شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

عابد حسين آهي ذاڪر حسيّن رضه آهي.

عابد حسين آهي ذاڪر حسيّن رضه آهي.
اسلام جو محافظ سرور حسّين رضه آهي.

رهبر ٻيو نه آيو، آهي نه ڪو ئي ايندو،
ناني نبي امت جو رهبر حسّين رضه آهي.

ڪربل ۾ سر ڪٽائڻ خاطر ٻچن سان گڏجي،
خدمت ته دين جي لئه حاضر حسّين رضه آهي.

سختي جي راهه تي ڀي صابر حسيّن رضه رهيو،
صابر ٻيو نه ٿيندو صابر حسين رضه آهي.

ڪافر ويو مري آ، جيئرو به ناهي ٿيڻو،
باطن حسين آهي ظاهر حسين رضه آهي.

ناهي مونکي محبت ڪنهن ڀي پليت سان ڪا،
عاشق حسين جو هان، دلبر حسين رضه آهي.

مقدر وڃي پيو ان جو سنور جي سدائين،
جنهن جو ويو بڻي بس مقدر حسّين رضه آهي.

آهيان حسين جو مان آهي حسين رضه منهنجو،
منهنجي اکين سندو ئي منظر حسّين رضه آهي.

نيزي تي ڏيئي خطبا ثابت ڪري ڇڏيائين،
ڪربل جي سرزمين جو حيدر حسّين رضه آهي.

هت آءُ هڪ نه آهيان، آهن غلام ڪيئي،
پائي ڏسو ته جهاتي گهر گهر حسّين رضه آهي.

اسلام جي بقا لئه قربان گهر ڪري ۽،
سچ ٿي پيو وفا جو پيڪر حسّين رضه آهي.

ناهي ٻيو ڪو رستو مولا حسين کان بن،
اول حسين آهي آخر حسّين رضه آهي.

سو ڪيئن نڌڻڪو ٿيندو ڏس مون کي ”نماڻا“
جنهن جي اندر سمايل جيڪر حسّين رضه آهي.
*