مهاڳ
پـــيار کي پاپ ڀائين متان
پـيار کان تون لنوائين متان
****
پيـــــــار انسان جو ماڻهپو
ماڻهپـــي کي وڃائين متان.
****
اها مطلع ۽ شعر نماڻو صديق مهيسر جي هڪ غزل مان آهن ۽ هن جي پوري شاعري انهن ٻن دائرن ۾ ڪيل آهي،يا هن جي شاعريءَ جا بنيادي موضوع اهي هي آهن.خاص ڪري غزل ۾ ان ڪري به غزل جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ايسيتائين جو روايتي غزل به پڙهڻ گهرجي.
هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي وقت ڏئي ٿو هڪ پڙهندڙ،ٻڌندڙ به ان شاعري کي وقت ڏئي ٿو انهيءَ ٽڪنڊي شاعري پڙهندڙ ۽ ان تي لکندڙ مان ڪهڙي ڪنڊ وڌيڪ اهم آهي شاعر، پڙهندڙ يا لکندڙ اهي ٽيئي ڪنڊون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم آهن.
پر منهنجي خيال ۾ انهيءَ ٽڪنڊي اندر شاعري وڌيڪ اهم آهي ڏسڻو اهو پوندو ته شاعري،پرهندڙ ۽ لکندڙ انهيءَ شاعري کي ڪيتري اهميت ڏني آهي اتي ئي ٻولي جي اهميت بابت سوال اڀري ٿو.جنهن ٻولي ۾ شاعري ڪئي وئي آهي .جنهن ٻولي جا پڙهندڙ اها پڙهن ٿا،جنهن ٻولي جا لکندڙ ان تي لکن ٿا،۽ جنهن ٻولي جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه جي ذميواري ٽي ايس ايليٽ جي لفظن م ،شاعر جي آهي.هڪ شاعر پنهنجي ان اهم ذميواريءَ کي ڪيتري قدر نڀايو آهي اهو سوال خود شاعر کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي،بلڪه پڇندو رهڻ گهرجي . ان ڏس ۾ اچار صورتختي ،اعراب تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي بيهڪ جي نشانين تي به جڏهن اسين ٻولي جي اهميت جي ڳالهه ٿا ڪريون، جنهن کان سواءِ شاعري ئي نٿي ٿي سگهي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته ٻولي جي لامحدود تخليقي قوتن کي تلاشڻ ۽ ڪتب آڻڻ. ان ڏس ۾ وسيع مطالعي جي ضرورت آهي، عام ماڻهن سان رابطي جي ضرورت آهي . ۽ انهن سڀني ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ انتهائي سنجيدگي جي ضرورت آهي.
ڪو غريبن کي لٽو ڏي پو مڃان
۽ لٽي سان گڏ اجهو ڏي پو مڃان
انهيءَ غزل جي ٻين شعرن ۾ ڳڀي، قرب، جي ڳالهه ڪيل آهي. ان مان لڳي ٿو ته “نماڻو“ اگهاڙ ۽ بک جي مسئلن کان آگاهه آهي ؛
کڻ قلم تون لک “نماڻا“ قوم تي،
شعر تنهنجو ڀي مزو ڏي پو مڃان
پرگهڻي ڀاڱي خاص ڪري غزل ۾، هن جو موضوع پيار، محبت، عاشقي، رسڻ پرچڻ ئي آهي،
اڄ ڇڏي تڪرار ڏي تون
اڻ ميو ڀي پيار ڏي تون،
۽ ان ۾ عاشقي ڪردار ڏي تون، ڪجهه ڪرڻ ديدار ڏي تون، ساٿ جو سهڪار ڏي تون... جهڙين مصرائن جو جڙاءُ آهي . هن جو رڳو ديدار ڪرڻ مان ئي ڪم نڪري ٿو وڃي. عاشقي ڪردار کانسواءِ زندگي بيڪار آهي. سهڪار ڏبو آهي يا ڪبو آهي؟
نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
ڏور ايڏو نه وڃجي ڪڏهن
جيئن موٽي نه سگهجي ڪڏهن
يا هي مطلع؛ ****
ماڪ ٻاهر وسي ٿي پئي
ياد تنهنجي اچي ٿي پئي
اها ياد ماڪ وسڻ جي ڪري آهي، ماڪ نه وسي ها ته پوءِ ڇا ياد نه اچي ها؟ ياد ته ڪٿي به ڪڏهن به اچي سگهي ٿي ! ان تي ڪنهن جو
ڪهڙو وس آهي. پر هتي ان پل جڏهن ٻاهر ماڪ وسي رهي آهي ( جيڪو هڪ خاص مهل ڏانهن اشارو آهي) ۽ اندر ۾ ياد تنهنجي اچي رهي آهي،، ان غزل ۾ هڪ شعر آهي؛
پيو وهي ٿو پگهر جسم مان،
جان ڀي هي ڏڪي ٿي پئي
پگهر ڇو پيو وهي؟ جان ڇو پئي ڏڪي؟ ٿي سگهي ٿو ته ان سان هيٺئين شعر جو ڪو تعلق هجي، جنهن ۾ “ٿڌ ۽ گرمي“ جي گڏجڻ جي ڳالهه آهي! ۽ جيڪا پڻ هڪ خاص حالت ڏانهن اشارو آهي ، سو نماڻو صديق مهيسر عشق ۾ ٽٻ آهي ۽ هن جي ذات ۽ ڏات، سڀ پرينءَ کي ارپڻ ڪيل آهي؛ ****
ڏات جي جا روشني مون کي ملي
شاعري تو کي ڇڏي ارپي پرين
نماڻو صديق مهيسر جو پهريون مجموعو “ تنهنجي سهڻي سار“ هو ۽ هي “ سونهن جي بارگاهه“ سندس ٻيو مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل (وڌيڪ) نظم، چوسٽا،بيت، ڏيڊوڻا، پنجڪڙا... آهن. ان ۾ نظم ڪل تيرنهن آهن جن ۾ هڪ نظم عيد جي عنوان سان به آهي؛
عيد ڇاکي ٿا چئو
عيد ٿيندي آ خوشي
عيد ڪنهن ناهي ڪئي
روز ماڻهون قتل ٿا
ڏس ڪراچي ۾ ٿين
روڊ رتورت سڄا
“تنهنجي آ سڪ لڳي“ “عيد“ ۽ “هڪ ٻڍي آ پڇو“ هن مجموعي جا اهم نظم آهن.
سنڌ تنهنجي مٿان
سنڌ منهنجي مٿان
ڪيس ڪيڏا ٿيا
ڳاٽ ڪهڙو کڻون
موڙ ڳاڙها ٻڌل
گهوٽ آهي ڪٺل!
(تنهنجي آ سڪ لڳي)
امداد حسيني
ڪراچي سنڌ
2.10.2012
*