نٿا جي سڃاڻو، ته پرواهه ناهي،
سڏيو ٿا اياڻو، ته پرواهه ناهي.
اسان پيار محبت مٿي ناز ڪريون
اوهان وٽ آ، ناڻو، ته پرواهه ناهي.
اسان رات کي ڏينهن چَوندا نه آهيون،
سڏي ڪو نه سياڻو، ته پرواهه ناهي.
اسان قيد ڪڙين کي زيور ٿا ڄاڻون،
ڏيکاريو جي ٿاڻو، ته پرواهه ناهي.
اسان پنهنجي ڌرتي جا وارث بلالي،
گهرايو جي گهاڻو، ته پرواهه ناهي.
وري وقت آيو ته پوڄيندا پيارا،
اوهان ڪين ڄاڻو ته پرواهه ناهي.
اسان ٿر ۽ بر ۾ رهڻ وارا ”ارڏا“
ناهي گهر ٽڪاڻو، ته پرواهه ناهي.
***