سڄڻ ڪيئن تنهنجي سري آ سري آ،
منهنجي دل اوهان لئه چري آ چري آ.
نٿو ڏينهن گذري، نه ٿي رات سائين
صبح شام تنهنجي آهي تات سائين،
اکيون روز روئي سنڀاري سڏن ٿيون
مون ڏي منهنجا مالڪ وري آ وري آ.
سهڻو رنگ تنهنجو سهڻو نانءُ سائين،
اوهان لاءِ تڙپي منهنجو هانءُ سائين،
ٻئي سان نه سرچي منهنجو سآءٌ سائين،
تنهنجي ياد سان دل ٺري آ ٺري آ.
نٿا نيڻ وسرن، نه ٿي مرڪ وسري،
وٺي نانءُ ڪوئي، مونکان ڇرڪ نڪري،
فقط دل جو دل ۾ سنڀاري سدائين،
ائين درد ۾ دل ڳري آ ڳري آ.
توتي ساهه گهوريان، توسان حال اوريان
ڪندي ورد تنهنجو پرين چپ چوريان
سڀئي ڀئو ڀلائي ٿي ”ارڏو“ هلي آ،
تکي تار مان اڄ تري آ تري آ.
***