شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

وقـــــــت ڪــــــيڏي جـــــفا ٿــــو ڪــــري

وقـــــــت ڪــــــيڏي جـــــفا ٿــــو ڪــــري،
يـــــــار تــــــــوکـــــــــان جـــــــــدا ٿو ڪري.

زنــــــــدگــــــي تــــــــوســـــــوا بــــي چسي،
درد ويــــــــــتر ڳـــــــڀا ٿــــــــــو ڪـــــــري.

پـــــــــــــيار جــــنهن کــــــي ڏيان ٿو سڏي،
ســوئي نــــــفرت عــــــطا ٿــــــو ڪـــــري.

روح منهـــــــنجو ڦــــــــٽـي ٿــــــــــــو پرين،
ڳالهه مون سان نه ڪــــا ٿـــــــو ڪــــــري.

وقــــــت ڀـــــل بـــــي وفـــــــائي ڪـــــري،
روح تـــــــوســـــــان وفـــــــا ٿـــــو ڪــــــري.

ڏس “نــــــــماڻي” جـــــــــي چريائي کـــــي،
عشـــــق جـــــي پــــــيو خــطا ٿو ڪـــــري.
*