شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

روح منهـــنجي ۽ رڳـــن ۾ آهيــن تــون شـــــامـــل حيسن رضه،

روح منهـــنجي ۽ رڳـــن ۾ آهيــن تــون شـــــامـــل حيسن رضه،
تـــــوکـــــان پــــو عادل نه ٿيندو تون وڏو عــــــــادل حسين رضه!

گهر عــــليءَ جـــــو ۽ ســــڄي دنــــيـــــــا اَهي مهڪي پئــي،
فاطمه رضه جي جيئن جهوليءَ ۾ ٿئين داخـــل حسين رضه!

تنهـــنجي قــُـــربـــانيءَ جي عيـــوض ٿـــا پڙهون ڪلمو اسان،
تنهنجو جهنڊو اوچو ڪلمي ســــــاڻ آ مــــــرسل حسين رضه!

حــق ســــــندي تـــــو واٽ ڏيــــــــــکاري شـــهادت آ ڏئــــي،
مــــــاڻهپو بخـــشي اسـان کي تو ڪيو قـابــــل حسين رضه!

تــــــوتي منهـــنجو آ عقــــيدو منهـــــنجا ســــــــــچا رهنما،
ڪين توکان مان ڪڏهن آهيان رهيو غــــافـــل حسين رضه !

دين خــــــاطــر ســــــر ڪـــــٽايـــــا ڪيـــــترن آهن مـــــگر،
دين تنهنجي ئي ڪري بيشڪ ٿيو ڪـــــامل حسين رضه!

ذڪــــــر منهـــــنجي فڪر منهنجي ۾ رڳو نــــــالو ســــندءِ،
ڏي شـــــفا جهولي جهلي آهــــيان ٿيو سائــــــل حسين رضه!

تنهـــــنجو آهي بــــس “نـــــماڻو” تنهنجو ئي رهندو ســــدا،
ٻاجهه تنهنجي شل رهي تنهن جي مٿان فاضل حسين رضه!
*