شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

 ســـنڌ ســــلامت ســــاري رهندي


ســـنڌ ســــلامت ســــاري رهندي،
تــــو تي ٽنگـيل ڳــــــاري رهندي!

تــــوســـان دشمن وڙهندو رهندس،
قــــوم بـــه تنهنجي مـــاري رهندي!

ٿــُــــو ٿـــــُو تــــو تي ڪــرڻي آهي،
لعــــنت تـــــوتــــي جــاري رهندي!

ڌرتــــي ان کــــي ڇـــــــڏڻي پوندي،
جنهن جي توســـان يـــاري رهندي!

غـــــيرن کــــي لـــــوڌي ڪــــڍڻو آ
مخلـــــوق نه ڪــــا ڌاري رهندي!

سج جـــــا ڪِــــرڻا جيسين رهندا،
ســـــنڌ ســــڄي ســوڀاري رهندي!

ڀـــل ڪـــــو ميــــڙي ڏيـهه ”نماڻا“،
ماتا بس سو ڀــــــــاري رهندي!
*