چوڻ لئي دل ٿي چوي ته، چئي ڏي،
مگر اهو هت مڃيو نه ويندو.
هتي هزارين چئي ويا هئا،
عمل انهيءُ تي ٿيو نه ٿيندو،
چون ٿا سڀئي مڃيو اسان جي
مڃڻ لئي ڪوئي نه تيار هوندو.
ائين ته هرشيءِ ختم ٿي ويندي،
ائين ته هتڙي بهار ايندو،
اهو ئي سوچي اديب هاڻي
اهو ئي اڳتي جواب ڏيندو،
اچو سڀئي سهارو ڳوليون،
بچڻ لئي رستو ڀلارو ڳوليون.
گهڻن اديبن ادب کي ٻوڙيو،
قومي ٻڌيءَ جو يقين ٽوڙيو،
اڃا به آهن ٻه چار پيارا،
انهن ٻڌيءَ لاءِ گهڻو پتوڙيو،
” رسالو ڀٽ جو “ سنڌوءَ جي ساڃاهه“
” وڄون وسڻ “ سان علم هي کوڙيو
اڃا ” پرهه جو پيغام “ آهي،
وري به اهڙا ڪتاب جوڙيو،
اڃا به قومي ٻڌي جي خاطر
ادب سگهارو سڄڻ سهيڙيو،
اچو سنڌوءَ جو ڪنارو ڳوليون
سنڌو جي ڪپ تي پيارو ڳوليون.
اسان کان ايريون نه ڦيريون ٿينديون،
پنهنجن لاءِ ڪاتيون نه ڇيريون ٿينديون،
صفا لکون ۽ صفا سڻايون،
اسان جون دليون نه ميريون ٿينديون،
هتي اسان سان ، هتي هنن سان،
اهڙيون اڏاريون نه ڳيريون ٿينديون
اصل مسئلو بقا جو آهي،
ٻين لاءِ ٻڌيون نه ڇيريون ٿينديون،
انهيءَ تي اڄ ئي ته سوچ ” ارڏا“
سڀاڻي سسيون ڳنڍيريون ٿينديون،
اچو ته هڪڙوئي نعرو ڳوليون،
سڀن کان سهڻو ستارو ڳوليون.
***