آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  استاد عطا محمد حامي مرحوم

نيٺ استاد حامي به اسان کي ڇڏي ويو. وڃي اصلوڪي ماڳ جا وڻ وسايائين. ڏاڍي تڪڙ ۾ ٿي ڏٺو. ڀانئن ته آتو ويٺو ھيو. جيئن ڪو ٽيشن تي ٽپڙ رکي گاڏيءَ جي اوسيئڙي ۾ ھجي. ويو به اڪيلو ۽ اوچتو. واٽ ٽڪاڻي به ڪانه ڪيائين ، ته ڪا ھلندي جيڏيون؟ خير، جي وڃان وڃان ڪن سي رھي رھندا ڪيترو؟ھونئن به ھتي رکيو ڇا ھيو؟ صبح مانجھند ۽ سانجھي. وري سورن سورن ڀري جبل جيڏي رات! زندگي ته نه ھئي ڪو ٽمجھڻ ھئي. ٻارھوئي ڀنڊڻ. وري ڪو ھڪ اڌ سور ھجي تڏھن به چڱو. ھتي ته ڄڻ گداڙي ويائل ھئي. اڃا به شڪر، جو ھر روح پٺيان ڪونه ڪو روڳ لڳل ھيو. جنھن رڃ جي لقاءُ ڪڍ ھر ڪو چرين جيان ڊوڙندو رھيو. ڪو دنيا جو پوڄاڙي ھيو ڪو ڪنھن ديويءَ جو ديوانه ھيو. ڪو ڪرسي جو پروانه ھيو. ھر ھڪ پنھنجي روح جي ورونھه ٿي ڳولي يا ڪو راءَ ٿي ريجھايو. پوءِ ڪنھن ڦيڙيون پائي، مرليون وڄائي يا نرڙ نوائي!
استاد حامي اھڙين مڙني مشغولين جي جنجھنٽ کان آجو ھيو. وتائي فقير جيان ھيو ڪنھن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾. ھن جي ڪنھن جي آتڻ يا آکاري ۾ ڪا دلچسپي ڪانه ھئي. ھو ڪڏھن ڪڏھن پري کان بيھي جڳ جو تماشو ڏسندو ٿي رھيو. اھو به فقط رونشي خاطر. جيئن ڪو ٻھراڙيءَ جو ٻار ڊوڙندي ٻير تي چڙھي ملاکڙه جو مزه وٺندو رھي. پوءِ ڪير کٽي ته ڇا يا ڪير ھارائي ته ڇا؟ اڃان به ھارائڻ واري لاءِ ڪجھه ھڏ ڪُرڪندو ھيس. الله پاڪ کيس دل اھڙي نازڪ ڏني ھئي. جھڙي نرمل ۽ ڪومل مکڙي. ڪنھن جو ڏک سور سھي نه سگھندو ھيو. شاعريءَ کي به شايد ان ڪري نپايو ھوائين ته جيئن سندس دل کي ڪو ڳٿو ملي، جنھن وسيلي سندس غم جا غبار دور ٿي سگھن. عاشق مزاج به بي انت ھيو. سونھن سندس روح جي غذا ۽ جيءَ جو جياپو ھئي. آخري ڏينھن ھڪ سٽ ور ور ڪري ٿي ورجائين . ”محبت نه جن جي من ۾ تن جي مٽي اڻاسي.“
مون ته استاد حامي کي ھردم کلندي ڏٺو. الله پاڪ کيس خلقيو ئي اھڙو خوش خلق ھيو. ننڊ ۾ توڙي سجاڳ. معلوم ائين ٿيندو ھيو ڄڻ کلي رھيوھو. اسپتال ۾ بيماري جي بستره تي سندس کل عجيب لڳندي ھئي. خاص طور جڏھن کلندڙ ڪئنسر جو مريض ھجي. وري مرض جي کيس ڄاڻ نه ھجي. آءُ ته کلندو ھيس کيس کلائڻ لاءِ. جڏھن پيٽ جي زخم مٿان ھٿ ڌري کلندي، وري سور جي ٽاٽ اڀرڻ ڪري ڪنجھندو ھيو، ته آءُ ڇرڪي ويندو ھيس. ڪڏھن ته ائين ڀائيندو ھيس ته ڄڻ موت مون تي کلي رھيو ھيو. موت ھيو يا ڪا ٻي ھستي؟ بنگال جو مشھور شاعر قاضي نذرالاسلام جڏھن ڪنھن ڪوڙه جي مريض کي کلندي ڏسندو ھيو ته چوندو ھيو ته ”قدرت پاڻ کلي رھي ھئي.“ استاد حامي کي کلندي ڏسي مون کي به اھڙو وھم گمان اڪثر ٿيندو رھيو.
سموري زندگي ائين مرڪندي ۽ مشڪندي ۽ کلندي گذريس. ائين به نه ھيو ته ڪو ھميشه حورن جي ھنج ۾ ھيو. بلڪل نه. پليو نپنو ۽ پڙھيو ئي ڏکن ڏوجھرن ۾ ھيو. گذريل سال ته مٿس قيامت ٿي گذري. سندس ڪٽنب جا چار ڏيئا ھڪ ٻئي ڪڍ اجھامي گل ٿي ويا. انھن ته ھڪ سندس ڳڀرو پٽ ھيو جو ڪاليجي شاگرد ھيو. اوچتو مٿي ۾ سور پيس. چئن ڪلاڪن جي چٽ گھٽ ۾ نه تڳ ڏٺو نه مون ڏٺو. خيرپور جي خلق شاھد آھي ته استاد حامي ڳوڙھو اکين نه ڳاڙيو. چي ”جنھن مالڪ ڏنو ان سنڀالي واپس ورتو. منھنجو اڌ يا ٽھائي؟ آءُ واچوڙو ۽ ٽياڪڙ. ڪير جو ارھو ٿيان.“ ھن ڀيري البت آنو ٻٽو دلگير ٿي ڏٺو. پنھنجو غم ته خيرڪي ھيس. چيائين ته نبين جي وصال واري عمر اٿم. ٽيھٺ سال پورا ڪري چڪو آھيان. وڌيڪ ڌرتيءَ تي ڌرڻو ماري ويھڻ جي آس به ڪا نه اٿم. پر يار امڙ جيئري اٿم. ڪڙاري ٻڌندي ته مري ويندي. صدمي سھڻ جھڙي آھي ئي ڪانه. گھٽ ۾ گھٽ آءُ ڇو سندس دل ڏکوئڻ جو بھانو بڻجان؟ ائين چوندي سندس اکڙين، جي ڪامڻ ڪارڻ سايون ٿي چڪيون ھيون، ۾ ڳوڙھا تري آيا. پر اکيون ڇنڀيائين نه. متان ڳوڙھا ڇلڪي قطار ڪري، ھيٺ نه وھي ڇڙن.
منھنجي استاد حاميءَ سان ڏيٺ ويٺ اڄ کان اٺاويھه سال اڳ خيرپور ميرس ۾ ٿي جتي مون نوڪري سانگيءَ وڃي ديرو دمايو ھيو. ان دور ۾ منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ سنگت ڳچ اھڙن انسانن سان ٿي، جن جي ياد ۽ ساٿ اڃان سوڌو پنھنجي زندگيءَ جو املھه سرمايو سمجھان ٿو. مرحوم اميد علي شاه، مرزا نورحسين، ھادي بخش لاڙڪ، قائم علي شاه، منظور حسين پنوھر، ۽ عطا محمد حامي. سموري ڪھول ۾ استاد ۽ آءُ ٻيئي عمر ۾ لڳ ڀڳ ھواسون. استاد 1919ع ۾ ۽ آءُ 1920ع جي پيدائش ھيس. پاڻ ۾ ويھا اڻويھا ھئن کان اڳڀرو اسان ٻنھي جي پاڻ ۾ ڪا خاص نسبت نه ھئي. اڃان به افعالن ۾ ھڪ ٻئي جي ابتڙ ھواسون. آءُ چلتو پرزو ۽ چيڙاڪ ھئڻ سان گڏ سڀني بڇڙاين جو بولٽن مارڪيٽ ھيس. برعڪس انجي ، استاد حامي سادو سودو، ماٺيڻو، حليم، بااخلاق ۽ ھڪ درويش صفت انسان ھيو. جھڙس محبتي ۽ مٺڙو ماڻھو مون مشڪل ڏٺو ھيو.
اھا سندس مٺاس ھئي جنھن جي سبيل ھئڻ ڪري استاد ڪيئي مرض پرايا. ڪجھه سال اڳ کيس ذيابطيس وچڙي. پوءِ کيس سائي يا يرقان جو عارضو ٿيس. مھينو اڳ سندس نياڻيءَ پٺي تي ٿڌڙا ڪڍندي ۽ پِتُ ماريندي استاد جي ڪک وٽ ڪجھه ڳوڙھي ڏٺي. ٻئي ڏينھن استاد اسپتال وڃي آموسيل ھنڌ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ تپاس لاءِ جناح اسپتال ڪراچي ڏانھن روانو ڪيو. داخلا جي چوٿين ڏينھن تي سندس آپريشن ڪئي ويئي. ٻن ھفتن کان پوءِ وري ٻي آپريشن جي تياري ٿي. ٽئين ڏينھن صبح جو جو يار ويندا ڏيکاريندا. ٽن ھفتن ۾ ٽيھٺ جي ورھين جو اڀريل ۽ اسريل وٽ ڪاٽا
اناالله وانا اليه راجعون!
صاحب جي صاحبي عجب ڏٺي سون، ماکي ۽ مصريءَ جھڙي مٺي ماڻھوءَ کي ڪئنسر جي مرض ۾ نھوڙي نيڻ! الاھي اسرار ھيو يا آزمائش؟ چئي نٿو سگھجي. پر ھر حالت ۾ اھا قدرت جي ڏاڍ مڙسي ضرور چئبي. ڪئنسر ڪو انساني مرض ٿورو ئي ھيو. ھي ته ڪا ڪاسائڪي ڪار ھئي، اھا به مڏي ڪاتيءَ سان مارڻ ھيو. اھو به اھڙي ماڻھوءَ جي جنھن زندگيءَ ۾ شايد ڪک کي به نه رنجايو ھجي. اھڙي اپيپاه کي اھا بيماري بڇيندي قدرت کي ڪجھه ڪھڪاءُ تي اچڻ گھربو ھو. ان بيماري ۾ جنھن کان دشمن کي به الله شل پناه ۾ رکي، پنھنجن ڪجھه پيارن عزيزن ۽ دوستن کي بک ٿيندي ڏٺو ھيم، جي بيحد شريف ۽ نھايت نيڪ انسان ھئا. جيئن ته پنھنجي مرحوم ھميشره، منشي نور قادر علي ملنگ ۽ استاد حامي، ٽنھي جي بيماري واري مدت ساڻن گڏ گذاريم. آخرين گھڙين تائين. ڄڻ تربيت تي حاصل ڪيم. ھاڻ ته اھو ايمان ٿي چڪو اٿم ته ڪئنسر ڪجھه به آھي، پر سزا ھرگز نه آھي. ٿي سگھي ٿو فقط موت جو سڏ ھجي.آءُ به ايندڙ نومبر ۾ عمر جي ٽيھٺ ڏاڪي تي پير رکڻ وارو آھيان. جي الله پاڪ اھا عنايت مون تي به ڪئي ته اکين تي. پر مھابي پاڪ رسول جي.ان نوازش گڏ شل اھڙي سور سھڻ جي توفيق مون کي به ڏئي، جا استاد حامي کي بخشي ھوائين.
ھڪ ڏينھن ڀٽ شاه وڃڻ ڪري استاد وٽ وڃي نه سگھيس. ٻي ڏينھن تي ڏوراپو ڏنائين ، ”ادا سائين ائين بيوفائي نه ڪر، آءُ ھتي علاج لاءِ ٿوروئي آيو آھيان، مان ته ظالم توسان ڪچھريون ڪرڻ آيو آھيان.“ لاڏاڻي کان پنج ڏينھن اڳ وري به تغاتو ڪيائين، ”ڀائو متان ڀيرو ڀڳو اٿيئي. باقي ڏھاڙا آھن چار.“ مون وائڙو ٿي پڇيو ته پوءِ؟ ”پوءِ ادل وينداسين اباڻي وطن.“ پر ڊاڪٽر توکي ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏيندا؟ کلي چيائين ته ” دلبر ڏاڍو ظالم آھين . سمجھين به ٿو ڪھڙي ڳوٺ جي ويٺو ڳالھه ڪريان، پوءِ به پڇي پڪ ٿو ڪرين؟“
ٻين يارن آئي آءُ ڳالھه کان لنوائي ويس. موقعو وٺي استاد سان ڳوٺ ھلڻ جي ڳالھه چوريم. چيائين ته ڀلي. پر ڊاڪٽر کان اجازت وٺڻي پوندي. اھو ذمو پاڻ تي کنيم. ڇاڪاڻ ته منھنجي خيال ۾ مرض دوا درمل جي سطح کان مٿي چڙھي چڪو ھيو . ٻيو استاد کي وڏي اڻ تڻ ھئي پنھنجي امڙ سان ملڻ جي جيئن ته ھوءَ ڪراچي اچڻ جھڙي نه ھئي. ٻئي ڏينھن شام کان وٺي رات تائين آءُ ڊاڪٽر جي ڳولا ۾ ھيس. پر ڪو پتو نه پئجي سگھيو. ٽئين ڏينھن تي نيرن مھل اسپتال پھتس. معلوم ٿيو ته استاد کي ٻي آپريشن لاءِ وٺي ويل ھوا. ڀائو منگيءَ حال احوال اوريو ته ڪالھه شام ڊاڪٽر سمورو وقت ھتي استاد وٽ، ٻي آپريشن جي اجازت وٺڻ لاءِ آيل ھيو. ان آپريشن کان پوءِ حالت تيزي سان بگڙندي رھي. تانجو ھي فانوس اجھامي ويو.
حامي مرحوم ھڪ مخلص ۽ محنتي انسان ھيو. ٻاراڻي اسڪول جي ماستري سان زندگي جي شروعات ڪيائين. نوڪريءَ سان گڏ پڙھائي به جاري رکيائين. گريجوئيٽ ٿيڻ بعد ”ناز ھاءِ اسڪول“ ۾ ماستر ٿي خيرپور ۾ آيو. جڏھن يونيورسٽي قائم ٿي ته سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان مدت ۾ تحقيقي مضمون لکي علمي ڊاڪٽري جي ڊگري به حاصل ڪيائين. چاليھه سالن کان وڌيڪ عمر جو عرصو علم ۾ سيڙايائين. خيرپور ضلعي ۾ ورلي ڪو لکيل پڙھيل نوجوان ھوندو جو سندس شاگرد نه ٿي رھيو ھوندو. سندس سموري عمر علم جي ڏس ۾ ھڪ لڳاتار جدوجھد ۽ خلق خدمت ھئي. ساڳي ريت ادب جي ميدان ۾ نثر توري نظم ۾ سندس نالو سنڌ جي چوٽي واري اديبن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿيندو ھيو. سندس سنگت جو دائرو به سموري سنڌ جي آراضي تائين پکڙيل ھيو. ھر ھڪ سان ياري دوستي ملھائي پاڻ موکيائين. پنھنجي گھراڻه،ڳوٺ ۽ پسگردائي جي رھاڪن لاءِ حامي صاحب ھر هاج ۽ ھر مشڪل ۾ خواجه خضر جي حيثيث رکندڙ ھيو. سنڌي ٻوليءَ جو سچو خادم، عاشق ۽ سنڌ جو صحيح معنى ۾ سپوت ھيو. سندس زندگيءَ سڦلي گذري ۽ پوءِ اڳڀرو رواني ٿي. زندگي ڪا الله جي ڏنل سوکڙي ته نه ھئي. پر موت کان ورتل ھڪ قرض ھيو. جو ھڪ نه ھڪ ڏينھن ضرور واپس ٿيڻو ھيو. اھا اوڌر واپس ٿي. ليکو ئي ختم.
استاد حاميءَ سان روزانه ٻه ٽي ڪلاڪ کن روح رھاڻ ٿيندي رھي. ان گفتگو ۾ موت جو ذڪر ڪڏھن به زير بحث نه آيو. توڙي جو موت اسان ٻنھي جي سوچ ۽ خيال تي پوري شدت ۽ دھشت سان ڇانيل ھيو. اھو به الله پاڪ جو اسان مٿان وڏو احسان آھي جو موت کي انساني اکين اڳيان غائب رکيو اٿس. پر جي موت ظاھر ظھور گھٽين ۽ بزارين يا اسپتالن ۾ گھمندي ڦرندي ڏٺو وڃي، ته شايد گھڻن جو خون خشڪ ٿي وڃي ۽ چرين جي آدمشماريءَ ۾ چڱو واڌارو ٿي پوي. اسان کي اھا ڀليءَ ڀت ڄاڻ آھي ته موت اسان جي پُٺ وٺندو ۽ پير کڻندو ٿو رھي ۽ اسين سندس عقابي نظر کان ڪڏھن به لڪي ڇپي نه ٿا سگھون. عجب ھي آھي ته جو جيئن اسين قبر جي ويجھو ايندا ٿا رھون اوترو موت اسان جي خيالن ۾ پرڀرو ٿيندو ٿو رھي.تحقيق اھو معجزو فقط الله پاڪ ئي سَر ڪري سگھي ٿو.
اھا به خاطري آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن اسان کي ضرور مرڻو آھي. دراصل زندگيءَ جي اصل حقيقت ئي موت آھي. باقي ته آھن ٻڌل ڳالھيون يا گشتا پتا ۽ اھي ڌُڪا به اسين اڪثر غلط ٿا ھڻون. جيئن ڪي ٻار گھاٽي جنگل ۾ بنان خوف خطري جي گھمندا ڦرندا رھن. تيئن اسين به زندگيءَ جي اوڙاه ۾ ھٿوراڙيون ڏيندا رڙھندا ٿا رھون. اسان کي ته اھا ڄاڻ ئي نه آھي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آھي؟ ڪھڙا مامرا درپيش ايندا؟ حضرت موت سان ميلو ملاقات ڪڏھن ٿيندي؟ شڪر آھي جو ان بي خبريءَ ۽ اٻ ڄاڻائي ۾ اوچتو اجل اچيو سھيڙي. اسين پوءِ خواب جي دنيا ۾ داخل ٿي ڪنھن خيال جي اڏام۾ مست ٿا رھون. ٿي سگھي ٿو ته مرڻ کان پوءِ اسان کي اھا سڌ ئي نه رھي ته ڪو اسين مري چڪا آھيون!