مظفر صديقي
ان وڇڙيل سنگت ساٿ جي صحبت، منھنجي زندگيءَ جو انمول سرمايو آھي. ھر وقت کٽل واڻئي جيان پراڻيون وھيون واچيندي سندن ياد ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻ اڄ ڪلھه منھنجو نصيب ٿي چڪو آھي. آخر ڪنھن جي بخت سا ڪا ريس ته نه آھي. ھي سندن خوشنصيبي ھئي جو پنھنجو وارو وڄائي ويا، ميڙو به متل ڇڏي ويا ۽ آءُ پڇتاءُ جا ھٿ مليندي پٺتي رھجي ويس. آٿٿ فقط اھو اٿم ته منھنجي زندگيءَ جي سانجھي به اچي مٿان سھڙي آھي ۽ اڄ ڪي سنجھه صباح يارن سان ميلو ملاقات ٿيندم. انھن ھمراھن ۾ ھڪ درويش صفت شخصيت سرفھرست آھي جنھن جا پير ڌوئي پيئڻ به سعادت سمجھندو ھيس. اھو الله جو بندو ھيو مظفرالدين صديقي جو گذريل عيد ڏينھن مورخ 2 آگسٽ 1981ع جي حيدرآباد ۾ راه رباني وٺي رمندو رھيو.
انا الله وانا اليه راجعون.
منھنجي مرحوم سان ڏيٺ ويٺ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ سکر شھر ۾ ٿي جتي آءُ روزنامه انقلاب ۾ ملازم ھيس. اھا ڄاڻ سڃاڻ اڳتي ھلي دوستي ۽ ڀائپيءَ جو روپ اختيار ڪيو. آخر ڪو وقت اھڙو به آيو جو آءُ کانئس دم به ڌار ٿيڻ گوارا نه ڪندو ھيس. جئن جئن وقت گذرندو رھيو ته آءُ سندس شخصيت کان بيحد متاثر ۽ مرعوب ٿيندو رھيس. منھنجي سانڀر ۾ ھي اولين مشاھدو ھيو ته ھڪ انسان جي ظاھري ۽ روپ حقيقي زندگيءُ وچ ۾ نه فقط زمين آسمان جو فرق ھيو پر جنھن جا ٻيئي رخ ھڪ ٻئي جي بلڪل برعڪس ۽ ضد ۾ ھئا.
مظفر يا سيٺ مظفر، جيئن عام طور کيس خطاب ڪيو ٿي ويو، سکر جو بدنام شھري آھي، اھا خبر جڳ جھان کي ھئي. ھو نه فقط پاڻ پيئڻ کائڻ وارو ھيو پر شراب جو ٻڌو واپاري پڻ. ضلعي جي جملي شھرن جا گتا سندس حڪمت عمليءَ ھيٺ ھلندڙ ھئا. ڌنڌي جي چالاڪين ۽ چالبازين جو ھو ھر فن مولا ۽ عملدارن جي رھائيءَ رسائيءَ جو ماھر ھيو. ظاھر آھي ته اھڙي چلتي پرزه ۽ زمانه ساز ماڻھوءَ جي ساک پت ۽ عام شھرت سواءِ بدنامي، خواري ۽ ملامت جي ٻيو ڪھڙي ٿي سگھي ٿي. ليڪن ھي معلومات فقط چند ماڻھن تائين محدود رھي ته ھو ھڪ انتھائي خدا ترس، بيحد رحمدل ۽ سخي انسان آھي. سکر ۾ ھي واحد شخص ھو جنھن جو در ۽ کيسو ھر غريب مسڪين ۽ محتاج لاءِ ھميشه کليل رھندو ھو. ھر اسپتال ۽ ھر دواخانه ۾ سندس طرفان غريبن جي دوائن ۽ لاوارث لاشن جي ڪفن دفن لاءِ رقمون ڏنل ھونديون ھيون.
منھنجي ساڻس عليڪ سليڪ ٿيڻ به ان سلسلي ۾ ھڪ عجيب اتفاق ھيو. مون کي ھڪ ڏينھن خبر پئي ته سيٺ مظفر ڪراچي کان نيلامي ڪوٽن جون ڳٺڙيون خريد ڪري پراڻه سکر ۾ ويٺو ٿو ماڻھن ۾ مفت ورھائي. انھن ڏينھن ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ۽ ميونسپل جون اليڪشنون زور تي ھيون. مون خيال ڪيو ته پڪ اليڪشن ۾ اٿڻ جو ارادو اٿس ورنه ھي ناممڪن ھيو ته ھڪ سنڌي مسلمان واپاري يا وڏيرو بنا مقصد جي في سبيل الله ويٺو خير جا ڪم ڪري! ٺوڪي اخبار ۾ لکيم ته ”ڪوٽ بدلي ووٽ وٺڻ جو نئون نمونو“. مون کي بعد ۾ اھو معلوم ڪري شرمساري ٿي ته مظفر ھر سياري ۾ نيلامي ڪوٽن ۽ پراڻن بلئنڪيٽن جون ٻه ڳٺڙيون خريد ڪري غريبن ۾ مفت تقسيم ڪندو آھي. اھا خبر اڳتي ھلي پيم ته روزانه ھر رات جو پنھنجي موٽر سوڙين ۽ رلھين سان ڀري نه فقط اگھاڙن مجذوبن ۽ فٽ پاٿ تي سمھيل سيءَ ۾ ڏڪندڙ فقيرن کي ڍڪيندو رھندو آھي پر سيءَ ۾ ڪوڪاٽ ڪندڙ ڪتن ۽ ٻلين جي پونگڙن جي به پرگھور لھندو ھيو.
ھڪ دفعي سکر ٽاور وٽ ھڪ ٽانگي جو ڦيٿو ھڪ رولو ڪتي مٿان وھي ويو. پوءِ ته مظفر جي حالت ڏسڻ جھڙي ھئي. موٽر اڌ رستي تي ڇڏي ڦٿڪندڙ ڪتيءَ کي کڻي پنھنجي سيني سان سانڍيائين، جنھن جا آنڊا ٻاھر لڙڪي رھيا ھوا. مون کي رڙ ڪري چيائين ته گاڏي ڀڄاءِ ۽ ھل اسپتال. پھچڻ شرط ھر ڊاڪٽر جي پٺيان ڪڍ لڳو رھيو ته ڪتيءَ جو پيٽ سبي ڏيو. آخر ھڪ ڪمپائونڊر کي رحم پيو جو سبڻ جو سامان کڻي مظفر جي گھر ھلي سيبو ڪري ڏنو. پورا چار ڏينھن لڳاتار مظفر سيٺ پنھنجي بستر تي ڪتيءَ کي ڪڇ ۾ کنيو ويٺو رھيو جيستائين مارڪيٽ جي ڏٻري ڪتي خطره کان مڪمل طور محفوظ ٿي.
روھڙيءَ ۾ مرحوم ميان عبدالغني وٽ محفل ۾ رات گذاري، ھڪ ڏينھن سوير صبح جو سکر ٿي آياسون ته بئراج تي ھڪ مھاڻي کان تازه ڦٿڪندڙ پلو خريد ڪري چيائين ته يار ھل ته گھر ھلي تو کي نيرن ڪرايان. پوءِ وڃي تون اوجاڳو لاھ. اڌ واٽ اورانگھي وري اوچتو موٽر کي موڙي واپس بئراج طرف رخ ڦيڙيائين. ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سڌو درياه تي اچي پلو واپس پاڻيءَ ۾ اڇليائين ته ”وٺ درياه شاه پنھنجي امانت.“ اکين مون نير جاري، بيٺو روئي، الله مونکي معافي ڏي جي پلي جو موت ھيو ئي ڪونه، ھو پيرن ۾ ڦٿڪندو ٿي رھيو. مون جيئري کي ھاف فرائي ڪرڻ ٿي گھريو.“
ھڪ دفعي پنھنجي گھر ٻاھران ھڪ ڪاسائيءَ کي ڇريون تيز ڪندو ڏسي پڇيائينس ته ڪنھن کي قتلام ڪرڻ آيو آھين؟ قاصائي ٻڌايس ته سندس ڳئون جا ڪري پيئي آھي ۽ بيھي نه ٿي سگھي تنھن کي حلال ڪرڻ لاءِ کيس گھرايو ويو آھي. قاصائيءَ کان پنج روپيا ڏئي واپس ڪيائين ته منھنجي امڙ ڪا خدا ته نه آھي جو کيس خبر پوي ته ڳئون ڪڏُھن ٿي مري. پاڻ ڳئون کي اٿارڻ لاءِ گھڻا حيلا وسيلا ڪيائين پر ڳئون اٿي نه سگھي. آخر ڪجھه سوچي شاه خيرالدين بادشاه جي مزار تي وڃي ڳئون لاءِ دعا گھرڻ بيٺو. اتان موٽندي پاڙي جي ھندن واري مندر جي ڀت ٽپي وڃي ڪرشن ڀڳوان جي بت اڳيان بيٺو. چيائين مسلمانن جا پير ڳئن جي حق ۾ ھٿ نه ٿا کڻن، تون ڪو گانءِ ماتا جو مرم رک. الله جو شان! نه فقط ڀٽاري اٿي کڙي ٿي، پر اھا ڳئون ٽي سال پوءِ به جيئري رھي.
شڪارپور جي گتي وارو سندس مئنيجر ٽيھه ھزار رپيا نقد رقم کڻي روپوش ٿي ويو. مون وٽ دانھن کڻي آيو ته ڪو بلو ڀيڻي ڪيان. شڪارپور وڃي ڀڄ ڊوڙ ڪري مئنيجر کي پوليس ذريعي پڪڙائي لاڪپ حوالي ڪري واپس شام ٽاڻي سکر پھتاسين. اڌ رات جو وري اچي مون کي جاڳايائين. اکين ۾ زار زار پاڻي، جسم ۾ ڏڪڻي ۽ پريشان حال. ”ادا الله واسطي ھلي مئنيجر کي ڇڏاءِ. سندس ننڍڙا ٻچا آھن. روئندا ھوندا. جوڻس ۽ ماڻس مصلي تي ويھي الله کي ٻاڏائينديون ھونديون. مون پنھنجي پئسن تان ھٿ کنيو. وڃي رقم کڏ ۾ پوي. اٿ پر ھاڻي ھل.“ مون کيس غصي ۾ اچي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو ته ماڻھو دغا ڪري تنھنجا ٽيھه ھزار کائي وڃي تنھن کي ھڪ ھفتو ته حوالات ۾ رھڻ ڏي. پيرن تي ڪري پيو ته ادا الله الاجي ڪھڙين ڳالھين ۾ راضي. وڏو چور ۽ ڌاڙيل ته آءُ آھيان. ھل ته ھلي کيس ڇڏايون. راتو رات جڏھن شڪارپور وڃي اثر رسوخ ھلائي مئنيجر کي آزاد ڪرايم تڏھن وڃي سندس ڏڪڻي ختم ٿي. پئسا ته پيسن جي ماڳ اٽلندو پنج سؤ رپيا مئنيجر جي ٻارن کي خرچي ڏئي معافي وٺي ماڳ پھتاسون. مئنيجر پنھنجي ملازمت تي بحال رھيو ۽ ان بعد اھڙا ڪيئي 30 ھزار ڦٻائيندو رھيو.
مون کي انسان جي تلاش ھر دم ھوندي ھئي. پوءِ ھي ٻي ڳالھه آھي ته ڳولا ھميشه غلط جڳھه تي ڪندو رھندو ھيس. مون کي غلط فھمي ھوندي ھئي ته صحيح معنى ۾ فقط اھي انسان ٿي سگھن ٿا جن جي پيشانيءَ تي محراب ۽ ھٿ ۾ تسبيح ھجي. مظفر جي ملاقات کان پوءِ منھنجي سوچ ۾ ڪافي تبديل آئي. ننڍپڻ جي مون کي خبر نه آھي پر مون گذريل ٽيھن سالن ۾ کيس ٽيھن سالن ۾ رسمي عبادت ڪندي نه ڏٺو. ليڪن ھي يقين ته سندس ڪوبه دم الله جي نالي وٺڻ کان خالي نه اٿندي ويھندي ننڊ يا نشي ۾ ”الله الله“ پئي پوندي ھيس. ننڊ ۾ جسم جو پاسو اٿلائيندي به ”الله“ جو آواز پيو بلند ٿيندو. سندس تڪيه ڪلام هيو ”الله وڏو آهي“، ”الله مالڪ آهي“ ۽ ”الله وارث آهي“. سموري 65 سال عمر ۾ ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ نه ويو. جڏهن ڪو سور ٿيندس ته پنهنجي هٿ سان ”الله شافي الله ڪافي“ چوندي درد واري جاءِ تي پيو مهٽيندو ۽ منٽن بعد وري اهڙي جو اهڙو. الله جي وائي سندس وات ان حد تائين هوندي هئي جو ڪڏهن کانئس پڇيو ويندو هيو ته شراب جو دڪان ڪنهن جو آهي؟ ته بي اختيار آڱر مٿي کڻي چوندو، ”الله جو“. الله مالڪ آهي.
مون سان سندس والهانه محبت هئي. حالانڪ آءُ هر وقت مٿس ٺٺوليون ۽ چٿرون ڪندو رهندو هيس. ڪاوڙجڻ ته دور ڪنار ، اٽلندو منهنجي مذاق ۽ ملامت تي ويٺو خوش ٿيندو ۽ کلندو. عجب اهو جو دعائون به ڪندو رهندو. ليڪن شل نه ڪنهن گهوڙي کي لڪڻ لڳندو ڏسي پوءِ ٽانگي واري جي شامت اچي ويندي. پاتول ڪڍي بيهي رهندو. عمومن سکر جا ٽانگن وارا کيس ڏسي پنهنجو لڪڻ لڪائي ڇڏيندا هئا. سفر ۾ رستي تي رولو ڪتن کي پنهنجي هٿ سان ماني وٺي کارائيندو. حيدر آباد ۾ سندس عام ائڊريس اها هوندي هئي ته جنهن گهر ٻاهران ٻلين جا ولر ڏسو اهو مظفر جو گهر هوندو. ڏهه سال اڳ سندس زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب رونما ٿيو. سنگت ساٿ ۽ پيگ پاڻي، سڀ عياشيون ڇڏي، عملي زندگيءَ کان رٽائر ٿي حيدرآباد لڏي اچي ويهي رهيو. سمورو وقت گهر اندر ويٺو الله سان اوريندو رهندو هو. ڪجهه سال اڳ سونهاري رکرايائين. پڇيومانس ته هيءَ ڀٽاري ڇو رکي اٿئي؟ چيائين ته ٻيو ته آخرت جو ثمر ساڻ نه اٿم، من نه من شاله انهيءَ سنت جو منڪر نڪير کي مرم پوي.
عيد کان اڳ ھفتو اڳ وٽس ملاقات لاءِ ويس. مون کي چيائين ته منھنجو وقت پورو ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ ڀلائي ڪري مون کي وصيت رجسٽر ڪرائي ڏي، جيئن منھنجي اولاد کي پوءِ ڪنڊا ڪڍڻا نه پون. مون پنھنجي دستوري مذاق ۾ سندس ڳالھه ٽاري ڇڏي. رحلت کان ٽي ڏينھن اڳ منھنجي دوست سيف الدين بوريءَ جي دڪان تي اچي فون ڪيائين ته عيد ڏينھن اچي سگھندين؟ مون کيس عيد ڏينھن اچڻ کان معافي ورتي. پر واعدو ڪيو ته عيد جي ٻئي ڏينھن ضرور ايندس. جواب ڏنائين ته عيد جي ٻئي ڏينھن اچڻو اٿيئي ته سکر اچجانءِ.
عيد کان ھڪ ڏينھن اڳ سندس پٽ مقبول احمد حيدرآباد اچي کيس سکر ھلي عيد ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. پٽ کي چيائين ته تون سکر ھل ۽ آءُ عيد جي ٻئي ڏينھن اتي پھچندس. عيد ڏينھن ڪچڙي منجھند ڌاري کلندي کٽ تي ليٽي پيو. گھر واريءَ کي چيائين ته منھنجي ھلڻ جو وقت ويجھو اچي ويو آھي. سڌو سنئون ليٽندي پنھنجي دستوري ذڪر لاالله الاالله جو ورد شروع ڪيائين. ھڪ ھڏڪي آئي پوءِ ٻي ۽ ٽئينءَ ھڏڪي ۾ يار ويندا ڏيکاريندا. ٻئي ڏينھن مظفر واقعي وڃي سکر پھتو! جتي ھزارھا ماڻھن کيس ڪلھا ڏيئي امڙ مٽيءَ حوالي ڪيو. جن سندس آخري ديدار ڪيو انھن جو چوڻ آھي ته محسوس ائين پئي ٿيو ڄڻ مرڪي رھيوھو. ھوش وارا ماڻھو موت تي مرڪندا ٿوروئي آھن.