شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

  ساهه تـــــــڙپي پيو ڇا ڪـــيان؟

ساهه تـــــــڙپي پيو ڇا ڪـــيان؟
من به ٻـــڙڪي پيو ڇا ڪيان؟

قيد خانـــــــــو ڪـــــري زندگي،
لوڪ مرڪــــي پيو ڇا ڪيان؟

ڪير ڪنــــهن جو نه همدرد آ،
درد ڀــــــــڙڪي پيو ڇا ڪيان؟

جڳ ســــــــڄو آ مـــــفادي ٿيو،
جسم ٿــــڙڪي پيو ڇا ڪيان؟

نانگ بڻجي ”نماڻي“ ڏي جڳ،
روز سُــــــــرڪي پيو ڇا ڪيان؟
*