بيت ، دوها ۽ چوسٽا
لوڪ وهي لهوارو، اسان اوڀارو،
پنهنجو هي نعرو، ارڏا ان الحق جو.
*
هُن کي جي چاهين ، ته هِن کي ڏي ڇڏي ،
تنهنجي پوءِ تڏي، ڪهي ايندو قربدار ،
*
محبت سان هر محفل مهڪي،
وڻ ٽڻ ٽاري گل ڦل ٽهڪي،
روح ريهاڻيون تڏهن ارڏا،
جڏهن هڪ دل ٻئي سان ٺهڪي،
*
مان سان محبت ڏي ڇڏي
مان نه چوندس مان چڱو،
مان منجهان نفرت ڪرين،
تان ٿيئين تان تان چڱو
*
جو وقت گذري پيو پرين جي پيار سان،
سو وقت گذريو تيز هڪ رفتارسان،
سک ڏکن کي اگر جي توريان
زندگي گهاريم گهڻي آزار سان.
*
نه ڪي مندر نه ڪي مسجد ، نه ڪي ٿئي عيدگاهن ۾
اسان جي عيد ٿيندي آ پرين تنهنجي نگاهن ۾،
نگاهون تن نگاهن لئه ، نهارن روز راهن ۾،
اڃا وڌ مهرباني ٿئي ، خوشي کيڪار ٻانهن ۾.
*
قاصد پرين کي جلدي ، هيڻو ڏي حال منهنجو،
تو کان سواءِ هر دم آ جيئڻ جنجال منهنجو،
هرگز نه وهم ڌاريو ، ٻارڻ نه دل ۾ ٻاريو،
ٽهڪن سان وقت ٽاريو مڃيو هي سوال منهنجو
*
ڪبي ڪانه ڪائي ، شڪايت زبان سان،
وهن نير اکڙين مان مون کي نه چئجو،
اوهان جي نه ڪئي سار گلڙن جي ”ارڏا“
ڇڻن پن مکڙين مان مون کي نه چئجو،
*
لڙڪ لوڪان لڪائڻ سکياسون،
پيار ۾ چوٽ کائڻ سکياسون،
عشق ”ارڏا“ جڏهن آزمايو،
نينهن لائي نڀائڻ سکياسون،
*
روئڻ جنهن کي ٿئي راحت ، کلڻ تي خار جي آهي،
انهن جي ڀرسان هي محفل ، انهن تي بار جي آهي،
اسان کي ٻي جڳهه ڏسيو، انهن کان ڏور ٿي گهاريون،
نه ويهه ارڏا چيو لطيف ، تو کان بيزار جي آهي.
*
سونهن سمنڊ پيار بتيلو سچ سڙهه ڪري،
عشق وارو اعتبار سان تکي تار تري،
محبت ماکي مصري ڳوڻيون ڳڻ ڀري،
تيز هلن طوفان ” ارڏا“ ته به قرب ڪناري وري،
*
دنيا جي ڳالهه دنيادارن سان ڪرڻ گهرجي،
دل جي ڳالهه دل وارن سان ڪرڻ گهرجي،
جتي عام محفل هجي اي ”ارڏا“
ڪٿ ڳالهه کليل ڪٿ اشارن سان ڪرڻ گهرجي.
*
پيار پارس آهي ، لوهه تون ٿو چوين
راند مون آ کٽي ، ڊوهه تون ٿو چوين
ڏور ڏسڻي رکين ، پنهنجي اکڙين مٿان
صاف ميدان آ ، روهه تون ٿو چوين.
*
سڪ جو سودو ڪري ويٺو آهيان.
هام حياتي جي ڀري ويٺو آهيان،
وچن واعدا نه ٽوڙيندا ”ارڏا“
ائين نه سمجهو ته پري ويٺو آهيان،
*
اچو قرب وارا ڪا محفل مچايون،
اچي ڏيو سهارا ڪا محفل مچايون،
ٿين روز ديدار ، اکڙيون ٿين چار،
اچو ، ارڏا پيارا ڪا محفل مچايون.
*
علم جو سيکاري سو استاد ٿئي،
هي احسان انسان کي ياد ٿئي،
اٿي قوم جي گهر ڏيئو ٻار ”ارڏا“
تنهنجي روشني ساڻ آباد ٿئي.
*
پيار محبت جو ڏيئو رک دل اندر،
مهربان مالڪ هتي مهمان ڪر،
سڀني اوشاقن ائين ارڏا چيو،
دل اٿيئي يار جو آرام گهر.