ھو گھڻن پڙھيل ڃٽ انجنيرن کان وڌيڪ قابل ۽ڪارآمد ثابت ٿيو ھيو.
غلام رسول کي اوورسيئر مقرر ڪري، مٿس ھي ڪم رکيو ويو ته ھر سال ھو درياه ۾ ھلندو رھي ۽ درياه جي رخ رواج، سندس طبع جي ھر موڙ ۽ موڊ جو جائزو وٺندو رھي. ۽ اھڙي سالياني رپورٽ کيس ڏيندو رھي. ان ڪم جي سلسلي ۾ کيس ھڪ نويڪلي ٻيڙي ڏني ويئي جا سواريءَ علاوه سندس جاءِ رھائش پڻ ڪئي. ھر سال غلام رسول ٻيڙي ذريعي درياه جي اڀارو رخ ھلندو رھيو. صبح شام، تتي ٿڌيءَ، سيارو اونھارو غلام رسول درياه داخل ھوندو ھيو. اڄ اچ شريف، سڀان مٺڻ ڪوٽ ۽ پرين پنجنند، اھي سندس واھيرا ۽ ٿاڪ ھوندا ھئا. پوراڏھ مھينا غلام رسول درياه جا گھٽ گھير ۽ سندس وھڪري جا لاڙھا چاڙھا پيو نظر مان ڪڍندو ھيو ۽ نديءَ جي رخ جا، نقشي واري ڪاغذ تي، ڏنگا ڦڏا ليڪا پيو ڪڍندو ھيو. يارھين مھيني واپسي موٽي ڪشمور ورندو ھو ۽ عملدارن کي پنھنجي ورتل جائزي کان آگاه ڪندو ھيو. ان رپورٽ ۾ غلام رسول ھي خبر پڻ ڏيندو ھيو ته ايندڙ سال درياه جو وھڪرو ڪھڙي رخ ۾ زور وٺندو، ڪھڙي ڪناري ڏانھن لَٽ اڇليندو، ڪھڙي پاسي کان پائندڙ ڪندو ۽ ڪٿي ڪٿي سندس کاڌ جون علامتون ظاھر ٿينديون. اھڙي حال احوال آڌار کاتي جا عملدار عملي طور قدم کڻندا ھئا. انديشو ڏيکاريل جڳھن تي بند مضبوط ڪيا ويندا ھئا ته ڪٿي وري بندن پٺيان منگليون پيا ٺاھيندا. وھڪري جي زور ڀڃڻ لاءِ ۽ ڪنارن جي کاڌ روڪڻ لاءِ پٿر جا ٽڪنڊا ٺل ٺاھي اڳواٽ اھڙو انتظام رکندا ھئا جو درياه جي زور زبردستيءَ جو ڪو اثر نمودار نه ٿيندو ھيو. اھڙن انيڪ اپاون وٺڻ ڪري درياه جي غصي، غضب ۽ ليٽ پيٽ جو مناسب ۽ جوڳو علاج ترت عمل ۾ اچي سگھندو ھيو ۽ سنڌوندي خير صلاحين ۽ ساڻ چئن تڪبيرن جي، صلح سانت سان ڪيٽي بندر پنھنجي ساھري گھر وڃي رسندي ھئي. نديءَ جي اھڙي چڱي چالت باعث ھر سال سنڌ جي انجنيرن کي شاباش ملندي ھئي ۽ سندن انجنيري فن جي ملڪان ملڪ ھاڪ ھوندي ھئي. اھا غلط فھمي اڄ ڏينھن سوڌو ھلندي اچي ته اسان جي سنڌ جا انجنير نھايت قابل ھوشيار آھن ۽ کين درياه جي رڳ رڳ ۽ رڳن جي بلڊپريشر ۽ ٽيمپريچر جو پورو علم آھي . حالانڪه ڪاميابي جو سھرو غلام رسول جي سر تي ھيو. 1942ع جو واحد سال ھيو جو ڪنھن غلط فھميءَ باعث غلام رسول جي اندازي ۽ اڳ ڪٿين کي ڪا اھميت نه ڏني ويئي ۽ سندس رپورٽ کي نظرانداز ڪيو ويو. ان جو نتيجو ھي نڪتوجو، نديءَ جون تباھيون ۽ برباديون ٻوڏ ۽ پائيندڙ ذريعي سنڌ ۾ آيون، ان جو پتو انھن کي ھوندو جي درياه جي لپيٽ ۾ آيا ھوندا.
1972ع ۾ غلام رسول کي رٽائر ڪرايو ويو ان ڪري 73 واري ٻوڏالبت سنڌ وارن کي مھانگي پئي. جيڪڏھن فقط ساڻس صلاح مصلحت جو سلسلو جاري رکيو وڃي ھا تا ھم به شايد ڪافي وقت سر بچاءُ ٿي سگھي ھا. مصيبت ھي آھي جو ھاٿي جيئري لھي لک ۽ مئي سندس بھا ٻه لک! انجنيرن لاءِ جي درياه چڙھي تڏھن به نعمت، وري جو ٻوڏ ڪري ته پوءِ نلي چاندي. ھر ٻوڏ وقت ٻه ٻوڏون عمل۾ اينديون آھن. ھڪ پاڻي جي جنھن ۾ ماڻھن لاءِ آزار ٿئي ۽ تباھي اچي ۽ ٻي رپين ۽ نوٽن جي ٻوڏ، جا انجنيرن جي ائڊريس پڇائيندي سندن گھرن ۾ رسندي رھي ٿي. غلام رسول کي گھر ويھاري ۽ سندس ڪو جانشين مقرر نه ڪري ھڪ اھڙي قسم جو خال پئدا ڪيو ويو آھي جو ھاڻ اسان کي درياه جي ارادن جي اڳواٽ خبر چار پوڻ ناممڪن آھي. ھن چوڻ ۾ھي شڪايت جومطلب نه ڪڍيو وڃي ته ڪو غلام رسول کي پڳ ٻڌائي وڃي يا سندس خدمتن جو قدر ڪري کيس انعام اڪرام ڏنو وڃي. ھرگز نه. نيڪي ڪندي ھٿ ھر ھڪ جا سڙندا آھن ۽ غلام رسول ڪو مٿان ته نه لٿو آھي جو سندس قدر قيمت ڪئي وڃي. ٿي سگھي ٿو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي انجنيرن جورڪارڊ خراب ٿي پوي.
مقصد ھي آھي ته اھڙي قسم جي ماڻھن جي تلاش ڪئي وڃي يا ترغيب ڏيئي اھڙا انسان تيار ڪيا وڃن، جي درياه جي وضع قطع ۽ طبع کان واقف ٿين ۽ اھڙو پروگرام اڳواٽ رٿين جيئن سنڌ جا باشندا پنھنجي ئي محسن جي مستيءَ جو شڪار نه بڻجن. جيئن گذريل سال ٿيو. درياه جو ڪجھه ڪيو آھي ان لاءَ کيس ڪو مھڻو يا ميار ڏيئي نه ٿي سگھجي. انجنيرن کي ھي وڏي غلط فھمي آھي ته ھنن چوطرف بند ٻڌي درياه کي جڪڙي قابو ڪري ڇڏيو آھي، شايد ھن ڪري جو ھنن درياه جون نه اھي ڳاڙھيون اکيون ڏٺيون آھن ۽ نه وري درياه جي تواريخ يا سندس شجري کان ئي وافق آھن.
غلام رسول جو طريقو عجيب وغريب آھي. ھو چوندو آھي ته ”سنڌو“ دنيا جي جملي درياھن کان مختلف مزاج درياه آھي. ھو نه فقط درياه جي جاگرافي ۽ تواريخ کان بخوبي آگاه آھي، پر کيس سندس ھر نخري ۽ نازڪ مزاجي جي نبض سڃاڻندو آھي. سندس دعوى آھي ته سنڌو پيار سان ضابطي ۾ اچي سگھي ٿو ۽ زبردستيءَ سان ھرگز نه. کيس گھتياري سندس دل وٺي مٿس براجون ٺاھيون. سندس پاسن ۾ شگاف ڏيئي واه وھايو ۽ سندس پيٽ کي پٿر ٻڌي سندس وھڪري کي موڙيو. پر پيار، عقل ۽ ادب سان. پر ھڪ واري توھان تڪڙ ڪري پنھنجي ھلندي ھلائي ۽ خدانخواسته ھڪوار درياه بگڙيو ته پوءِ ٻانھو ۽ ڌڻي. . .
اڳ جڏھن درياه رسندو ھيو ۽ پنھنجو پيٽ ڦيرائيندو ھيو ته سنڌ جو اھو سمورو پاسو ھڪدم سڃ ۽ برپٽ بيابان ٿي ويندو ھيو ۽ ان رخ جي تھذيب ئي ختم ٿي ويندي ھئي. اھوئي سبب آھي جو ھيل سوڌو سنڌوءَ پنھنجا ايترا پيٽ ڦيرايا آھن جو اڄ سوڌو اسان ايترا ڪپڙا به تبديل نه ڪيا آھن. سندس ڪاوڙجڻ ۽ رسڻ ڪري جا تباھي ۽ بربادي عمل ۾ آئي آھي، ان لاءِ سنڌ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪيو ته اوھان کي خبر پوندي ته گھڻين ويھين سؤ ٿيندو آھي. جي اڄ سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا اجڙيل ڦٽل، کنڊھر ۽ ڦٽل شھرن جا آثار موجود آھن ته اھي پڻ سھڻي سنڌو جون موسمي مھربانيون آھن. بھتر ٿيندو ته پنھنجي بچاءُ خاطر ۽ سنڌ کي تباھي کان پاسي رکڻ لاءِ غلام رسول ميدان عمل ۾ آندا وڃن. سندن قدر ڪيو وڃي ۽ جڏھن سندس وقت پورو ٿئي ۽ سندس جاءِ نشين مقرر ڪيا وڃن ته جيئن درياه ۽ درياھي رھاڪن جو دوستانه رشتو درياھي گھوڙن ذريعي زنده ۽ پائنده رھي.