هر وار کي واري ڇڏيم، هر ڪا گهڙي گهاري ڇڏيم،
دک درد سڀ دنيا سندا، کلندي کڻي ٽاري ڇڏيم.
دنيا دورنگي درد آ، فڪرات ۾ هر فرد آ،
سندرو ٻڌي سو مرد آ، همت نڪي هاري ڇڏيم.
ننڍپڻ حياتي کي ڇڏي، جوڀن جيئاپي کي سڏي،
ڏک سک ڇڏيم دل ۾ گڏي، ترهو ٻڌي تاري ڇڏيم.
عشق جو آغاز ٿيو، هي رازدان جو راز ٿيو،
تن من تنبورو ساز ٿيو، ها ساڻ هار هاري ڇڏيم.
هت ابتدا کان انتها، ان ڀيٽ ۾ هي عمر ڇا،
ڇا ڇا ڪري منجهه بي بقا، پوءِ به ڏيئا ٻاري ڇڏيم.
بس شوق مان شاعر ٿيس، ٿي محبتي ماهر ٿيس،
”ارڏو“ بڻي ظاهر ٿيس، پٿر به پگهاري ڇڏيم.
***