منزلو ن مصيبتون ، پسي نه پيار ٽوڙيو
جي آفتون اچن اڳيان ، تڏهن به منهن نه موڙيو .
جي هٿ هنيائن تي هڻن ، ٽڪر ٽڪي پوءِ دم کڻن
ڏسو ، پرايو پاهڻن ، ڪيئن ٿا ڪٽجي بت بڻن
آس تي فرهاد ڪيئن پهڻ پٽي اکوڙيو
ڪيچ ڪاهي هيڪلي ، راهه رڻ ۾ پئي رولي
تڏهن به هن نه دل پلي ، وڃي پنهل سان هوءَ ملي
اوهان به اهڙي سڪ سان هي ناتو نينهن جوڙيو
ڏسي سنڌو جو وهڪرو ، اوهان نه عاشق ڏرو
گھڙا کڻي گھڙي ترو، ملي ميهار پوءِ مرو
جڳ ۾ جيئرا سي ٿيا ، جنين کي لهر لوڙيو
سڀ کان هي سبق سکو ، ته پير پيار سان رکو
نانءُ نينهن سان لکو، هي چاش چاهه سان چکو
اٽل اڏول ارڏا بڻجي پيار سان پتوڙيو
***