چپ چمان تنهنجا ڪنوارا هي مٺي
ڏک لهن منهنجا پــو سارا هي مٺي!
نيڻ مون ڏي ٿي خماري تــــــون کڻي،
ڄڻ سنڌوءَ جا ٿئي ڪنارا هي مٺي!
نانءُ تنهنجو مـــون سبــي من ۾ ڇڏيو،
گهــــور تـــــــوتان چنـــڊ تارا هي مٺي!
پيار تنهنجـــــو آ ضـــروري پاڻ لئه،
ڏي چمڻ تـــون نيـــڻ پيارا هي مٺي!
شهر تنهنجي ٿو اچان تنهنجي ڪري،
توسان هن سينــــگار ســــارا هي مٺي!
ڇـــا ڪـــــــري بيوس “نماڻو“ آ بڻيل،
جذبا جنهـــن جا هن اڃارا هي مٺي!
*