اسان جي ڳالهه هڪ آهي، اسان کان ڪانه ٻي ٿيندي،
زبان هڪ سان ٿئي هيڪر، وري ملندي نه ٻي ورندي.
مٿان کان انگ جنهن لکيو، اسان سوئي سبق سکيو،
تڏهن قدمن ۾ سر رکيو، حياتي هڪ جي نام هوندي.
ٿيل اقرار ازلي آ، تڏهن نوڪر سڏائيون ٿا،
نڀائيو آ نڀائيون ٿا، دنيا هي شاهدي ڏيندي.
حڪم ٿيندو هلي ايندس، حڪم ٿيندو هليو ويندس،
حقيقت هيئن هي چوندس، سواءِ تنهنجي ناهي سرندي.
ٿي ”ارڏا“ قرب جو قرضي، جيڪا محبوب جي مرضي،
ٿئي لوهار يا درزي، جيڪا دلبر جي دل گهرندي.
***