آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

جي ايم سيد

اوھان ڪڏھن ڪنھن سنڌيءَ جي اندر ۾ ليئو پاتو آھي؟ جي نه، ته الله لڳ جھاتي پائي ڪجھه چتائي ته ڏسو. پوءِ سانگي سان ئي سھي. ھڪ وار سنڌيءَ جي روح جو رني ڪوٽ ته پسيو. اھڙي ڀر ڀانگ ھنڌ تي ڏھڪائيندڙ ڏونگرن، ور وڪڙن پيچرن ۽ انڌيري غارن تي نگاه ته ڌريو. ڄاڻو ٿا ته پوءِ اھڙي سنسان ۽ ويران روح جي ڪيفيت ۽ ڪشش ڪھڙي ھوندي؟ ظاھر آھي ته نااميدي ۽ نراسائي واري. پوءِ اھڙن مايوس ۽ اداس اھڃاڻن ھوندي، سنڌيءَ کي جياپي جي ڪھڙي خوشي ھوندي؟ جي اندر جو روپ اھڙو اٻاڻڪو آھي ته ٻاھر جو ٻھروپ ڪھڙو ٿيندو؟ جڏھن ھانڊيءَ ۾ ئي ڪاريءَ وارا ڪک آھن ته پاٽ ۾ ڇا پوندو؟ اھڙي اڻ ھوند ڪارڻ ته ھر سنڌي پاڻ کي گھلي ٿي ھليو. جيئن بيل گاڏيءَ کي ڏاندن ٿي ڇڪيو. ھن ھر ڪم ڪار کي ائين اڌ گابرو ۽ بي دليو ڇڪي تاڻي پورو ٿي ڪيائين. ڀانئن ته بيگر، وانگار يا قرض ۾ ٿي وھيو. جيئن ڏٻو ڏاند گھاڻي ۾.
صدين جي غلاميءَ واري ڳٽ سندس ڳچي جي ڳاٽھڙين کي ٽڙڪائي وڌو ھيو. ائين به نه ھيو ته ھو ڪو ڳڻن ڪا خالي ھو. بلڪل نه. منجھنس شرافت، مھمان نوازيءَ، حياءُ ۽ چڱ مڙسي جا سڀ انگ موجود ھوا. پر ھو اوچي ڳاٽ ھلڻ کان لاچار ھيو. ھن پلڪ پھر گوڏو کوڙي وھڻ لاءِ ڪامبو ٿي ٻڌو. ھن جي سوچ سُبتي ھئي يا ابتي، پر سڌي رخ ۾ ھرگز نه ھئي. ھو ھر قانون جو جاني دشمن ھيو. دل جو دل ۾ ھن قانون کي پاڻ تي رڪاوٽ تي سمجھيو. ھن واھڻ ۽ وانڍ ۾ ان سبب رھڻ پسند ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڳوٺن ۾ گورنمينٽ ڪانه ھئي يا گھٽ ھئي. ھن حڪومت جي ھر قدم کي رستي روڪ ٿي ڀانيو. ان ڪري ھن ھر پيھر ٽپي پار ڪرڻ ٿي چاھيو. ان ڪارڻ ھو سفارش ۽ چٺي وٺڻ جو ڪوڏيو ھيو. پراوا ته ٺھيو پر ھن پنھنجن کي به نه سٺو. ٿي سگھي ٿو ته ھو دين مذھب کي به انساني سڀاءُ تي بندش ڄاڻندو ھجي. وڏي ڳالھه ته ھن گھڻو ٿي ڳالھايو. اھو به وڏي واڪي ۽ ٻوڪڙ ڪري. سندس سموري گفتگو شڪايت ھئي. ڄڻ وٽس ڪو ٻيو پيغام ۽ نينھن نياپو ھيوئي ڪونه! الله اڪبر.
اھڙي ھيڻي حال، روئندي رڙنديءَ سنڌيءَ کي صديون گذري ويون. ڪي انڌا اونڌا ويڄ وچ ۾ آيا ضرور. پر سندن ڦڪين فرق نه ڪيو. آخر الله جي ذات کي رحم آيو. ھڪ اھڙو انسان آيو. جنھن جھاتي پائي دل جي ڌڙڪڻ ڏسي کين ڏس ڏنائين. چيائين ته اوھان جي گھر جي ماني پھريون پنھنجن ڀاتين لاءِ. باقي سڀ قربان جڳ تان. اول سڪر سڻائي سنڌ ۾ ٿئي. پوءِ عالم ڀلي آباد ٿئي. سخاوت جيان، قوميت گھر کان شروع ٿيڻ گھرجي. دوا کان پوءِ دعا گڏ آٿٿ پڻ ڏنائين. ”ته ماندي نه ٿي مارئي تنھنجو الله ڀي آھي، سون ورھين جا ڏکڙا ھڪ لحظي ۾ لاھي“ ڀٽائي گھوٽ جي دعا قبول پئي. سڪر سڻائي ٿيو ۽ صدين جو ساڻو مس مس سامت ۾ آيو. وري جڏھن سيد اک ٻوٽي ته سنڌي انڌي ۽ جنڊ جيان اھوئي آڪيڙن وچ ۾. اڃا سوڌو اتي ئي آھن جتي سيد ڇڏيون. پر ھاڻ سھارو برابر ساڻ آھي. جڏھن به ڪنھن ٻيڪڙ ۾ اچي ستا سور ٿا جاڳن ته الوميان ڪري لطيف کي ٿا ڳايون ۽ ٻاڏايون، ته ڪجھه مڙوئي غم غلط ٿيو وڃي. وري نئين سنئين ٿي ”سسئي ۽ سور پيا پٽيون پاڻ ۾.“
ڀلاري ڀٽائي وئي، وري ورھين جا ورھيه اھڙو وريام ڪونه آيو، جو اچي اسان اڀاڳن جي اڀل ٿئي. دلاسو دلداري ڏئي ۽ ڪا دستگيري ڪري. اسان به وسؤن ڪين گھٽايو. گھڻا ٻانڌا ٻڌاسون. پير فقير ڀيٽياسون، سڳا ڌاڳا ڪياسون، پر ڪو ٻانھن ٻيلي نه ٿيو. لاٺڙيا گاٺڙيا گھڻيئي آيا. پر ڪنھن ٻوٽو نه ٻاريو. مون ته پنھنجي سانڀر ۾ سڀ سڌڙيا ڏٺا. سواءِ ھڪ جي. جنھن کي ساڻيھه جي ساڃھه به ھئي ۽ سڪ به سبيل ھئي. آھي به سيد. جي ايم سيد. جنھن کي جڳ چوي جئيم سيد. ڏسجي ائين پيو ته سنڌ ازل کان سيدن پناري پيل آھي. ھندڪار ۾ به سنڌ برھمڻ ۽ ٻانڀڻ حوالي ھئي. جي ان زماني جا ”شاھ“ ھوا. اسان لاءِ ته ڪيئن کاڌو ۽ ڪينئرو سيد به اکين تي. يار جو پار جو آھي. اڳين جھان جو توشو ته ھونئن به آھي سچي سيد سان ٻوليل. پر جي ھتي به سيد ساڻي ٿئي ته اسان کي ڪھڙو ڀئو ڀولو. جنھن جي چيچ سيد ھٿ ۾ تنھن کي لھر نه لوڏو انشاءَالله.
سائين پنھنجي ساڻيھه سان اھي پرت جا پيچ وڌا جي سسئي جا ڪيچ سان ھوا. سيد سنڌ جي سرزمين کي پنھنجي سجده گاه بڻايو. جڏھن ڪنھن اوپري يا اوڦٽو ماڻھوءَ ان عبادتگاه ۾ پير ٿي پاتو ته سندس اکين رت ٿي ڇڏيو. ظاھر آھي ته ڪوبه پوڄاري پنھنجي مندر ۾ ڪنھن غير جي قدم کي ڪيئن برداشت ڪندو. سائين ته ھن مڙھيءَ جو مھنت ھيو. اھوئي سبب ھيو جو اڄ ڪلھه وارو لڏي پلاڻي آيل آدم ته پنھنجي جاءِ، پر صديون اڳ جي ڌاريا سيد جو اڱڻ اورانگھي آيا ھوا، تن کي به لٽيرو ۽ ڦورو سڏي، دل جي خار ماري، پنھنجو اندر ٿي ٺاريائين. ان ڏس ۾ سن جو سائين ڪنھن به بني بشر کي بخشڻ يا سندن اڳين اڳراين کي درگذر ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نه آھي.
سيد جي ملڪ ۽ ماڻھن سان جا محبت ھئي اھا ان کان دمڙي به گھٽ نه آھي جا مارئيءَ کي ملير ۽ ماروئڙن سان ھئي. جي وس پڄيس ته جيڪر سنڌ جي مٽيءَ کي خاڪ شفا ۽ سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ کي ”آب زم زم“ اڃان به آب حيات جي درجي تي رسائي. اھڙي فيصلي کي عملي جامون پھرائڻ لاءِ کيس ڪنھن ملان قاضيءَ جي فتوا جي لوڙ ئي نه آھي. ھو سواءِ پنھنجي ضمير جي ڪنھن ٻئي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آھي. ھن ڳالھه جي ساک سندس دشمن به ڏيندا ته سندس اندر آئيني جيان اوجل ۽ شفاف آھي. ھاڻ ته سندس جيءُ جسم ۽ جان سنڌ سان ايتري حد تائين وحدت الوجود ٿي ويل آھي. جو اڄ جيڪر ”جي، ايم سيد“ کي ”جيئيم سنڌ“ وڃي ته وڌيڪ صحيح ٿيندو.
ڪي چون ٿا ته سيد اھو ڪجھه نه آھي جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مون کي ته ھڪ سنڌي سليمي ۽ مومن ماڻھو ٿو ڏسجي. پر شايد ڪنھن تيڏي کي ٽرنگو يا انڊلٺ جيان سترنگو ٿو پسڻ ۾ اچي. ڪھڙي خبر سندن اھو انومان صحيح ھجي. انھن ستن انڌن جيان جي ھاٿي ڏسڻ لاءِ ھندستان ويل ھوا. پوءِ ڪنھن پڇ کي ھٿ لائي چيو ته نوڙي آھي، ته ڪنھن سونڍ کي ڇھي چيو ته نانگ. جيترا منھن اوتريون ڳالھيون. سيد جو اصلي روپ ۽ رخ ھڪ ئي آھي جا سنڌ جي صحيح تواريخ آھي. جنھن کي سنڌين ساه سان سوگھو پئي سانڍيو آھي. ٻيو آھي سرخ رخ. جو سرڪاري دفتر داخل آھي. جو فدوين جي اونڌي سوچ جي نپور آھي. جنھن کي سرڪاري زبان ۾ چون ھسٽري شيٽ. ٽيون رخ اٿس شطرنج وارو شه رخ. جنھن کي پسي ھئبت کان پاڙيسرين جو پگھر ٽمندو رھي ٿو. پر پاڻ جوئي آھي سوئي آھي. سيد ڀلجي به نه ڪڏھن پاڻ کي پڏايو آھي ۽ نه ڪڏھن پاڻ کي سير يا سوا سير سڏايو آھي.
پاڪستان کان اڳ واري سيد جي سياست ته ھئي ٻاراڻي کيڏ. جھڙي ”ھاسيل ڦوسيل“ واري کينھونءَ راند. سمورو وقت ڊاه ڊاه پيئي پوندي ھيس. بيلچو ۽ ٽيڪم سدائين ڪلھي تي تيار، جا وزرات ٺھي ڄڻ غزنوي سومناٿ ڏٺو. راتو رات ڊاھي پٽ ڪندس جيئن سندس نالي ڀائي خئبر واري ڪوٽ جو حشر ڪيو ھو. اھو سندس زمانو ھو اراڏائيءَ وارو. نه ڏسندو ھو پنھنجو يا پرايو. ڪرٽ کڻي ڪڍ ڪاھي پوندو ھيو. پنھنجي ته ڪا وزرات ٺاھيائين ڪانه. آخر ته سيد ھو. اھو به تخت ۽ تخته وارو. ڪو اوڏ ٿوروئي ھو جو ويٺو ڀڳل ڀتيون سنواري!
انھن ڏينھن ۾ سائينءَ سياسي ليٽ ڪبوتر کيڏندي خاصيتون گولاٽيون ڏنيون، جي اڳتي ھلي سنڌ کي مھانگيون پڻ ھيون. سياست جي شروعات ڪانگريس سان ڪيائين. پوءِ ھندو مسلمان سک عيسائي سڀ ڀائي ڀائي، ڪير نه رھيو غير بابا. وري الاجي ڪھڙو ريچڪ پيس. ٺڪاءُ ڏيئي مسلم ليگ ۾ آيو. پوءِ ته سيد جو مذھبي تعصب ملن کان به ليڪو لنگھي ويو. ھندو مسلم نفاق جو ٻج برابر مھاسڀائن ڇٽيو. پر سلو سائو خير سان سائينءَ ڪيو. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ھندن جي ھنبوشيءَ ته تڏھن چوٽ چڙھيل ھئي. پوءِ سنڌ جي سنڱابندي لاءِ اسيمبلي ۾ آڇ ڪئي ويئي. جڏھن پاڪستان جي ڄڃ لائون لھڻ لاءِ ڪراچيءَ اچي پھتي. گھڙو ڀڳو منڌ مئي ۽ وسيلا ويا. ڪراچي سنڌ کان ڇڳي. مرحوم کھرو جيل ۾ واڙيو ويو. تڏھن سيد کي اچي لڇ پڇ ٿي ته مار! ھي ڇا ٿي ويو. پر پوءِ پڇتائڻ اجايو ھيو. سندس ھٿ جي وڍي ھئي يا لکئي جون ڳالھيون؟ اھا خبر الله کي.
سائينءَ کي الله پنھنجي گنج کان سڀ ڪجھه ڏنو. سچائي، ايمانداري ۽ درياه دلي. پر جڏھن عقل ۽ عشق ٿي ورھايو ويو ته شرط ھيءُ ھيو ته سائين کي جو وڻي سو کڻي. پر ڪو به ھڪ وکر. ڇا لاءِ ته ڀنڀوران ٻه ٿوڪ ڪنھن نه نيا پاڻ سين. سائين سنڌ جي سڪ کڻي چمي اکين تي رکي. عشق عقل جو جھيڙو ته ازل کان ھلندو اچي. پوءِ عقل سائين جو دشمن ٿي بيٺو ۽ اڄ ڏينھن سوڌو ساڻس ساٿ نه ڏنائين. وري سائين سنڀريو ته اجھو انقلاب ٿو آڻيان. اڙي سائين منھنجا لولو ويچارو ڪئي ھلندو حج تي. ڪانوَ ڪي مري ته نه ويا آھن. تو وٽ آھي فقط عشق. اھو به نپٽ انڌو، نه جيجل موڙي، نه رت ڏيڻ وارا مجنونءَ. پوءِ قصو ڪيئن ھلندو؟ انقلاب ڪو وچڙندڙ بيماري ته نه ھئي جو توکي ٿيڻ سان سڀني کي وڪوڙي ويندي. جن دنيا ۾ انقلاب آندا آھن ۽ پاپڙ ڀيليا آھن تن جي تواريخ ته پڙھو. سائين ھڏ گڏ ڀنڃائي وجھندين. ڪو پاڻي پيارڻ وارو به ڪونه ملندو. ھتي اوھان وٽ آھي ڇا؟ اوھان پاڻ، ھڪ اڌ خليفو باقي ڇوڪرا! سائين ڪجھه صبر ڪر. ھر گل جي ٽڙڻ لاءِ مند موسم ٿيندي آھي. انقلاب تڏھن ٽاڏيون ڪندو ايندو جڏھن ”برڻ باڪاس“ ھاري ۽ ڪمي ڪاسبي بوتلن کان ٻاھر نڪرندا.
اسان جي وڏي ۾ وڏي وڏ ھي آھي جو نه تواريخ ٿا پڙھون ۽ نه وري اوڙي پاڙي کان پرڀرو ڏسون وائسون ٿا. ته ٻاھر ڇا پيو وھي واپري. اسين پاڇن پٺيان ڦڙندا ٿا رھون. وري اسان وارا اڪابر اسان کان وڌيڪ اکين سڄا. ڪو ٿو چوي ته انڌي واري لٺ ڦيرايون ته پاڻھي مومل ملي ويندي. اھي آھن وات جا چسڪا. ھڪ ته ويٺا آھيون چٽ پڌر تي. نه ڀڄڻ جي ڀيڻي نه مٿو لڪائڻ لاءِ اجھو. گوريلا ٿي وڻن تي ويھي رھون؟ يا وري پنھنجو گھر ساڙي حقا ويھي ڇڪيون؟ ڪي وري انھيءَ تاڪ ۾ ويٺا آھن ته ڪٿان نه ڪٿان آرياڻي ايندو پوءِ اچي اسان کي سيج تي ويھاريندو. اھا ڳڻ ته ھر سدا سھاڳڻ کي ھوندي آھي. ٻُچيءَ کي قبر تائين آسرو. ڪي وري گرھوڙي واري اڳڪٿيءَ جي انتظار ۾ ويٺا آھن. ته ”نيرا گھوڙا ڏٻر اتر کان ايندا. تينھان پوءِ ٿيندا طبل تاجاڻين جا.“ فرض ڪريو ته ائين به ٿئي. ته ڪو نيري گھوڙي سوار ٿي اسان کي ٻيلھه وھارڻ جي لاءِ به کڻي اچي. پر ان لاءِ ڪھڙي گارنٽي آھي ته ھو اسان جي ڳچيءَ کان ھاڻوڪي پاڃاري ڪڍي ٻي ڪا سرڪڻ ڦاھي نه وجھندو؟
ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته اڄ جا ساڻيھه ۾ سجاڳي آھي. جا ديس جي ماڻھن ۾ مامتا اڀري آھي. ان جو سمورو سھرو سيد جي سر تي آھي. جڏھن سنڌ کي ون يونٽ جو ٽوڙھو وجھي، کيس چوکنڀو جڪڙي مورڳو سندس مڙھ ٿي روليو ويو، تڏھن پنھنجن پراون ”انا الله“ پڙھي اسان کي. عذر خواھي ڏني ھئي. پر سيد اڪيلو انسان ھيو جنھن الله ۾ نه لاٿي آس نه اميد. ڦٽيل شير جيان ”آدم بونءِ“ڪندو رھيو. مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون اڳ الاجي ڪنھن چيو ھو. پر مون پھريون دفعو سائينءَ جي مک کان ٻڌو. آخر جڏھن اھو ڳٽ ڳچيءَ کان نڪتو تڏھن وڃي مس سيد سامت آيو.
سنڌ ۾ قوميت جو تصور آڻڻ پنھنجي سر ھڪ ٽڪر ٽاڪڻو ھيو جو اڪيلي سر سيد سِرَ ڪيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ھئا ئي سڀ قبيلا آباد. جي پيڙھين کان پاڻ ۾ ھئا چانڊيه مگسي. يا وري ھيون ذاتيون. ڪي سيد ڪي پٺاڻ ڪي ٻروچ. سڀ رئيس. ھاڻ قوميت جي کچڻي پچي ته ڪيئن؟ پر ڪچي يا ڦڪي سيد اھا پچائي ڏيکاري. اھو سيد جو وڏو معجزو آھي. پوءِ ڪير مڃي يا نه مڃي. ڳالھه حق جي ڪبي.
سيد سونھاري سنڌوءَ ڪناري، سن جي وَنَسَوَ ۾، 1904ع ڌاري جنم ورتو. سندس زندگيءَ جي بسم الله ھڪ معتبر ۽ وڏ گھراڻي ۾ ٿي. ننڍپڻ توڙي جواني خاصي خوشحاليءَ ۾ گذريس. حسب نسب ۽ شڪل شبيه ته کيس آبائي ورثي ۾ حاصل ٿي. اھڙي سرمايه کي علم ۽ اخلاق جي زيور سان پاڻ سينگاريائين. وري ڀاڳ بخت به ساڻس سدائين ساٿ ٿي ڏنو، ان خوش بختيءَ سندس ڪجھه عادتن کي ڦٽائي ڇڏيو. سيد جو ستارو اڪثر ان بلنديءَ تي قائم دائم رھيو. پر جيئن چوڻي آھي ته ”ڀڳي سان ئي ڀير جيسين رتو راس ٿئي.“ تنھن سليقي ۽ سکيا کان ئي نراس رھجي ويو. جڏھن سانگي سان ڪنھن سياسي کيڏ جو نتيجو سندس مرضي جي ابتڙ ٿي نڪتو ته سيد ھوش بجاءِ جوش ۾ ٿي آيو. ڇاڪاڻ ته سندس دل دماغ ۽ وجود ڪنھن به غلطي يا ھار مڃڻ جا عادي ھئا ئي ڪونه. ان ڪري سيد پنھنجي اٽل اراده تي اڏول بيٺو رھيو. ان ڪري نه ته ڪو سيد سدائين ۽ ھروڀرو سچ تي رھيو. پر فقط ھن لاءِ ته ضد سائين جي سوچ ۽ سمجھه ۾ سمائجي سندس فطرت ٿي چڪو ھو.
جيئيم جي ھوڏ سنڌ کي ڏاڍي ڏکي پئي جو ھڪ لازمي امر ھيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ سيد ٻئي الڳ وستو نه پر ساڳي وٿ ھوا. جيئن حضرت سليمان جي زماني ۾ ديون ۽ پرين جو ساھ پکين ۾ سمايل ھوندو ھو. تيئن سنڌ جي قسمت به سيد جي نصيب ۾ شامل ھئي. جڏھن به سيد کي لوڏو ٿي آيو ته سڄي سنڌ ٿرٿلي ۾ ٿي آئي. جنھن دم کان وٺي سيد تي سور سختيون مڙھيون ويون ته ويرم کان اڄ سوڌو سنڌ جو سَنڌ سَنڌ نسوري ناحق ۽ آزار ۾ پئي رھيو آھي. سيد کي باندي ۽ نظربند ٿئي ٻاويھه سال گذريا آھن. اھا ساڳي مدت اسلام جي تواريخ ۾ فقط ھڪ امام قيد ۾ ڪاٽي. اھو ھيو امام علي نقي. کيس امام عسڪري به چوندا ھوا. ڇا لاءِ ته ٻاويھه سال ملٽري ۾ قيد ڪاٽيو ھوائين.
سنڌ جي حاڪم ھمير سومره جڏھن ڏٺو ته راڻو مھريءَ چڙھي، ھر رات ڪاڪ ٿي پھتو مومل ماڻڻ. ته ڏاچيءَ کي گوڏن ۾ ميخون ھڻائي وڌائينس ڍڪ ۾. اسان ته ٻڌو ھيو عورتن لاءِ، ته کين عقل ٿيندو آھي کڙين ۾. پر حاڪمن کي ته شايد عقل کڙين بجاءِ چاکڙين ۾ دپازٽ ٿيل ھو. ھمير کي اھا خبر ئي نه ھئي ته ڏاچيءَ جا ھاڻ توڏا به ساماڻا ھوا. جي ڏاچيءَ ڏھ ٿي ھنيا ته توڏن تيرنھن! پوءِ ڏاجي کي ڍڪ ۾ وجھڻ ۾ فائدو؟ سائينءَ ڪو اڪيلو ٿوروئي ھو. ھاڻ ته ملڪ ئي منصور ھيو. پوءِ ڪھي ڪھندا ڪيترا؟ ان کان سواءِ سياسي مونجھاري کي جيل جي دڙڪن سان نبيرڻ ھڪ نئين انوکي ڳالھه ھئي جا افسوسناڪ ۽ شرمناڪ ھئي. جنھن حقيقت سان عقل ۽ سمجھه کان وڌيڪ ڏاڍي جي لٺ جو واسطو ھيو.
جيئيم سيد، جيل ۾ يا نظربندي واري وقت ۾، ويٺي کان ورتڻ ڀلي ڄاڻي، قلم ھٿ ۾ کنيو. آخر ھڪ پڙھيل ڳڙھيل انسان باندي ٿيڻ بعد ڪتاب نه لکندو، ته اڳٺ ٿوروئي ويھي اڻندو. ھيل سوڌو درجن ٻه ڪتاب رھريا اٿائين. پر ڪھاڻي اڃان ختم نه ٿي آھي. ڪتاب لکڻ سائينءَ لاءِ سندس نظربندي جيان ھڪ مجبوري آھي. منھنجو ھي ايمان آھي ته سائين سنڌ جو سچو عاشق آھي ۽ بس. عشق جو نه عقل سان ڪو وھنوار آھي ۽ نه عشق شرا سان شامل آھي. سيد جي ذات، عشق ۽ بزرگي، عزت ۽ حرمت جي قابل آھن. ان ڪري سائين جي لکڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بي ادبي ۽ گستاخي ٿيندي. اسان جا سنڌي ڳوٺاڻا سادا سودا ۽ کير پياڪ ٻارن جيان معصوم آھن. ھنن لاءِ دين ايمان ھڪ تسڪين يا آٿٿ آھن. جيئن ٻار لاءِ رانديڪو يا انڌي لاءِ لٺ. پوءِ ٻارن کان کيڏاڻا ۽ انڌن کان لٺيون ڦرڻ ڌارو نه آھي ته ٻيو ڇا آھي؟ جي اوھان کانئن اھي سھارا ڦر ڪرڻ ضروري سمجھو ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ڏسو ته وٽن باقي بچي ڇا ٿو؟ پر سيد، اھو ته ٻڌاءِ. پاڻ ۾ ويٺا آھيون. پاڻ نمازون به برابر پڙھين ۽ عمرا به ڪرين. باقي ٻين کي ويٺو ڪھڙا ڏس ٿو ڏين؟
سيد جي صبر کي ھر حڪومت پئي آزمايو آھي. پورا ٻاويھه سال اھا آزمائش جاري رھي آھي. جي اڃان به ڪو کيس آزمائڻ ٿو چاھي ته ھو گوءِ ۽ ھو ميدان. اسان وٽ پھاڪو آھي ته ”آزمائي کي آزمائي ڌوڙ منھن ۾ پائي.“ سيد خير سان اڃان نوجوان آھي. اٺھتر سال عمر اڃان مس ٿي اٿس. پر جي کيس سو سال ٻيا به قيد ۾ رکندا ته منجھنس ڪو فرق ڦير نه ايندو. جيئيم سيد پاڻ ته اندر ٻاھر آھي ھڪجھڙو، پر ”سيد“ جي اکر اکر کي به الٽو ڪندا تڏھن به وڃي ”ديس“ ٿيندو. پوءِ پھاڙ سان مٿو ھڻڻ ۾ فائدو؟
ھاڻ ته زندگي جي سانجھي اچي سھڙي آھي. اچو ته سڀ گڏجي سائين کي سلام ڪريون. پنھنجي شڪرگذاري جو ثبوت ڏيون. متان سيد ڪو ڏوراپو نه ڏئي يا ائين سمجھي ته جن لاءِ سور سٺم سي نه ساٿي ٿيا نه سيڻ. ان سان گڏ دعا لاءِ به ھٿ کڻون. قبلي رو ٿي. اوڀر ڏانھن نه. متان ڪو سمجھي ته اسان چڙھندي سج جي پوڄا ٿي ڪئي. الله جي سرڪار ته آھي ڏاڍي. اسانجي اتي ھلندي پڄندي ۽ پھچ به گھٽ آھي. ان ڪري دعا گھرون ”مھابي رسول پاڪ“ جي، ته سائين کي صحت ڏئي ۽ وڏي عمر ڏئي ته جيئيم سدا رھي. آمين.