اوطاق
حاڪمن جي حڪم جو نالو نه هو،
هئي آزادي امن هو، ڀالو نه هو.
پاپ جي پڃري سان ڪو پالو نه هو،
اوطاق کي تڏهن به ڪو تالو نه هو.
ان دور کان اوطاق ۾ سگهڙ هئا،
رات جي پوشاڪ ۾ سگھڙ هئا،
باک ڦٽندي ماڪ ۾ سگھڙ هئا،
سنڌ ڌرتي پاڪ ۾ سگھڙ هئا.
ڏس اها اوطاق اڄ به آباد آ،
ماهرن جو سگھڙن کي داد آ،
ريءَ پڙهي لکي ته ڪيڏو ياد آ،
واهه واهه هن قوم تي امداد آ.
هن ڪچهري ۾ اچي احساس ٿيو،
سو وڏو سگھڙ هتي جو پاس ٿيو،
درد جي کوري ۾ پچي سو راس ٿيو،
جو ڪريو سمجهو سڙي سو ناس ٿيو.
جيترا سگھڙ هئا سؤ وات هئا،
بٽڻن تي ڄڻ نوان آلات هئا،
امن جي ميدان ۾ ڄڻ ڪات هئا،
سڀ پريشان انس ۽ جنات هئا.
سگهڙن جا ساهه شوڪارا اُلا،
مون ٻڌي ڏسي ختم ٿيا حوصلا،
ڄڻ سڄي ڌرتي ڪري پئي واويلا،
سور سانڍيندا وتن پيا دادلا.
ڏور –ڏٺ-ڏهس ۾ نواڻ هو،
سينگاري واري صنف ۾ رتڇاڻ هو،
سگهڙن جي من ۾ مانڌاڻ هو،
خود روئڻ جي ساٿ ۾ سرواڻ هو.
ظالمن محبوب کي ماري وڌو،
گولين صفا سينو ڳاري وڌو،
موت سارو شهر آزاري وڌو،
هاءِ گهوڙا هانءُ هن ڏاري وڌو.
امن جي هن ڏيهه ۾ ايڏو قهر
کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ ئي زهر.
شال گذري رات جو پويون پهر.
سگهڙن جي سور ڪيو دل تي اثر
سو سگھڙ جيڪو ڏسي سو ئي گهڙي.
هن زبان تي ڪيئن زنجيرون ڪڙي.
گهر ڌڻي کي چور ٿو ماري اڙي.
هن حقيقت کي ڏسي روئي رڙي.
هن ڀريل اوطاق ۾ ”ارڏا“ اچي.
ڳالهه مارن سان ڪبي آهي سچي.
سو ر سلبا ، ها ، حياتي جي بچي.
قربدارن سان ڪبي ناهي ڪچي.
***