درد سان تــــــون دوستي ڪر پو مزو
ٻــــاٽ ۾ ڪــا روشنـي ڪر پو مزو!
جو ڏکائي ٿو ڇڏي هت دل تنهنجي،
تنهـــنجي بهتر زندگي ڪر پو مــــزو!
ڪين رک دل ۾ ٻيائي تون ڪڏهن،
آدمي سان دل لــــــڳي ڪــــر پو مزو!
هٺ ڇڏي سارو زمين تي هل پـــــيو،
۽ وري ســـــــــادگي ڪر پو مـــــــزو!
زنــــدگـــي بهتر “نماڻا“ جي ڪـرين،
قوم جي ڪا رهبري ڪر پو مـــــزو!
*