تعارف
ماهوار ادبي رسالو السنڌ (اسلام آباد)، پيران پير دستگير (لاڙڪاڻو)، بلوچي دنيا اردو (ملتان)، پاڪستان ڪي اهل قلم ڪي ڊائريڪٽري (اسلام آباد)،شايع ٿي چڪو آهي.
ارڏو اترادي سنڌ جي هاڻوڪي ضلعي ڪشمور ديهه گلوالي جي ڪچي ڪوٺي ۾ کوهدل خان باجڪاڻي جي گهر ۾ آخري ستون نمبر پٽ 17 مئي 1949 ڌاران پيدا ٿيو. ان زماني ۾ پنهنجن قبائلي روايتن موجب هڪ ارڏو انسان مقدم ارصلاح خان بنگلاڻي مشهور هو. ان ڪري کوهدل خان پنهنجي آخري پٽ جو نالو ارصلاح خان رکيو. جيڪو وڏو ٿي شاعر، اديب ۽ بهترين استاد بڻيو. هن اول عاجز جي تخلص سان شاعري ڪئي ۽ سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري ٻڌي ڪنڌڪوٽ جي اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ملڪ نديم کيس صلاح ڏني ته، ”اوهان جي شاعري انقلابي آهي ان ڪري تخلص تبديل ڪري عاجز جو ضد ارڏو سڏايو.“
هن نه صرف شعرن ۾ پنهنجي تخلص عاجز سان بغاوت ڪئي پر هر ظالم ۽ طالم خلاف پنهنجن شعرن ۾ بم ۽ بارود ڀريا.
هن جي شاعري روزانه نواءِ انقلاب ، هلال پاڪستان ، نجات ، نواءِ سنڌ ، سنڌي ڊائجيسٽ ، سگهڙين سٿ ، ورلڊ سنگت ، سرهاڻ ، سڪڻ ڪيا شهيد ، پريت پبليڪشن ڪنڌڪوٽ، هيڏا هاڃا ٿين (پريم پبليڪشن ڪنڌڪوٽ) سنڌ سجاڳ رسالو ، سنڌ سدا بهار پبليڪشن ، ساڃاهه رسالو ، مشعل اخبار ، ماهوار وينجهار رسالو (حيدرآباد)، السنڌ رسالو، رباب رسالو ۽ مچ رسالي ۾ آيل آهن. هن جو هڪڙو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو آهي. اڻ ڇپيل مواد ۾ آتم ڪهاڻي ،نظم ۽ نثر ۾ محبت جو جام (نظم) اکرين جا ٺار (نظم) ”نه ڪو داد فرياد“ (نظم، خيال خاطر تاثر (نثر) الا ڏاهي مَ ٿيان (مضمون نثر) محب ڏانهن خط (ميمڻ عبدالغفور جون ادبي خدمتون (بي ، ايڊ ۾ ٿيسز) جيڪو گجراتي ۾ ڪاٺياواڙ ميمڻن ڇپايو آهي.
ارڏو اترادي جو مڪمل تعارف ته اوهان جاڻايل رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي سگهو ٿا. مگر آءٌ هتي مقامي اخبار ۾ شايع ٿيل سندس ڳالهه ٻولهه جيڪا تاريخ 5 فيبروري 2000ع ۾ شايع ٿي پيش ڪريان ٿو:
سوال: اوهان شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي ۽ شاعر ڪيئن ٿيا؟
جواب: هن سوال جو مڪمل جواب آءٌ پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڏنو آهي.
اڻويهه سؤ اٺهٺ ۾ اڻويهه بهار آيا،
هن گل جي واڌ سان گڏ وڌندا ڪي خار آيا.
هر ڪو پڇي ڪڏهن کان شاعر ٿيو تون آهين
جڏهن ٿيو پيار پيدا، ٺهندا اشعار آيا.
سوال: اوهان اڳ ۾ عاجز جي نالي سان شاعري ڪئي، ٻڌايو ته ارڏا ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1981ع جو دور هو قوم کي انقلاب جي ضرورت هئي ان وقت کان لکيم:
عاجز هاڻي عاجز ناهي، ارڏو، ارڏو آهي او يار
قلم قلم تي قلم قلم آ، ظلم نه آ ٻيو ڇاهي او يار
*
ظالم جي اڳيان مظلوم اٿي
حاڪم جي اڳيان محڪوم اٿي
ڇو سورسهين سختين ۾ رهين
تحريڪ هلاءِ اي قوم اٿي.
سوال: عاجز جي نالي واري شاعري مجازي هوندي. ٻڌايو ته ارڏي جي نالي واري شاعري ۾ ڇا لکيو؟
جواب: حقيقت ۾ مونکي حق ۽ مجاز جي اڃا تائين پوري خبر نه آهي. مون انگريزي ۾ هڪ بيت ۾ پڙهيو هو جنهن ۾ هڪ ماڻهو الله کي ڳولڻ لاءِ جبلن جي چوٽين ڏانهن چڙهي ٿو. اتان آواز ٿو اچي ته اي انسان مونکي هيٺ وڃي انسانن ۾ ڳول. اسانجي روحاني رهبر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه کان حضرت سلطان باهو رحه ۽ بابا حضرت بلهي شاهه سڀني انسان ته ڇا ڪک پن ۾ الله جو ڏس ڏنو آهي.
الله کي جو ڳولين انسان جان ملي،
انساني راز کولي رحمان جان ملي،
عضوا سڀئي سڏيون ٿا، هٿ پير نام ڏيون ٿا،
ارڏو ڪو ڳولي ڦولي، عنوان جان ملي.
سوال: اوهان کي ڪهڙن شاعرن جا رسالا ۽ اڳواڻ پسند آيا.؟
جواب: شاعريءَ ۾ جن جي مجموعي تي رسالو لکيل آهي اهو پسند آهي. رسالي جي معنيٰ خود هدايت آهي. صوفين درويشن جا رسالا جيڪي پڙهيم تن ۾ حضرت شاهه عنايت شهيد کان داتا فيض درياءِ ۽ داتا شاهه ولايت تائين، ٻين ٻولين ۾ بابا حضرت بلها شاهه کان حضرت باهو سلطان رحمته الله عليه تائين نه صرف پاڻ پڙهيم پر اولاد کي به پڙهائيندو آهيان. اڳواڻن ۾ انقلابي اڳواڻ پسند آهن.
سوال: ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو يا لکڻين جي حد تائين.؟
جواب: آءٌ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڌڪوٽ جو سيڪريٽري رهيو آهيان. سنڌ شهري اتحاد جا ضلعي ۾ سائين عبدالوهاب ڀيو، سجاڳ سنڌي، انتظار ڇلگري ۽ فتاح عابد جن سان گڏ سرگرم ڪارڪن رهيو آهيان.
سوال: اوهان استاد جي ناتي سان نئين نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيو ٿا.؟
جواب: هي علم ۽ قلم جو دور آهي، جنگ کان پوءِ ٽيبل تي ويهي ۽ احتجاج کانپوءِ عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچي متان پنهنجو ڪيس هارائي وڃو. هٿيار جو دور ختم آهي، هونئن به هٿيارن قلم جي آڏو هارايو آهي. هي چٽاڀيٽي جو دور آهي. ڪنهن جو قول آهي ته ڪنهن قوم کي غلام بڻايو ته ان کان انجو علم کسي وٺو.
وقت گذري وڃي پوءِ نه پڇتائجو،
ماس پنهنجو نه مجبور ٿي کائجو.
سوال: جئين ته سياستدانن کي استاد ئي پيدا ڪندا آهن.سڄاڻ استاد جي حيثيت سان انهن کي پيغام ڏيو جن کي پڙهائي ايوان ۾ موڪليو اٿو.؟
جواب:
ڪر بچائڻ لاءِ حيلا، پنهنجي ڌرتي جا وسيلا،
گڊو، ٿرمل، لاکڙا، کاڻوٺ جي پارت اٿي.
سچ جو سرواڻ ارڏو ٿي رهين ايوان ۾،
ڪشمور کان ويندي ڪلاچي ڪوٽ جي پارت اٿي.
آخر ۾ اهو ته، ارڏو اترادي منهنجو بابا آهي، جنهن جي صحبت ، محبت ۽ لڳاءَ ۾ اهي رنڊا روڙيا اٿم. سندس شخصيت توڙي شاعريءَ ۾ اها جاذبيت آهي، جيڪا پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي ۽ موهي وجهي ٿي.
اڃا به سندس شاعريءَ بابت گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو پر، انهن لفظن تي پنهنجي ڳالهه پوري ڪريان ٿو ته، ڇا اها مون لاءِ گهٽ فخر جي ڳالهه آهي، جو مان اهڙي فهمم فراست، ڪردار ۽ گفتار جي ڏڻيءَ جو فرزند آهيان.
[b]محب الله باجڪاڻي[/b]