آءٌ هلي هت ڏيئڙا ٻاريان،
جاڳي جاڳي رات گذاريان.
پل پل هتڙي وقت ورائي،
روئي دلڙي روز ڌتاريان.
درجو کڙڪو الڪو تنهنجو،
وري وري پيو واٽ نهاريان.
ننڍڙي دنيا ڪمري وانگر،
ماندي باندي گهڙيون گهاريان.
آس رکي هي آڳ اجهائيان
دم دم دل تي پاڻي هاريان.
ذڪر فڪر ۾ تنهنجو نالو
پل پل تنهنجو پيار پڪاريان.
خواب خيالي ۾ تصور تنهنجو،
سينو ٺاهي سيج سنواريان.
جذبا جاڳن تن من تڙپي،
جلدي آءٌ ته جام پيئاريان.
ساهه اندر ۾ ساهه سمائي،
اکڙين ۾ تصوير اُڪاريان.
توبن ”ارڏا“ جيوڻ ڪهڙو،
قرب ڪري اچ، ڪانگ اڏاريان.
***