شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

پنهنجي پاران

منهنجو شاعريءَ جو پهريون ڪتاب “تنهنجي سهڻي سار“ جنوري سال 2010 ۾ ڇپيو، جنهن کي اوهان پڙهندڙن وٽان ڀرپور مانائتي موٽ ملي آهي. ٽن سالن کان پوءِ هي منهنجو شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “سونهن جي بارگاهه“ اوهان مانائتن پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ حمد، نعت، منقبت، غزل، نظم،بيت، ڏيڍوڻا، چوسٽا، پنجڪڙا ۽ وايون شامل آهن. آءُ ڪو ايڏو سگهارو ڏات ڌڻي ڪونه آهيان، پنهنجي اندر جي داخلي توڙي خارجي گڏيل احساسن کي سئين سڌي نموني اظهاريو آهي. هي جڳ ڏکن سکن جو ميلو آهي ڪٿي روڄ راڙو ڪٿي دهل شرنايون، هوش سنڀالڻ کان پوءِ خوشين جي ڀيٽ ۾ ڏک منهنجي پلئه ۾ وڌيڪ پيا آهن. آءُ فطري طور جذباتي گهڻو رهيو آهيان.
جـيـجـل مـاءُ جي وڇـوڙي کـان پـوءِ ڦـوهه جـوانيءَ ۾ حـادثـاتي طـور 9 مارچ 2013ع تي پنهنجي گذاري ويل پنهنجي مرحوم ڀاءُ غلام شبير جي موت جو صدمو سهندي هن وقت ڏکائتي ڪيفيت ۾ جيون جون گهڙيون گهاري رهيو آهيان اهڙي غمگين گهڙين ۾ شاعري منهنجي اڪيلائي جي لمحمن ۾ بهترين سهارو بڻي آهي. موجودهه وقت ۾ ڏينهن و ڏينهن محبت ۽ ماڻهپي جي کوٽ شديد ٿيندي پئي وڃي اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ هر ساڃاهه وند قلمڪار تي فرض آهي ته هو پنهنجي شاعري وسيلي هيسيل ذهنن ۾ ٻاجهه ۽ امن جو پيغام اماڻن ۽ معاشري جي بهتر تبديلي لاءِ پاڻ پتوڙين.
منهنجي هن قلمي پورهئي “سونهن جي بارگاهه“ ۾ جيڪو ڪلاسيڪل پيغام سمايل آهي اميد ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ آٿت ۽ اتساهه جو سبب بڻجندو آءُ پنهنجي سڀني پڙهندڙن، مهربانن ۽ دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هروقت مون کي تنقيد براءِ اصلاح جي بنياد تي پنهنجي قيمتي راين کان آگاهه ڪيو ۽ ڪندا رهندا.
جن ۾ مانائتن ڏات ڌڻين منهنجي هن ڪتاب تي پنهنجي رايا مهاڳ مضمون لکيا آءُ انهن سڀني قلمڪارن جي دل سان آجيان ڪريان ٿو ۽ ٿورائتو آهيان انهن ۾ سائين امداد حسيني سائين عبدالغفار تبسم سائين قاضي مقصود گل سائين گوهر گل ڳورڙ سائين آزاد منگي، صابر سيدپوري، سائين محبوب علي ڏيپر، سائين احسان زنگيجو، سائين عبد مگسي ۽ منهنجي ڪتاب کي ڪمپورز ڪري سهڻي نموني سان توهان تائين جلد آڻيندڙ عمران سومرو (عمران انجم) آصف گاڏهي، عابد لنڊ ۽ خوبصورت صلاحون ڏيندڙ سائين جنسار علي خاصخيلي، سائين رحمت سومرو ، سائين الطاف جانوري، سائين ذوالفقار گاڏهي، سائين گلزار، سائين ايڊوڪيٽ عابد چانڊيو، سائين بشير ڀنڊ، سائين معصوم بخاري، سائين امتيازعادل سومرو، سائين احسان دانش، سائين رضوان گل، سائين ثناءُ الله چنجڻي، سائين دلدار راڌڻائي، سائين بسمل راڌڻائي، سائين مانجهي زرداري، سائين ساحل لاکير، سائين ساٿي محبوب زنگيجو ۽ والد ِ محترم محمد عثمان مهيسر ۽ ٿورائتو آهيان پنهنجي پيارن دوستن شاهد ابڙو، علي اضعر چانڊيو، خانڻ پتوجو، عنايت راهي، هدايت الله سومرو، ذوهيب جتوئي، ڪامل امداد جتوئي، يوسف سنڌي، فقير محمد سنڌي ،خليق ٻگهيو، خدابخش مهيسر، منظور مولائي کوسو،محبوب جانوري،سائين ساجد چانڊيو، شاهد علي خاصخيلي، وحيد علي خاصخيلي ۽ تمام پڙهندڙن سڀني مانائتن سڄڻن جو شڪرگذار آهيان.
هن ڀيري به توهان پڙهندڙ جي راءِ جو انتظار رهندو.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت

نماڻو صديق مهيسر
03003255769
ڳوٺ پپري راڌڻ روڊ ميهڙ
معرفت غلام محمد ڳورڙ ڪريانه مرچنٽ
مين روڊ ميهڙ