شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

آهــــي گهـــڻي ســــڀن کـــــان عظــمت حسين رضه جي

آهــــي گهـــڻي ســــڀن کـــــان عظــمت حسين رضه جي
دل ۾ ســــــــدائيـن آهـــــــي عقـــــيــدت حسين رضه جي

جنــهن ڀـــــي جـهــــلــي آ دامــــن دلبر حسين رضه جي
تنــهن تـــــي وســي ٿــي هر دم رحمت حسين رضـه جي

بـــيشڪ بهــــــادريءَ ســــــان لــــــــڙيـــــــــو يزيد سان
حــق لـــــئه هــــئي همــــيشه بـــــغاوت حسين رضه جي

در کوڙ ٿو ڏِسان مان سنسار ۾ سخين جا
لـــيڪن مـــــٿي آ ســــڀ کان سخاوت حسين رضه جي

پڪ ٿــــــم تــه ملــــندي جــــنت سڀ ڏوهه بخشــــبا،
دل ۾ هـــــميشه آهــــــي محــــــبت حســـــين رضـــه جي

جـــــــو ڪــــــجهه بـــــه اڄ “ نــماڻو“ بڻيو“ صـديق” آ،
ســـــا ڀي انـــهيءَ تـــــي آهـــي عنايت حسين رضه جي.
*