جذبــــا تـــولئه ساڳــا منهنـجا
نيــــڻ نــــــماڻا آتــــــــا منهنـجا!
رڻ ۾ رولي مون کـــي وئين تون،
ڏوهه هئا ڏس ڪهڙا منهنـجا!
قسمت آهي اهـــڙي منهنجي،
ساٿ ڇڏي ويا پاڇا منهنجا!
روح رڙي ٿـــو تـــــولئه منهنجو،
زهر ويا ٿــــي کــــــــاڌا منهنجا!
تـــــوبن جيون ڪهڙو منهنجو،
تـوکان وڌ ته نه پنهنجا منهنجا!
ساهه سڪي ٿو هيانءُ ڏڪي ٿو،
تـــــوســـــان اڻ ٽٽ ناتا منهنجا!
پيــار “نـــماڻي“ جــــو پرکي وٺ،
توبـــــن مــــائٽ ڇاجا منهنجا!
*