اڌ آبادي عورت
مون کي پنهنجي پيءُ چيو:
عقل هوش وڃايو تو.
نياڻيءَ کي اسڪول اماڻي،
تون ته وڏو هي ڏوهه ڪيو.
ابي ڏاڏي ڪين پڙهايا،
توکي ڪيئن شوق ٿيو.
ورثي تي هي وڙهندا ٻار،
تن کي ڪير ڇڏائي ٻيو.
عورت گهرندي خود مختياري،
گهر کان ٻاهر پير پيو.
پڙهيل پاڻ وٺنديون ور
مردن جو ڄڻ مانُ ويو.
بابا سائين پڙهه قرآن،
خود خدا جو هي فرمان:
مرد ۽ عورت سڀ برابر،
ان تي آ مونکي ايمان.
علم سواءِ انسان انڌو آ،
ڪين سڃاڻي سو رحمان.
پٽ به منهنجو، ڌيءَ به منهنجي،
ڀل ورهائن هو سامان.
شاديءَ کان اڳ پڇبو آهي،
هوءِ به آخر آ انسان.
گهر کان ٻاهر ور سان ويندي،
هڪ ٻئي جو رکن مان.
غربت واريون گاهه ڪرن،
ڪي نوڪريءَ ۾ ڳولن نان.
علم وارن کي اکيون زياده،
ڪين ڪرن آخر ارمان.
اڌ آبادي عورت آهي،
ان کي ”ارڏا“ ڪر نه زيان.
***