شاعر هاڻي ڪيئن ڪري، او حاڪم توسان ٺاهه،
غربت جاهي گهاءِ، ڏسي خود اٽڪي پئي الله.
پاڻي بجلي تيل ٻري ٿو، گئس ۾ ماڻهو ماس ڳري ٿو،
ابتا سبتا بل ڀري ٿو، ڌڙڪي ڦڙڪي ڦڦڙ ساهه.
ڦاٽل ڪپڙا ٽٽل جيرا، قرضن ۾ ويا هاري ديرا،
وچن واعدا ڪيئي ڀيرا، آئيندي ايندا نيٺ ته گاهه.
هاري جي هر آس اڌوري، پورهيت جي آپگهار پوري
هاءِ مهانگپ ۽ مجبوري، جلد وڙهندءِ تن جي آهه.
هيڏا ڀاتي پاءٌ پٽاٽا، وٺي کائي چٽڻي چاٽا،
هڪڙو ويلو ڪري ڪاٽا، ناڙو ساڙو کائي گاهه.
هر هڪ دور ۾ غم ٿا کائن، پنهنجو هڏ ۽ ڄم ٿا کائن،
ماني بدران بم ٿا کائن، هاءِ حڪومت بي پرواهه.
ڪنهن جا ڪهڙا سورسڻايان. ڪنهن تي ڪهڙا شعر بڻايان،
ڪنهن جا ڪنهن جا نام ڳڻايان، “ارڏا“ اندر ۾ آڙاهه.
***