ٿڪا نيڻ راهون نهاري نهاري،
سُڪي ساهه ويو آ سنڀاري سنڀاري.
خدا ڄاڻي جاني، جدائي ۾ هاڻي،
ڏيندين موت مونکي روئاري روئاري.
فرق فاصلا ڇو پيا پاڻ ۾ ڏس،
پچي چپ پيا هي پڪاري پڪاري.
مران ها جي سوليءَ مٿان ننڊ ڪيان ها.
مگر انتظاري، اٿاري اٿاري.
پرينءَ ڌار هڪ وار سؤ سال ڀائيان،
ڪٽيم قيد دل کي ڌتاري ڌتاري.
محبت جي مرلي وڄايو ڪا جوڳي،
وڃو هي مقدر سنواري سنواري.
سسيءَ ۾ آهي ساهه ”ارڏا“ هلي آ،
تنهنجو آسرو ٿو جيئاري جيئاري.
***