مارون سڀ مهمان ڏسان ٿو، ڄڻ ته سڀاڻي مارا ويندا ،
سختيءَ ۾ جي ساٿي ناهن ، ڪيئن وري سي وارث ٿيندا. .
اڄڪلهه ڪنهن کي الڪو ناهي ، ڪير آ قيدي ڪير آ ڦاهي .
ڌرتيء تي ويل وهن ٿا ، ڌرتي مالڪ ننڊ ۾ آهي ،
رڙيون ، ڪوڪون ڪنهن جا نعرا ، چوندا چريا تنهنجو ڇاهي!
ڪي ته چون ٿا دنيا ڪوڙي، ڪير دنيا ۾ گهر ٿو ٺاهي
اهڙا ابتا اکر جوڙي،
پنهنجي بربادي آڻيندا ...
هت هزارين هاري پيارا، صرف سڃاڻن ڏاند ڀٽارا ،
ملڪي سياست مور نه ڄاڻن، چاهي وڄايون دهل نغارا.
پرجي واهه ٻڌءِ تان وڙهندا، ڪين سڪائين پنهنجا ٻارا
هاڻي ته هي درياهه سڪي ٿو ، چوندا ڄاڻن سياست وارا
پاڻي ريءَ جي پوک نه ٿيندي ،
ڪيئن هٿن ۾ ڏاٽا هوندا ...
مير وڏيرا ، پير ڪامورا ، سڀ چون ٿا: ڀرجن ٻورا
هيءَ حياتي عشق و عشرت ڏينهن رهيا هي باقي ٿورا
هر دم پنهنجو مقصد تارن، ڪين سڃاڻن ڪارا گورا
ڏاڍن جا هو ڏن ڀريندڙ ، مسڪينن لاءِ ظالم زورا
ڪٽيءَ کائڻ وارا مجنا،
ليليٰ خاطر رت نه ڏيندا...
گهر جو والي ، هٿين خالي،
دشمن جي در آهه سوالي ،
ڪڏهن هن جو گهر ڀريل هو ، ان جا هئا آثار مثالي ،
ڪير ڦري ٿو ڪير لٽي ٿو ، سڌي ڪنهنجي آهي دونالي
اڃا ” ارڏن“ سمجهيو ناهي ، آخر ايندي يار زوالي
ننڍا وڏا ماريا ويندا ،
ڌرتيءَ تي جي ڌاريا ايندا ...
***