مزدور آهيان
مان مزدور آهيان، مان مزدور آهيان
مان ماني ڳڀي لاءِ مجبو ر آهيان،
رکي چٽسالي، فرش ٿو بڻايان
مگر ان جي اندر نٿو پير پايان
ٺاهڻ لئي مون کي سڏايو وڃي ٿو،
ٺهي کان پوءِ ڌڪجي ٿيو ڌار آهيان...
مان ملين ۾ ڪپڙو ته ٺاهي سگهان ٿو
اهو مال وڪرو ڪرائي سگهان ٿو
مگر وال هڪڙو نه پائي سگهان ٿو
وٺڻ لاءِ يارو مان معذور آهيان...
بجليءَ سان بازار روشن ڪرڻ ڪم
انهيءَ جي ته جهٽڪي ۾ جهٽجي ويو دم
ٻين جي گهرن کان ته اوندهه هلي وئي
صرف بلب خاطر مٿي سور آهيان...
ٻين کي ڍڪايان پنهنجا ننگ اگهاڙا
منهنجي خون پگهرتي ڌاڙا ئي ڌاڙا
منهنجي گهر جي ڀاتين مري جند ڇڏايو
مان هِن هُن دنيا ۾ ، نامنظور آهيان...
ڌاريو اسان جي ٿو کائي ڪمائي
چوي ٿو ته معذور آ ڀائي ڀائي
وڃن ڇونه ٿا عرب ۽ آمريڪا
وڙهي ويڙهه ان ۾ ٿيو چور آهيان ...
مزدور ، مزدور جو حق نه کائي
تڏهن ڀائي ڀائي جو نعرو لڳائي
هلي ائين دنيا ۾ هي ڀائيچارو
رهن پنهنجي گهر ۾ ته مشڪور آهيان ...
حقيقت ۾ مالڪ آ هاري ۽ مزدور
مگر ملڪ ابتو ۽ ابتو آدستور
انهيءَ لاءِ جهنڊا هٿڻ ۾ کڻي هي
”ارڏي “ جي نالي سان مشهور آهيان ...
***