بيت
چــــنڊ تنهـــنجي ســـونهن جي کڻي پيو چغلي
تنهـنجي نڪ جي ڦـُـلي، جرڪايو ماحول کي
*
چـــنڊ ڏســـــي توکـــــــي لــــــــڪو آ جهڙ ۾ اندر
تنهنجي سونهن تڪي حيرت ساڻ چڪور پيو
*
چنڊ تنهنجي سونهن تي کائي پيــو ڦـــيريون
ستــــارن ڇيــــــريون، وڄــــايون تــــوکي ڏسي
*
چنــــڊ اســـان جـــي پيار جون کڻي پيو ساکون
چاهه جــــون بـــاکون، سانڍيل منهنجي ساهه ۾
*
چنـــڊ ڏســــــي توکي پئي جاڳي منهجي ڏات
لکيــــم ســـــاري رات، سونهن پرين ۽ سنڌ تي
*
قـــوم جــي پئسن تي پــــيو رنڊيون نچائين
ڇــــوٿـــــو لـــٽائين، قــــومي دولت سنڌ جي
*
ٺـــــوڳــــي نـــــاهي مــــــون ڏٺـــو توجهڙو ٻيو
تــــو پاڻي وڪيو، پـــــنهنجي سنڌو درياءَ جو
*
کــڻـڻ ڪـــــهاڙيـــــــون حق نه ٿو تنهنجو ٺهي
فلــمون اگهـــــاڙيـــــــون، پاڻ هلائين گهر اندر
*
جـــي آهيـــــن دليــــــــر غدارن سان ويڙهه ڪر
سچارن کي ڪير، روڪي نه سگهندو راهه تان
*
عليءَ جــــــو نعرو ٻـــــڌي منهن لهئي ٿو ڇو
تـــــو نه اڃــــــــان ڄــــــــاتو، اسان جي امام کي
*
سوچ ڪجــهه ســـــڌر سنڌ جـــــا او رهــواسي هاڻ
مــــاٺ آهيـــن ڇـــــاڪــــاڻ، ڌاڙا سنڌوءَ تي ڏسي
*
پـــــــــري رهـــــه نه پـــــــري الا ڌيــــــــان ته دل ۾ ڌار
ويـــــــڇا سڀ وســــــار، پــــــرچي پئهُ هـــڪ پل ۾
*
ڌاريـــا ڌرتـــــيءَ منهنجي مــــــــٿان آهين وڏو تون بار
سِســـي کـــان ڌڙ ڌار،ڪبو تنهنجو ڪهاڙيءَ سان
*