آهي زبان تي تالو – اظهار ڪيئن ٿئي،
هٿ پير منهنجا قابو – ڪم ڪار ڪيئن ٿئي.
آهيان اوهانجو قيدي، ڏکڙن جي ڏيهه ۾،
ان تي وڌيڪ گفتار اي يار ڪيئن ٿئي.
ڪونهي ڪو ڪانگ قاصد، من مهربان هتي،
پهرن مٿان آ پهرو هت پيار ڪيئن ٿئي.
اکڙين ۾ آب جاري. اندر هزار اڌمان،
سڄڻ اوهان جي آڏو سينگار ڪيئن ٿئي.
محبت بنا مٺا هي، ويران هر شهر آ،
مالهيءَ بغير گلشن گلزار ڪيئن ٿئي.
جڏهن جدائي ٿيندي، تڏهن نه رهبو هتڙي،
اي موت توسان باقي، اقرار ڪيئن ٿئي.
ڏاڍو ڏکيو گذارو، توکان سواءِ سائين
ته پوءِ توکان ”ارڏو“ ڌار ڪيئن ٿئي.
***