شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

ڏور ايــــــــڏو نـــه وڃــــجي ڪـــــڏهن 


ڏور ايــــــــڏو نـــه وڃــــجي ڪـــــڏهن
جـيئن موٽي نه سگهــجي ڪـــــڏهن

هيڪــــلو همـــسفر کــــي ڪــــــري
راهــه ۾ اِينءَ نه ڇـــــڏجي ڪــــڏهن

پـــــيار ڏئي جـــــو ســـڏي پــــــاڻ ڏي
من مان تنهن کي نه ڪڍجي ڪـڏهن

سُــڌ نه آهــــي حيـــــاتي جـــــي ڪا
ويـــر ڪنهن سان نه رکجي ڪڏهن

پنهنــجــي منــــزل رڳـــــي پيــــــــــار آ
واٽ ٻـــــــي ڪـــا نه وٺجي ڪڏهن

نــــفرتـــون نــــانگ جــــهڙيون اٿئي
جــــاءِ تن کـــــي نه ڏيـــجي ڪڏهن

نــيهُن قـــــائم ”نــــماڻــــا“ ڪــــري
منهن به تنهن کان نه مٽجي ڪڏهن
*