شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

  بــــــــي ڏوهه وئـــــي مــــــــــاري آهي

بــــــــي ڏوهه وئـــــي مــــــــــاري آهي،
ظـــــــالــــم ڀـــــيڻ ويــچــــاري آهي!
ڪــــــــاري نـــاهــي ڪــــاري ناهي.
ڪپڙا جــنهن کي ڌوئي ڏي پــــئي،
ڏک هـــن جي تي روئي ڏي پئــــي!
پــــــــاڻي وانـــــــــگي اجــــري آهــي،
ڪـــاري ناهي ڪــــــاري نــــــــاهي.
ڀاڪر جنهن کي سڪ مــــان پايو،
ڀــاءُ پـــــئي هــــــنج ۾ کيــــــــــــڏايو،
پــــــــــاڙي کـــــي پئــــي روز ٻڌائي!
ڀــــــاءُ وڏو ٿــــــــــي ڏکــــــڙا لاهــــي،
روئــــــندي روئنــــدي حال وڃـــائي!
آســــــــن ۾ پــــــئي جيـــــئندي آهي،
ڀــــــــاءُ ٿــــــــــيو آ وڏڙو هـــــــــــــاڻي!
پــــــــاڙي کـــــي ٿــــي هــــوءَ ٻڌائي،
ڪــــــاري نــــــــاهي ڪاري ناهـــي.
منـــــزل وٺـــــــبي هـــــاڻـــي ماڻــــي ،
ڏک ويندا ســـڀ رب ٿـــو ڄــــاڻـي!
ڀـــــــاءُ خـــــــوشـــيـــــون ڏيندو آڻـي،
ڀـــــــاءُ ڇُريءَ ســـــــان مـــاري آهــي!
پنهنجي ڀيڻ ويـــــــــچــاري آهـــــي،
ڪــــــاري نــــاهي ڪـــاري ناهـــي.
*