مون کان وقت ڇا ڇا لکائڻ گهرين ٿو،
ظاهر ڪريان يا لڪائڻ گهرين ٿو.
چيم: ڇا حياتيءَ تي ڀروسو رهيو آ،
ڀلا ڇا اڃا ڪجهه بچائڻ گهرين ٿو.
وڏي قيد ۾ هيءَ حياتي آ گذري،
ننڍي قيد کان ڇا ڊڄائڻ گهرين ٿو؟
اسانجي اٿڻ ۽ ويهڻ تي به پهرو،
ڀلا ڇو نه پهرو پٽائڻ گهرين ٿو.
هتي هٿ وڍيل، هتي ساهه گهٽيل،
اڃا سر اڏيءَ تي ڪٽائڻ گهرين ٿو.
چيائين: نه ڪڍ ڪا هتي ٻاڦ ٻاهر،
ڀلا ڪوهه ڪيٽو جلائڻ گهرين ٿو.
چيم ڇا رهيو آشياني ۾ باقي،
اڃا نقش نالا مٽائڻ گهرين ٿو.
منهنجي مارئي ڪوٽ ۾ قيد آ،
اڃا ٿو چوين تون ڦٽائڻ گهرين ٿو.
چيو وقت مونکي خوشامد ٿي گهرجي،
چيائين پوءِ ڇو ناحق کپائڻ گهرين ٿو.
نه پڙهه شعر ”ارڏا چيو ڪيترن،
تون نروار نانگا نچائڻ گهرين ٿو.
***