نانو ڪؤڙو
ھونئن ته پنھنجي سڀني عزيزن قريبن تي ساه ڏيندو رھيو پر مون سان وري سندس دل جو پرچو ٻين کان مڙُئي رتي سرس ھوندو ھيس. شايد ھن ڪري ڀي، جو آءُ پنھنجي گھراڻي ۾ اڪيلو ڀاتي ھيس جو ڳڙھيءَ جو شھر ڇڏي اسڪول جون موڪلون دودي ڳوٺ وڃي پنھنجي ناناڻي آڪھه ۾ گذاريندو ھيم. مرحوم کي مون ۾ آسرو ۽ اميدون ھيون ته آءُ سندس نقش قدم تي ھلي سندس ۽ پنھنجو نالو روشن ڪندس. ان لاءِ ھميشه اھا ھدايت ڪندو ھيو ته سندس جيئري کائونس ڌنڌي جا ھنر ۽ ڳر حاصل ڪيان. گھڻائي جتن ڪيائين پر پوءِ به مون ۾ ٿوم نه ڏسي ڏاڍو مايوس ٿي ويندو ھيو. چوندو ھيو ته ابا چوري بھادري آھي ۽ سخت محنت وارو پورھيو آھي ۽ ڪا مشڪري ته نه آھي. راتو رات ميلن جا ميل مفاصله ھڻي پرايو مال ڪاھي درياه ٽپي واپس وٿاڻ تي پھچڻ، ڪا اڪ جي ماکي لاھڻي ته نه آھي. ان کان علاوه حلال مال جي چوري ھئي ۽ ڪا رشوت واري نوڪري يا حرام جو ڌندو ڪرڻو ته نه ھيو.
مون کي اڃان افسوس آھي جو آءُ ناني ڪوڙل جي اميدن مطابق نسري نه سگھيس. ڇاڪاڻ ته مون ۾ ڪجھه بنيادي ڪمزوريون ھيون. ھڪ ھيءَ ته آءُ ننڍپڻ کان ڊڄڻو ھيس ۽ ٻيو ھيءُ ته ان زماني ۾ ٿڏي تي ۽ فورن ڪوڙ ڳالھائي نه سگھندو ھيس. جنھن خاصيت جو ھر چور ۾ ھئڻ بلڪل ضروري آھي. نانو ڪوڙو ان ڏس ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھيو. ڪي ماڻھو ڪنھن مقصد خاطر يا ڪنھن لاچاري ڪري ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ مجبور ٿين، پر نانو ڪوڙو سواءِ ڪنھن سبب جي يا مطلب جي ان اصول تي عمل ڪندو رھيو. پاڻي پي ايندو ته چوندو ته ٿاڌل پيتي اٿم. بصر سان ماني کائي آيو ته ڏند پيو کوٽيندو ته ڪڪڙ پوري ڀُڳل نه ھئي. پنج ماڻھو گڏ ويٺي ڏٺائين ته چوندو ته پنجاه ماڻھن جو ڪٽڪ ٿي ويو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ھي واحد ماڻھو ڏٺو جنھن کي سچ ڳالھائيندي نه فقط ھٻڪ ٿيندي ھئي پر اڪثر اوقات گڙدي جي سور اڀرڻ جي پڻ شڪايت ڪندو ھيو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته مضبوط جسم ۽ شڪل ھئڻ ڪري ڪوڙ کيس سونھندو ھيو ۽ اڪثر کيس ڦٻي به ويندو ھو.
ڳڙھيءَ ۾ جڏھن ڇٺي ڇماھي اسان وٽ ڦيرو ڪندو ھيو ته مامي شاھن کان نه فقط گھٻرائيندو ھيو پر کائونس لنوائيندو پڻ ھيو. ڇاڪاڻ ته مامو پوليس ۾ عملدار ھيو ۽ ڪوڙل جي پرڪارن کان چڱي ريت واقف ھيو ۽ الله جنت ۾ جايون ڏئيس پاڻ به ٺاھوڪو ڪوڙ ھڻندو ھيو. ھڪ دفعي اوطاق ۾ اسان ڇوڪرن سان ڪچھري ڪندي ناني ڪوڙي پنھنجي دستوري دھمان ٿي ھنيا ته ڪئن نه ھن گذريل اڱاري رات پنج ڀليون مينھون چورائي درياه پار ڪيو ھو حالانڪ ڏھاڪو کن ھٿياربند ڀاڳيا سندس ڪڍ پيا ھئا جن ۾ ٻن کي ڊاھي وڌو ھئائين. ايتري ۾ مامو مرحوم سندس قصو ٻڌي اندر آيو ته چيائينس ته ”ڪوڙل اھو ته تون ڪوڙ ڦھڪايو.“ نانو ڪوڙو کلي ويٺو. چي جمعدار توکي خبر پيئي؟ ٻئي دفعي پاڻ ساڳئي نموني اسان تي رعب رکڻ لاءِ واڳوءَ سان ويڙه ڪرڻ جو ڪارنامون بيان ٿي ڪيائين ته ڪيئن نه سنڌو درياه ۾ ترندي واڳوءَ سندس پير ۾ وات وڌو ۽ ڪوڙي ٻنھي ھٿن سان لٺين جا وسڪارا لائي ڏنا. اڃان ڳالھه وچ درياه ۾ ھئي ته مامو شاھن به اچي وارد ٿيو ۽ پوءِ واڳونءَ جي شھادت وارو قصو اڌ ۾ رھجي ويو.
واڻين جي ڏاڍي واکاڻ ڪندو ھيو. چوندو ھيو ته ”ابا چوري ڪرڻ جي موج ھئي واڻين جي وقت ۾. ھڪ ئي کاٽ ۾ ٻارنھن مھينن جو مال پاڻي نڪري ايندو ھو. مسلمانن جي چوري ڪرڻ ڌوڙ پائڻي آھي. ھڪ ته بپٽ سڃا ۽ ڏيوالا ۽ ٻيو وري گھر ۾ رکن ڏھ قرآن. ھاڻي ڪير ڪري چوري ڪري پنھنجا ٻيئي جھان وڃائي. واڻيا ڪچي پنڊي ۽ دل جا دياوان. ھڪ دفعي چوري ڪري ھڙ ٻڌي ڀت ٽپيم ته ھڪ وائڻئي ڊوڙي اچي منھنجي بازوءَ ۾ ٻئي ھٿ وڌا. مون رڙ ڪئي ته خبردار ڀائي اتي ڦرڙي اٿيئي. واڻئي امالڪ ٻئي ھٿ ڪڍي ورتا. ۽ آءُ مال سووڌو اچي پنھنجي ماڳ پھتس. “ ٻئي دفعي ”کمڻ ڳوٺ جي سڙڪ تي ھڪ واڻيو گڏھ تي ڪپڙي جي ڳوڻ کڻي ٿي آيو ته کائونس ڳوڻ ڦري جڏھن اڳڀرو ٿيس ته واڻئي رڙ ڪئي ته ڀائي ڳوڻ ڏاڍي ڳوري اٿئي، ھاڻ وٺ ھي گڏھ به ڪاھي وڃ.“ مون کي ايترو شرم آيو جو مال کيس موٽائي ڏنم ۽ اٽلندو ساڻس گڏجي وڃي کيس کمڻ پھچايم ته متان ٻيو ڪو چور نه رستي ۾ بٽئي ڪريس.
سڄي عمر ڇڙو ڇانڊو رھيو. شادي کان ونئون ويندو ھيو. چوندو ھيو ته ابا شادي وڏو خفو آھي ۽ ماني کائڻ لاءِ ڄڻ ھوٽل خريد ڪرڻو آھي. ائين به نه ھيو ته ڪو عورت ذات کان ڇرڪندو ھيو. بلڪل نه. برعڪس ان جي وڏو شوقين مزاج مڙس ھو. ھڪ ھٿ سدائين مڇون وٽڻ ۾ مصروف ھوندو ھيس. سيٽي به سھڻي وڄائيندو ھو. شيرل باڊه واري جون جملي ڪافيون برزبان ياد ھيس. ھٿن جي سڀني انڱرين ۾ سواءِ آنڱوٺن جي، منڊيون پيل ھونديون ھيس جن لاءِ چوڻ ھوندو ھيس ته کيس سوغات طور مليل ھيون. ڳڙھيءَ کان ڳوٺ واپس ويندي خاصي خريداري ڪندو ھيو جئن ته ڳاڙھا ساورا رومال، ريشمي اڳٺ، مساڳ، رنگين موتين جا ھار ۽ گلابي رنگ جا لغڙائي پنا، جي انھن ڏينھن ۾ ڳوٺاڻيون عورتون سرخيءَ بجاءِ چپن تي ملينديون ھيون ۽ ريوڙيون. خير ريوڙيون ته پاڻ به ٽڙڪائيندو ھيو پر باقي شيون ظاھر آھي ته ڪھڙي ڪتب آڻيندو ھوندو. پاڻ ته ھيو ئي پيڙھيءَ تي ھڪڙو داڻو. آخر اھي سوکڙيون پاکڙيون ھيون ڪنھن لاءِ؟ ٻه ٽي دفعا مون کي گھه وٺي ڏيارڻ لاءِ ڏيٿن جي ڳوٺ وٺي ھليو جتي اسان ٻنھي جي ڏاڍي آجيان ٿي ۽ ھر دفعي نيرن مکڻ ۽ بسرين سان ڪرائي وئي. جڏھن انھن عورتن لاءِ مون کائونس آڏي پڇا ڪئي ته ڪن لاٽار ڪري لنوائي ويو. زور ڀرڻ تي ٻڌايائين ته اھي سندس سرتيون ھيون. ھيءَ پوءِ خبر پئي ته سَرتيون عورتن جون ٿينديون آھن ۽ مرد جي ساٿڻ سريت ٿيندي آھي.
اوطاقي مڙس ھيو. سندس اڱڻ وارو مچ سدائين دکندڙ ھيو. حقو پاڻي ۽ سکو سوائي آئي وئي لاءِ ھر دم حاضر ڪيو ويندو ھو. روز ٻه ٽي پرديسي وٽس مھمان به ضرور ھوندا ھئا. ظاھر آھي ته وٽس ڪانڍجي ايندڙ ڪير ھئا. ھڪ دفعي آئون کيس اھو ڪجھه ٻڌائڻ جي غلطي ڪري ويٺس جو مامي شاھن سندس باري ۾ پرپٺ چيو ھيو ته ”ڪوڙي وٽ روپوش ۽ ڏوھارين جي ٽرئفڪ جاري رھندي ھئي.“ نانو ڪوڙو جوش ۾ اچي پاڻ جھلي نه سگھيو ۽ اچي مامي تي پلٽيو. ”چي جمعدار وري ڪھڙو چڱو مڙس آھي. ھو به مون جيان چور آھي ۽ ٻنھي وچ ۾ فرق فقط ورديءَ جو آھي. مون اڃان به پنھنجي ڪرتي کي رات جي انڌيري ۾ لڪايو ٿي. پر جمعدار ته ڏينھن ڏٺي جو به ھاڃان ٿي ھنيا. ھڪ چوريءَ جي چاج ڪندي ڏھ ٻيون چوريون ٿي ڪيائين۽ ھڪ ڦر يا ڌاڙي جي پوئواري ڪندي ڏھ ٻيون ڦريون ۽ ڌاڙا ٿي ھنيائين. پر ڇڙو جمعدار جو، سڄي دنيا جو ڪاروبار ئي چوري ڌاڙي ۽ ڦر تي ھليو. مڙسي جا انگ ۽ دوستي جو دم به انھن ۾ ئي ملندءُ. باقي اشراف ۽ چڱا مڙس نه اوڙي چڱا ۽ نه پاڙي چڱا. نه ڪنھن کي ڪجھه ڏين نه ڪنھن کان ڪجھه وٺن. الاجي ڪھڙي مرض جي ھو دوا ھئا. ھو ته فقط اھي ٽجوڙيون ھئا جن جا در ۽ دروازا ٻين سڀني لاءِ ٻيڪڙيل ھئا. پنھنجي ڀائرن کي ڏس. سڀ وڏا ماڻھو. ڪي وڪيل ڪي وزير ڪي ڏاڪدار. سڀ کجيءَ جا وڻ، جيئن وڌندا وڃن تيئن پنھنجي ڇانو ۽ ڦل مٿي کڻندا ٻين جي پھچ کان پرڀرو ڪندا ٿا رھن. اٿن ڪو ڪنھن غريب مسڪين مٽ مائٽ جو اونو. آخر به ڏيئي کي تري ھيٺ اونده ٿيندي آھي.“ ناني ڪوڙي جي اھا تاريخي تقرير اڄ به منھنجي ڪنن ۾ واڄٽ ڪندي ٿي رھي. ڪير ٿو چوي ته نانو ڪوڙو ڪوڙ ڳالھائيندو ھيو.
پڇاڙيءَ جي پھر ۾، الاجي ڇو، پنھنجيون پراڻيون ريتون ۽ روائتون ھڪ ھڪ ڪري ترڪ ڪندو رھيو. شايد درياه جي ھن ڀر ھلڻ جا سانباھا ٿي ڪيائين. ھيءَ موت جي ھڪ عجيب سازش آھي جو آخر ۾ انسان کي قسطن ۾ مارڻ شروع ڪندو آھي. جسم جي ھر انگ ۽ حواس کي بيڪار بڻائڻ گڏ انسان جا رشتا ۽ ناتا ڪاٽا ڪندو رھندو آھي. حقو ڇڏي ناس شروع ڪيائين ۽ آخر اھا به ڇڏي ڏنائين. چوريءَ کان توبھه نه ڪيائين پر بس ڪري ڇڏيائين. اڌ رات جو اٿي پرايا ڍڳا ڪاھڻ لاءِ جگر ۽ جوت کپي جا ڪوڙي ۾ ھاڻ خير ڪي ھئي. ڪوڙ کان به ڪنارو ڪري سچ بجاءِ خاموشي اختيار ڪيائين. باقي اکين جي عادتن سان آخري دم تائين توڙ نباھيائين. ”ديدار بازي الله راضي.“ وارو نعرو مون کائونس ٻڌو. مرڻ کان ڪجھه ڏينھن اڳ کيس بيل گاڏيءَ ۾ سوار ڪري ڏاڪدار کي ڏيکارڻ لاءِ ڳڙھيءَ وٺي ٿي ويس ته مونگر واه جي ڪپ تي نھال شاه جي اوتاري وٽ گاڏي روڪڻ لاءِ چيائين. سمجھي ويس ته ڇا لاءِ. سامھون ڏيٿن جي ڳوٺ جون مايون مٿن تي گھڙا ڌريو پاڻي ڀرڻ ٿي آيون. مدي جي بخار ھوندي به وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. ھڪ مائي کيس ڏٺو، جنھن ٻين کي ڏاھ ڏني. پوءِ ولر جو ولر دلا ڇڏي اچي سندس چوگرد بيٺو. ساڻن خوب ڪچھري ڪيائين. ڏٺم ته سير کن خون وڌي ويس. جڏھن سڀ موڪلائي موٽيون ته اھا ڪا ڪاڻي اک ھئي، جا آلي نه ھئي. ناني ڪوڙي چيو ته ھاڻ علاج ٿي چڪو، ھاڻي گاڏي واپس دودي ڳوٺ وراءِ. واٽ تي مرڪندي چيائين ته ”نوران“ کي ڏٺئي؟ ھائو، اھا جا بسريون کارائيندي ھئي. سوڍيءَ کي سڃاتئي؟ توسان گڏ بازار ۾ ڏٺي ھيم. ڀلا ھوءَ وڏي اکين واري ”جوائي“؟ ”ابا وقت مليئي ته انھن وٽ ڦيرو ضرور ڪجانءِ. منھنجي خاطر. منھنجي روح کي فرحتڙي ايندي. پر جينه، ته دنيا ۾ ٻيون ڪيئي سوڍيون ۽ جوايون پيون جيئن.“ جھٽ رکي وري چيائين ته ”ابا منھنجي قبر تي“ ”ڪنوار ٻوٽي“ ضرور پوکجانءِ. پيشتر ان جي جو آءُ کانئس ڪارڻ پڇان، پاڻ ئي چيائين ته ”ابا، مٿن کان ڪا ته ڪنواري بيٺي رھي.“