خدا، گاڊ، ايشور يا الله سائين،
سڏن سڀ ٿا هڪڙي ڌڻي کي سدائين.
مذهب ۽ محبت ۾ ويساهه واجب،
جتي روح راضي اتي سرجهڪائين.
ڪثرت جي پويان جي وحدت کي ووڙين،
هڪڙي ئي دم سان تون دنيا ۾ آهين.
جيڪو لامڪان ۾ اهو آهي تو ۾
پرين پاڻ ۾ ڇو ڪشالا ڪمائين.
سڀئي دين دنيا ۾ آيا امن لئي،
اهو عهد اکر تون سيني سمائين.
لکين دل جي دفتر ۾ چونڊي چڱايون،
انهي کي سفر زندگي تون بنائين.
ڪري صاف سينو ڪڍي ڇڏ تون ڪينو،
ان ۾ ئي ”ارڏا“ ڀلو پنهنجو ڀائين.
***