ڪڇان ڪجهه ته ناراض ٿيندا پيارا،
صبر ڪيان ته مارون مرن ٿا موچارا.
هتي سچ سستو چوڻ لاءِ آهي،
ٻڌڻ لاءِ هتڙي ڪَرن ٿا ڪنارا.
ڇا، ڇا لکن ٿا، اها خبر ناهي!
وري پنهنجي پر ۾ سڏائن ستارا.
گهڻي کان گهڻو ٿو، ادب هاڻي ڇپجي،
مگر ويهه واٽون سوين پير چارا.
ڇڏي خاص قومي بقا جو مسئلو،
لکي ٿا ڏين عام کي عام نعرا.
جڏهن هڪڙي نعري تي ماڻهو مڙن ٿا،
وري ٻئي طرف ڏي ڪرن ٿا اشارا.
وري به امن ۽ بقا لاءِ لکندڙ
شڪر آ جو آهن، اڃا ناميارا.
انهن وس آهر گهڻو ڪجهه ڏنو آ،
سچا قوم جا ٿيا سدائين سهارا.
اڃا يار ”ارڏا“ گهڻو ڪجهه کپي ٿو،
اڃا ڏور آهن سنڌوءَ جا ڪنارا.
***