پرقلمڪار لئه زندگي ٿورڙي!
زميني حقيقتون ڪائنات جون وسعتون ،سندس آڏو دنيا جن ڪار وهنوار نياءَ ،انياءَ،گناه ۽ ثواب جا ڪينواس معيار ۽ مايا به هر ڪنهن ڪوتا گرجا پنهنجائي ٿين ٿا .
شاعري جي کيتر جو سفر آئون ڀانيا ٿو دنيا جي ٻين فنون لطيف وارن وارياسن جي ڪشالن کان منفرد ،انوکو ۽اهنجو پڻ ٿئي ٿو ڇو جو لفظن جي تاڃيپيٽي آڌر احساسن،امنگن۽ انسان جي مختلف اڌمن جو اثرائيتو خاڪو بڻائي پنهجن هم زبان همعصرن تي حاوي ٿيڻ،پاڻ کي نشانبر ڪرڻ نهايت ڏکئي ۾ڏکيو ڪم ٿئي ٿو،
ڪلا جي هن اڻانگي سفر۾ ڪيترا اڻ ڳڻيا همسفر به توهان سان هن قافلي ۾ گڏوگڏ وکون کڻندا هلن ٿا هتي آئون اهو پڻ ٻڌايان ته شاعراڻي تخليق جي اظهار ۾ شاعر جا موضوع انسان ۽ فطرت جي عام واقعن مان کنيا وڃن ٿا ۽ پوءِ تخليقڪارتي اهو لازم ٿئي ٿو ان واقعن۾ ،ڪردارن ،فطرت جي نت نون ظاهري ۽باطني گجهن ڪائنات جي وشالتا ان وشالتا ۽ وسعتن ۾ وسندڙ سهسين سندرتائون رنگ برنگ منظر نيرن ندين جا وهڪرا حسين پوپٽن جون اڏارون بدلجندڙ موسمون ۽ هر موسم آهر اندر ۾ اڀرندڙ جنم وٺندڙ ولولا مهم جوئين ۽ عاشقي جي لازوال داستانن تاريخ جي مهربانين ۽ بي رحمن جي بياني پنهنجي پوري مشاهدي سان اثرائتي زبان ۾ ڪرڻي آهي ته جيئين سندس تخليق جو لاڀ عام کان خاص تائين پهچي سگهي جيڪا ٻولي عام زندگي ۾ عام جي واتان ڳالهائي وڃي سائي اگر شاعريءَ ۾ به اظهار جي ته پوءِگهڻين ڀاڱين تخليقي سفر سڦل ياسجايو بڻجي ٿو سنڌ جي سماجي سياسي معاشي عشقيه ۽ بين انيڪ رخن جي شاعري هينئر پنهنجي پنهنجي وس آهر هر سرجڻهار جو موضوع بڻيل آهي قلم ۽ ڪلڪ جي نب روان دوان آهي پر اها رواني پنهنجي سماج ،فرد،۽ قومي مقصد لاءِ ڪيتري ڪارآمد آهي اهو طئي وقت ۽تواريخ کي ڪرڻو هوندو آهي ان سان گڏو گڏ اهو به ڏسڻو آهي ته ان شاعر جي ٻولي ان قوم جي ٻوليءِ کي ڪيتري هٿي ڏئي ان کي وقت پٽاندر مضبوط کان مضبوط ڪندي رهي ٿي يا نه ، ٻوليءِ جي استغفارذ تشبيهن پهاڪن محاورن مروج ۽ متروڪ لفظن کي اها ڪيترو زنده رکي ان جو تسلسل بڻجي ان جي سهائتا ڪري ئي. ٻولي ۽ شاعري کي ڀرڀور۽ مالا مال ڪرڻ لاءِ ٻولي جي هر لکاريءِ کي سڀ کان اڳ ۾ اهو تعجب نه ڪرڻ گهرجي ته سندس هرئيندڙتخليق سندس ٻولي جي مٿين گهرجن جو ڪيترو پورائو ڪري سگهي ٿي يا پورائوڪندي يا پورائي ڪرڻ جي قابل آهي. منهنجي تجربي مطابق ته هر منصف سڀ کان اول پنهجي تخليق جو پاڻ ئي وڏومنصف ٿئي ٿو وقت جي وهڪرن، ميڊيا ۽ دنيا جي ٻين ابلاغ جي ذريعن ۾ وڪوڙيل ۽ وچڙي پيل ويچاري عام ماڻهو جي منجهيل ميتن ۾ ايتري دفاعي سگهه ڪٿي باقي رهي آهي جو هو پنهنجي پيٽ، نفس، عزت نفس ضمير ۽ ان سان گڏوگڏ پنهجي ٻولي، تهذيب جوبه هڪ ئي وقت دفاع ڪري سگهي. بي پناھ خواهشن ۽ نماء جي اڻ کٽ ڀاونائن ۾ ورتل حريعس ماڻهوءَ جون هينئر ترجيحون ئي ٻيون ٿيون ويون آهن پر ان سڄي موجوده وايو منڊل ۾ نه هڪ قبيلو اڃان اهڙو آهي جيڪو ٻين جي مقابلي ۾ اڃان گهٽ حريص۽ داغدار بڻيوآهي ۽ ان لکاريءَ قبيلي جو هڪ فرد،اسانجي هن ڪتاب جو شاعر نماڻو صديق مهيسر به آهي سونهن جي بارگاھ ۾ سربجود پنهنجي مطلوب جي طالب نماڻي صديق پنهجي نئين نڪور شاعري سان سنواريل ڪتاب جو نالو ئي رکيو آهي سونهن جي بارگاھ سندس شاعري جا حسبِ روايت موجوده رحجان موجب سونهن۽ ساڻيهه جي موضوعن تي مشتمل آهي پر ان روايت يا کيس جو هي ڪو نئون يا پهريون مسافر ڪونهي جتي ڀٽائي سرڪار صديون اڳ چوي ٿو
سڄڻ ۽ ساڻيھ ڪنهن اڻاسي وسري (شاھ)
اتي ان پنهنجي روحاني پيشوا جي تقليد ۾ نماڻو صديق مهيسر به ساڳي نوع جو ساڳيو اظهار شاعري جي بنه پنهنجي ورتاءَ ۾ اجهو هنئين ٿو ڪري
سنڌ ۽ منهنجي پرين جي اي خدا، شل سلامت آبرو جاري رهي
سونهن ۽ ڌرتي نماڻو پيو لکي بس لکڻ جي آرزو جاري رهي (نماڻو صديق مهيسر)
نماڻي صديق جي شاعري جو، تنهنجي سهڻي سار کانپوءِ هي ٻيو شاعريءَ جو ڪتاب جنهن جي وچم وٿي فقط ٽن سالن جي آهي سو ازخود پاڻ ئي نماڻي صديق جي هن شاعراڻي پنڌن پيچرن جي سفر جو ساکي آهي ۽ ان جو وڏو پختو شاهد هي ٻيو ڪتاب سونهن جي بارگاھ خود آهي منهنجي دلي دعا آهي ته هو پنهنجي ساڻيهه پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي پنهنجين پورين سچائين سان ڀريندو رهي ۽ کيس ڪڏهن به شاعريءَ جي رڻ جو سفر ڪندي ٿڪ جواحساس نه ٿئي
عبدلغفار.تبسم
نئوديرو
*