ڪالهه پياري پيءُ چيو هو،
ڪالهه موچاري ماءُ چيو هو،
دل جي دلبر يار چيو هو،
جوان ۽ پوڙهي ٻار چيو هو
تون ڇو نعرا مارين هاڻي،
پڌرو ٿي ڏيکارنين هاڻي،
ڇونه ڪرين ٿو سک پيارا،
سک ڇڏي ڇو ڏک پيارا،
ڪهڙا بکيا ٻار اٿيئي
ڪپڙي لاءِ لاچار اٿيئي
ڪهڙو آخر ڏک اٿيئي
آءٌ ڏسان ٿو سک اٿيئي
جيون کان بيزار رهين ڇو
ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار رهين ڇو،
منهنجا ٻڌ هي ٻول پيارا
ڪن ۽ اکيون کول پيارا
سڀ ڪجهه آهي تو وٽ هاڻي
ڦرجي ويندءِ اڄ يا سڀاڻي
ڌرتيءَ تي جي ڌاريا آيا
قيدي ٿيندا ڌرتيءَ ڄايا
تڏهن توکي ووٽ نه ملندا
نوڪريون ۽ نوٽ نه ملندا
ننڍا وڏا سڀ ماريندءِ
عضوا ڀڃي سڀ کاريندءِ،
مٺڙا مارون مرندا ويندا
لاشا تن جا ترندا ويندا
آخر مون کي سچو چوندين
پنهنجو پاڻ کي ڪچو چوندين
تڏهن مون کي ساري روئيندين
ويهي هنجون هاري ورئيندين
تڏهن ”ارڏو“ هت نه هوندو
سڏيندين پر سڏ نه ڏيندو.
***